مان شروع کان وٺي چوندو رھيو آھيان ته دبئي اهڙو شھر آهي، جنھن جا ڏينھن به الڳ آهن ۽ راتيون به. گهمندڙن لاءِ اهو هڪ چمڪندڙ تماشو آهي، جڏهن ته هتي رهندڙن لاءِ زندگيءَ جي مسلسل جدوجھد. دبئي صحرا ۾ ڪنھن سراب وانگر به لڳي ٿو، ۽ ڪنھن رنگبرنگي انڊلٺ وانگر به. جتي گهٽي گهٽيءَ ۾ عبدگاھون به ملنديون ته آڇ گاھون به. ھيءُ شھر گونان گون آھي. جتي سڪون جون سھولتون به آھن ته هانٽيڊ هائوس جھڙا اڪيلائيءَ جا احساس به. ھتي فطرت پڻ انڊلٺي آھي. ھتي اڀرندي پاسي وارِي اڏامندي نظر ايندي آھي ته اولھندي پاسي سمنڊ پيو ڇُلڪندو آھي. پراڻي پاسي وَکر وڪڻڻ وارا ڪِولين جيان پيا گُهمندا ته اتي نئين پاسي اَکر وِڪڻڻ وارا ڳچيءَ ۾ لئنيارڊ ۽ آءِ ڊي ڪارڊ لڙڪائيندي نظر ايندا. بھرحال دبئي ھڪ الڳ جھان آھي. مون پنھنجي زندگيءَ جا ڏھ سال ھن شھر کي ڏنا آھن، پر اڄ به اھڙو حال آھي، جيئن: ”ڪڏهين کُلن در دوست جا، ڪڏهين تاڪِيون ڏِين، ڪڏهين اچان اچڻ نه لھان، ڪڏهين ڪوٺيو نِين“.
مارچ ايندي ئي دبئيءَ جو سج ڪڏھن ٿڌو ته ڪڏھن ڪوسو تاءُ ڏيڻ شروع ڪندو آھي. پر ھن ڀيري دبئيءَ جو ثقافتي منظرنامو تيزيءَ سان اڀرندڙ نئين سڃاڻپ جو هڪ منفرد سنگم بڻجي ويو آھي. هن مارچ ۾ رمضان، بهار ۽ جنگ جون ڳالهيون ڄڻ گڏجي ويون آهن. شھر جي “حالتن” جو جائزو وٺندي، ڪنھن ليکڪ لاءِ هتي جو ماحول سياسي بحثن بدران ثقافتي رنگن ۽ فطرت جي بھار جي ميلاپ سان جُڙي ٿو. منھنجي دل به چوي ٿي ته تجارتي جاين، فنِ تعمير جي پاسن، ۽ شھر جي لائبريري سسٽم ۾ موجود پُرسڪون ڪُنڊن تي لکان. دبئيءَ ۾ علائقي جي بيچين فضائن سبب ڪڏهن ڪڏهن ايمرجنسي الرٽ جا پيغام به ايندا رهن ٿا ته اتي ڪاروباري، تفريحي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ پنھنجي جوش سان جاري آھن. ائين چوڻ ۾ ڪا خرابي ناھي ته جتي دبئيءَ جي آسمان ۾ ٺڪائن جا آواز آھن ته اتي دبئيءَ جي زمين تي روزاني جا وھنوار جا ھوڪا پڻ جاري آھن. ھيءُ بيانيو ڪو سوشل ميڊيا تي موجود افواھن جي رد ۾ ناھي، پر ھڪ ليکڪ جو مشاھدو آھي.

ولفة جي مُند: عڪس ۽ تعلق جو هڪ ثقافتي سنگم
دبئي ۾ هڪ اهم ثقافتي تحريڪ “ولفة جي مُند” (Season of Wulfa) جو آغاز ڪيو ويو آھي. هي عربي جي لفظ “الفة” مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: ’پنھنجائپ، هم آهنگي، يا محبت‘. هن تحريڪ جو مقصد اماراتي روايتن جھڙوڪ ”حق الليله“، رمضان ۽ عيد الفطر کي سماجي اتحاد جي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئڻ ۽ برادريءَ جي جذبي کي هٿي وٺائڻ آهي. هيءَ موسم شھر جي سماجي ڍانچي کي سمجهڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي، جيڪو ٽن بنيادي ٿنڀن تي بيٺل آهي:
عڪس (Reflection)، تعلق (Connection)، ۽ برڪت (Blessing).
