مان مَسخ ٿي ويل تاريخ ۾ جهاتيون پائڻ جي تَجَسُسَ ۾ قلعي جو ھر بچيل پاسو گهمندو گهمندو، قلعي جي بچيل چوٽين تي چڙھندو رهيس. قلعي جا چار دَرَ يا گُذرَ اڃا به بچيل ھُئا جن ۾ ٻه وڏا ۽ ٻه ننڍا ھُئا. مون سڀني درن مان لنگهي، ھر بچيل ماڳُ يا ڪُنڊَ ڏسڻ ٿي چاھي، جو انهيءَ قلعي لاءِ ئي ته جبل جو هيترو ڏکيو پنڌُ ۽ ايڪونجاھُ چاڙهيون چڙھي، ھتي پھتو ھوس. ھن قلعي جا ڪُل چوويھه وڏا بُرجَ تعمير ڪيا ويا ھُئا، جن مان ھاڻي چند ئي وڃي بچيا آھن. اھا ڪيڏي نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه آھي ته جڏھن اھي بُرجَ تعمير ڪيا ويا ھُئا ته انهن جا نالا يوناني ديوتائن جي نالن سان يعني اَرتيميسيا، ليٽو، اَگاٿي ٽائچي، ڊيوس ڪوروئي ۽ هيراڪلي سوغيرہ رکيا ويا ھُئا. اھي ديوتائن جا نالا اھو سمجهي رکيا ويا ھُئا ته ديوتائن جي نالن سبب قلعو محفوظ رھندو. مذھبي ۽ وھمي عقيدا به انسان کي ڪيئن نه خود فريبي سيکارين ٿا. دنيا ۾ ڪيترن پيغمبرن جون پنھنجون ٻوليون به بچي نه سگهيون. ڪيترن جا ماڳ مڪانَ ۽ مقدس ڪتاب به ساڳي حالت ۾ محفوظ رھي نه سگهيا ۽ دنيا جي وڏي آبادي اڄ به انھن جي پويان آھي ته اُھي کين نجات ڏياريندا. مسلمانن پنھنجو مقدس ڪتاب ۽ ماڳ مڪان ته بچايا آھن، پر سندن گهڻائي پنھنجي مذھب جو اصل غريب پرور ۽ اصلاح پسند سماجي ۽ سياسي جوھر شايد وڃائي چُڪي آھي، ۽ مجموعي طور جمود ۽ ماضي پرستيءَ سبب فڪري، علمي ۽ سياسي طور بدترين زوال ۾ آھي. في الحال ته اھو زوال اڃا وڌي رهيوآھي، جو تُرڪيءَ جھڙو ملڪ ۽ معاشرو به ھڪ سيڪيولر صدي گذارڻ کان پوءِ به مذھب ڏانھن موٽَ کائي رهيو آھي. سو ظاھر آھي ته اھي ديوتائن جا نالا به ھن قلعي کي بچائي نه سگهيا. بچائينديون انسان کي پنھنجيون انفرادي ۽ اجتماعي تدبيرون آھن باقي سڀ اَجايا اعتقادَ، سَکڻا آسرا ۽ خودفريبيون آھن. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته قديم ڪتابَ، اَجايون بڻايل مقدس قبرون ۽ وَھمي آسرا ماڻهن کي ڪجهھ به نه ٿا ڏئي سگهن. انسان جي نجات ھن جي سائنسي، تنقيدي، سماجي، معاشي ۽ سياسي شعور ۽ سندس عملي تدبيرن ۾ ئي رھي آھي. دراصل تاريخي ماڳَ ڏسڻ جو تيستائين ڪو به فاعدو ناھي، جيستائين انهن کي تاريخي۽ تنقيدي شعور سان نه ٿو ڏسجي ۽ انهن مان پنھنجي ھمعصر دور جي نسبت سان ڪي بنيادي نتيجا ڪڍي، انھن مان پِرائجي نه ٿو.
مان سڄو ڏينھن جبل جي پنڌَ، تاريخي قديم يوناني شھر جي لاهين چاڙهين وارين گهٽين ۽ اَگورا قلعي تي گذاري چُڪو ھوس. شام ٿيڻ واري ھُئي، سو ھاڻي وري لَھڻَ جي تياري ڪيم. لَھڻَ جو به وڏو پنڌُ ھو، پر وري به سئولو ھو، جو رستو ھاڻي لَھوارو ھو. اَگورا کان واپسيءَ تي آُيس پئي ته ھڪُ ننڍڙو ٻارڙو پيءُ سان روئي ڪو اََنگَلُ ڪري رهيو ھو. ٻارڙو بيحد پيارو ھو ۽ سندس ٿورڙي وڏي ڀيڻ به سندس پاسي ۾ بيٺي ھُئي. مان کيس روئندو ڏسي بيھي رهيس. سندس پيءُ کان اِشارن ۾ پڇيم ته ڇو ٿو روئي، ته چوڻ لڳو ٻيھر خرچي پيو گهُري. ٻنھي جي معصوميت دل کي لڳي. نيٺ پنھنجي ھٿ ۾ جهليل ٿيلهيءَ ۾ رکيل ڀُڳڙا ۽ مُڱيرا ٻنھي ٻارڙن کي ڏنم ته سندن ڳوڙھا ئي ڄَڻُ گم ٿي ويا. سندن خواھش نبار ڪيتري نه ننڍڙي، پر ھنن لاءِ ان گهڙيءَ ڪيتري نه اھم ھُئي. ڏِٺُم ته ھاڻي ٻئي کِلي خوش ٿي رهيا ھُئا. سوچيم ٻارن جي به انگلَ يا خرچيءَ جو ڪو وقت ھوندو آھي ڇا؟ اصل بادشاھ ته ٻارَ ھوندا آھن. سندن پيءُ تشڪُرُ تَشَڪُرُ چوندو رهيو ۽ مون ھڪ لطيف احساس سان ھنن کي ۽ اَگورا کي الوداع ڪيو. سڪندر جي جرنلن طرفان ٺھرايل ھن قلعي جي ڪَسمپُرسيِ جو حالُ اھو ھو جو اُتي ھڪ ٻارڙو شيءِ لاءِ روئي رهيو ھو. قلعن جو انجام اڳي پوءِ اِھو ئي ٿيڻو ھو. طاقت جي نَشي ۾ مست حڪمران طبقن کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ ناھي ايندي. لاھور جي مغل پوره ۾ ھاڻي ماڻهو نِھاري ۽ پايا کائڻ ويندا آھن ۽ دھليءَ ۾ مُغلن جو اولاد پِني ٿو، جنھن تي ادي نورالھُدا شاھ ڪمال جو ٽيلي ناٽڪ لکيو ھو: ”اب ميرا انتظار کر!“. الميو اھو آھي ته ھاڻي انهن جو انتظار به ڪير ڪندو؟ بابر جڏھن لاھور ۽ دھلي فتح ڪري پنھنجي تڙ ڏاڏي چنگيز ۽ ھلاڪوءَ جي روايت کي ورجائيندي، سِسين جا مينارَ اُڀا ڪيا ھُئا ته سوچيو ھُئائين ته سندس خاندان جي آخري، شريف ۽ شاعر مغل حڪمران بھادر شاھ ظفر جو اھڙو حَشَرُ ٿيندو، جو رَنگونَ ۾ سندس نِٻَلَ جسم مٿان مَکيون ھٽائڻ وارو به ڪير نه ھوندو!

شام پنھنجا مُھانڊا ڪڍي رھي ھُئي ۽ مونکي چانھه جي طلب پئي ٿي. هيٺ قديم شھر جون لاهيون لَھڻ شروع ڪيم ۽ ڪوشش ڪيم ته ھاڻي ٻيون گهٽيون وٺان. ائين لھندو اچي ھڪ ننڍڙي ڪيفي تي بيٺس، جنھن جو ھڪ ئي مالڪ، ھڪ ئي چانھن ۽ ڪافي ٺاھڻ وارو ۽ ھڪ ئي سروس ڪرڻ وارو پوڙھو ھو. ڪيفي ننڍڙي پر نھايت صاف سُٿري ھئي. مالڪ جي ٽيبل تي سندس ٻلي وڏي آرام سان ائين ويٺل ھئي جيئن ڪو ٻار گهڻن مھينن کان پوءِ گھر آيل پيءُ کي وڏيءَ سِڪَ مان ڏسندو آھي. ٻلي ۽ ڪيفي جو مالڪ ڏسڻ ۾ ئي پُرسُڪون ھئا. ٻُوسٽ واري ۽ اندر جي پليت جو مُھانڊو ئي پري کان پَڌرو! دل چيو، چانھن پيئڻ لاءِ هيءَ جاءِ ڀلي آھي. جڏھن دل ڳالهه اُڪلائي ڇڏي ته پوءِ اسانجي ڪھڙي مجالَ جو وڌيڪ ڊيگهه ڪجي. مون ڪيفي جي انهيءَ جُهوني سَنهڙي سيپڪڙي مالڪ ۽ سندس ٻِليءَ کي کيڪار ڪري، چانھه جو چيو ۽ ھڪ اسٽول تي ويھي رهيس. ٿَڪُ ھو، سو ٻئي ڪوپ َ جو به چيو مانس. تُرڪش ڪوپ ھونئن ئي ٻن ٽن سُرڪين جيترا ٿين. ٻي چانھه سان گڏ ھو به اچي منھنجي پاسي ۾ ويٺو. خوشي ٿي، جو ھن کي ڪجهھ انگريزي آئي ٿَي. ھن ٻڌايو ته ھو ھڪ رٽائرڊ پرائمري استاد ھو، پر ھو چُست چوبندُ ۽ پنھنجو گذران پنھنجي پورهئي سان ڪري رهيو ھو.