ولفة مُند جي شروعات شعبان جي 15 تاريخ تي “حق الليله” سان ٿئي ٿي. الراشديه ۽ المظھر جھڙن علائقن ۾، ٻار روايتي لباس پائي گهٽين ۾ گهمندا آهن ۽ لوڪ گيت “عطونا حق الليله” (اسان کي هن رات جو حق ڏيو) ڳائي مٺايون ۽ خشڪ ميوو گڏ ڪندا آهن.
هن عرصي دوران هڪ مرڪزي ادبي ۽ ثقافتي علامت ”مندوس” (Mandoos) پڻ آهي، جيڪا هڪ روايتي سينگاريل ڪاٺ جي صندوق هوندي آهي. خاندان ان ۾ عيد جا تحفا ۽ پنھنجا روحاني يا تخليقي ارادا محفوظ ڪندا آهن.
رمضان دوران عوامي هنڌن تي نرم روشنيون ۽ اسلامي جاميٽري نمونن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. ڏينھن جي وقت مڙني ڪاروبارن جي ڪم ۾ گهٽتائي اچي ويندي آھي، اڪثر ڪم ڪار رات جو ڪيا ويندا آھن. ڪمپنيون پنھنجي پروڊڪشن راتين جو ئي رکنديون آھن، جڏهن ته سج لٿي کان پوءِ شھر اجتماعي کاڌن ۽ سماجي گڏجاڻين جي هڪ متحرڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ڪراما ۽ سطوا جھڙا علائقا شھر جي جديد حصن جي مقابلي ۾ هڪ مختلف روح رکن ٿا. مارچ ۾، ڪراما “رمضان اسٽريٽ فوڊ فيسٽيول” جو مرڪز بڻيل آھي، جتي دبئي ۾ رهندڙ ملباري مسلمان، جيڪي ”ماپلا“ نالي سان سڃاتا وڃن ٿا، رمضان دوران شام کان رات تائين ثقافتي سرگرميون جاري رکن ٿا.جن ۾ شاعري، موسيقي ۽ ٻيون رسمون شامل ھونديون آھن.
علائقي جي غير يقيني حالتن جي باوجود ڪراما جون گهٽيون ڪنھن ميلي جي ڏيک کان گهٽ ناهن. شام ٿيندي ئي پارڪنگ جي تنگي کان وٺي گهٽين جي آخر تائين گاڏيون ۽ ماڻهو نظر اچن ٿا، ۽ سڄو علائقو زندگيءَ جي هلچل سان ڀرجي وڃي ٿو.

وڻجارن جا واھيرا ۽ مينا بازار:
دبئي جي “اصل” روح کي ڳوليندڙ فرد لاءِ بَر دبئي ۽ ديراجا قديمي علائقا جديد فنِ تعمير جي مقابلي ۾ هڪ مضبوط تاريخي پسمنظر رکن ٿا. هتي شھر جي سڃاڻپ ان جي تجارتي ورثي ۽ انھن مختلف برادرين سان جڙيل آهي، جن ان جي روح کي جوڙيو آهي. ھتان جي وڻجارن دنيا جھان جي وکرن کي ھتي جي ھڪ ئي منڊيءَ ۾ آڻي رکيو آھي.
مينا بازار، جنھن کي اڪثر “سنڌي بازار” چيو ويندو آهي، دبئيءَ جي ثقافتي نقشي جو هڪ اهم حصو آهي. دبئي ۾ رهندڙ ڪيترن ئي سنڌي خاندانن لاءِ مينا بازار رڳو واپار جو هنڌ نه، پر پنھنجي وڃايل وطن جي ياد جو هڪ جُڙيل ٽڪرو پڻ آهي.
1970 ع جي ڏهاڪي جي شروعات کان وٺي، هي سون ۽ ڪپڙي جي ڪاروبار جو مرڪز رهيو آهي، جنھن ۾ ھند جي سنڌين جو وڏو حصو آھي. دبئيءَ ۾ ھندو سنڌين جي سڃاڻپ انهن جي ان “عزم” سان آهي، جنھن تحت هنن 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي زندگي ٻيھر شروع ڪئي.
مينا بازار جي گهٽين ۾ گهمندڙ فرد کي هڪ اهڙو تجربو ٿئي ٿو، جيڪو جديد مالز کان بلڪل مختلف آهي. خاص ڪري مصالحي بازار (Spice Souk) جي هوا زعفران، ننڍن ڦوٽن، دال چيني ۽ چانھه لاءِ استعمال ٿيندڙ گلاب جي پنکڙين جي خوشبوءِ سان ٽمٽار هوندي آهي ته اتي الڳ الڳ قسم جي پنسارڪين جنسن جي رنگبرنگي ڪشش پڻ اکين کي مائل ڪندي رھندي آھي. ڪپڙي جي بازار ۾ موجود ريشم، سوٽي ۽ ڪڙھيل ڪپڙا مختلف علائقائي بناوتن جي عڪاسي ڪن ٿا.
اولڊ سوق، گولڊ سوق، مرشد بازار توڙي الراس ۾ ريزڪي اگهه ۾ وڪڻڻ وارن واپارين جا مختلف ٻولين ۾ هوڪا، چانھه جي هوٽلن تي ٿيندڙ بحث، ۽ ڪاٺ جي ٻيڙين (Abras) جو پاڻيءَ سان ٽڪرائڻ جو آواز هڪ منفرد سنگيت پيدا ڪري ٿو. وري ايتري ۾ جيڪڏھن ڀر جي ڪنھن ڪيفي ۾ ويٺل ڪنھن شوقين شيشي (روايتي عربي حُقي) جي نَڙَ مان گُڙُ گُڙُ ڪري دونھون ڇڏيو ته ماحول ڏاڍو دلفريب ٿي ويندو آھي.
دبئي ڪِريڪِ تي رڳو هڪ درهم ۾ ملندڙ “ابرا” جي سواري اڄ به شھر جي سڀ کان حسين تجربن مان هڪ آهي، جيڪا الفھيدي جي قديمي عمارتن ۽ ديرا دبئي جي جديد ٽاورز جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. اسان جا اڪثر ديسي بَر دبئي کي ”پار دبئي“ پڻ ڪوٺيندا آھن، ڇو ته کين اتي پھچڻ لاءِ ھڪ درھم ڏئي ان ٻيڙيءَ تي ٻئي پار وڃڻو پوندو آھي. ديسي ماڻهن جي اڪثريت ھتان جي ڪيترن ئي علائقن جا پنھنجا نالا رکي ڇڏيا آھن. جيئن ديرا ايريا ۾ ھڪ ڊگهو پارڪ آھي، جنھن جي ڊيگهه ھڪ ڪلو ميٽر جي لڳ ڀڳ آھي. ان جو مقامي نالو ته مطينة پارڪ آھي، پر ديسين وٽ ان جو نالو ”لمبا پارڪ“ مقبول آھي.

دبئي جي فنِ تعمير کي رڳو عمارتن جي طور تي نه، پر هڪ بيانيي طور ڏٺو وڃي ٿو، جيڪو شھر جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي گڏ بيان ڪري ٿو. سطوا، جافليه توڙي زعبيل جي علائقن جي قديمي گهٽين ۽ ڊائون ٽائون جي عاليشان بلندين جي وچ ۾ موجود فرق کي نئين نظر سان ڏسڻ جي گهرج آھي.
مستقبل جو ميوزيم: خطاطي جي صورت ۾ فنِ تعمير
مستقبل جو ميوزيم (Museum of the Future) رڳو جدت جو مرڪز ناهي، پر ان جي ٻاهرين ديوارن تي لکيل عربي خطاطي ان کي هڪ ادبي شاهڪار بڻائي ٿي.
عمارت جو مضبوط حصو اڄ جي ڄاڻ جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن ته وچ ۾ موجود خالي حصو (Void) “اڻ لکيل مستقبل” جي علامت آهي.
ان جي اندر موجود ڏاڪڻ (Staircase) جو نمونو جنهن جو انداز DNA جي بناوت جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو انساني ترقيءَ جي تسلسل کي ظاهر ڪري ٿو. عمارت کي دنيا جي خوبصورت عمارت سڏيو ويو آھي، جنھن جي ٻاھرين ڪنارن تي ھتان جي موجوده حڪمران جا ٽي قول اُڪريل آھن.
بُرج خليفه: فولاد ۾ صحرائي گل
برج خليفه، جيڪو دنيا جي بلند ترين عمارت آهي، شھر جي ان عزم جو استعارو آهي ته “دنيا ۾ سڀ کان مٿانھون بيھجي”. ان جي ڊيزائن صحرائي گل (Hymenocallis) ۽ اسلامي فنِ تعمير (سامرا جي مسجد جي منارن) تان ورتل آهي.
لکندڙن ۽ پڙھندڙن جون پناھگاھون: لائبريريون
دبئي جون عوامي ۽ مخصوص لائبريريون لکندڙن ۽ پڙھندڙن کي اھڙو ماحول جوڙي ڏين ٿيون، جتي هو خاموشيءَ سان پنھنجو تخليقي ڪم ڪري سگهن ٿا. ھتي جي پِن ڊراپ سائلينس Pin-drop Silence ھڪ اھڙو سحر طاري ڪندي آھي، جو ڪوبه کڙڪو ڪنھن اربع خطا جيئن لڳندو آھي. يا هتي اهڙي خاموشي هوندي آهي جو قلم جي سرسراهٽ به آواز بڻجي وڃي.
محمد بن راشد لائبريري: هيءَ لائبريري هڪ روايتي “رحل” جي شڪل ۾ ٺھيل آهي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ادب جو هڪ عجيب سنگم آهي. هتي 45 لک کان وڌيڪ ڇپيل ڪتاب ۽ 10 لک کان وڌيڪ آڊيو بوڪس موجود آهن.
جميل لائبريري ۽ آرٽس سينٽر: جميل آرٽس سينٽر جو ماحول وڌيڪ پُرسڪون ۽ جمالياتي آهي. ان جي چوڌاري ست باغ آهن، جيڪي دنيا جي مختلف صحرائي ماحولن جي نمائندگي ڪن ٿا. هيءَ جي لائبريري خليج جي ثقافتي تاريخ تي ٻڌل 15,000 کان وڌيڪ ڪتابن تي مشتمل آهي.
دبئي جي فطري خوبصورتي: صحرائي بھار
مارچ جو مھينو دبئي ۾ “بھار جي موسم” جي معنيٰ رکي ٿو، جنھن ۾ موسم خوشگوار رهي ٿي. هڪ مشھور عربي چوڻي آهي ته، “هر وقت تتل سج، صحرا بڻائي ڇڏيندو آهي.” جنھن جو مطلب آهي ته زندگيءَ ۾ صرف سُک نه پر ڏک ۽ مشڪلاتون (مينھن) به ضروري آهن ته جيئن زندگي مڪمل ٿي سگهي. مارچ بابت هڪ ٻي چوڻي به آهي” :مارچ جو ڏينھن، هڪ ڪلاڪ اُس ته ٻيو ڪلاڪ مِينھن”.
دبئيءَ جون حالتون هڪ اهڙي شھر جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪو رڳو چمڪ ڌمڪ کان هٽي ڪري هڪ گھِري ۽ گهڻ رخي سڃاڻپ ڏانھن وڌي رهيو آهي. “ولفه جي مند”، وڻجارن جا واھيرا، ۽ جديد لائبريريون ملڪي توڙي پرڏيھي ليکڪن لاءِ هڪ وسيع ادبي منظرنامو پيش ڪن ٿيون. هڪ ليکڪ لاءِ دبئي اهڙو ورق آهي، جنھن جو هڪ پاسو مستقبل جي اميدن جو ميوزيم آهي، ته ٻيو پاسو مصالحن جي بازار جي صدين پراڻي خوشبو.