اسان وٽ ته ماهو رٽائر ٿي زندگيءَ مان به رٽائر ٿيو وڃن. ھن سان رواجي حال احوال ڪري، کانئس پڇيم ته ڇا اڃا به ھتي يوناني ۽ عيسائي رھن ٿا؟ ھو جيئن ته ھڪ رٽائر استاد ھو، سو ھن جي ڳالهائڻ ۾ تاريخي شعور، تڪيل توريل ٻولي ۽ سمجهائڻ وارو انداز ھو. ھن کي ڏسي مونکي اَسيءَ جي ڏھاڪي وارو قمبر وارو پنھنجو استاد سائين نور محمد ياد آيو، جيڪو علي خان ۾ رھندو ھو ۽ شام جو سڄي شھر جو چڪر ھڻي، واڪ ڪندي نظر ايندو ھو. ھن ٻڌايو ته ھيءَ وَسندي گهڻو زمانو يونانين جي ئي رھي، پر 1922ع ۾ جڏھن تُرڪيءَ اتاترڪ جي فوج جي اڳواڻيءَ ۾ شھر کي فتح ڪيو ھو ته 1923ع جي معاھدي تحت تُرڪيءَ ۽ يونان وچ ۾ ٿيل آباديءَ جي مَٽاسَٽا به ٿي ھئي ۽ پوءِ آھستي آھستي يوناني آبادي ھتان يونان ھجرت ڪندي وئي. جنھن ازمير ۾ تاريخ جو ڊگهو زمانو يونانين جي گهڻائي رھي، اُتي ھاڻي اُھي ٿورائيءَ ۾ آھن. ھن چيو ته ھا باقي واپار سانگي اڄ به ازمير جو گهڻو تعلق يونان سان ئي آھي ۽ يوناني ھتي ايندا رھن ٿا. عيسائيت بابت ھن ٻڌايو ته اُھي به ٿورائيءَ ۾ پر شھر ۾ ھر ھنڌ آباد آھن. ھن جي اھا ڳالهه مون لاءِ نئين ھئي ته بائيبل ۾ جن سَتن چَرچُن جو ذڪر ٿيل آھي، انھن مان ھڪ ازمير ۾ ئي ھُئي. مسيحيت جي اُڀار وقت ھي ھڪ مسيحي شھر ھو. ھاڻي گهڻائي مسلمان تُرڪن جي آھي، جو شھر جي تُرڪيءَ ۾ انضمام کي ھڪ صديءَ کان به ٻه سال وڌيڪ گذري چُڪا آھن. کيس چيم ته ڇا ڪنھن يونانيءَ کي ڏسي سگهان ٿو؟ پوڙھو زندھ دل ھو، سو ڀوڳَ واري معصوم مُرڪَ سان پُڇيائين ته يوناني مرد يا ڪا مائي؟ مون کلي کيس چيو ته يوناني مرد کي ڏسڻ لاءِ سقراط يا افلاطون ۽ ارسطوءَ جا مُجسما ئي ڪافي آھن. زندھ صورت ۾ ته ڪا مائي ئي يونان جي حُسن، ڏيا ۽ ڏِيلَ جي درست نمائندگي ڪندي. ھن چيو، کاٻي پاسي واري گهٽي يونانين جي آھي. ٿورو انتظار ڪر! ائين اسان جي ڪچھري جاري ھُئي ته ھن پڇيو ته تو ازمير جي خاص مٺائي بويوز کاڌي آهي؟ مون نه ۾ ڪنڌُ ڌوڻيو ته ھو پاسي واري دُڪانَ تان بويوز وٺي آيو. جيڪا ھڪ پيسٽريءَ جو قسم ھئي، ۽ ازمير جي خاص سُڃاڻپ ھئي. مون ڪٿي پڙهيو ھو ته ازمير جا ماڻهو قربائتا، مھمان نواز ۽ مھربان مزاج جا ھوندا آھن. اھو ٻن ڏينھن جي تجربي مان نسورو سچ ثابت ٿيو ھو. اسانجي بي ترتيب ڪچھري جاري ھُئي ته ھن سامهون وڏي اعتماد ۽ لوڏَ سان ايندڙ ڇوڪريءَ ڏانھن اشارو ڪري چيو ته اھا يوناني ڇوڪري اَٿئي. مون ھن تي ھڪ نظر وڌي ۽ بيساختگيءَ سان ڊائريءَ ۾ ھَٿُ وِڌم. مون ان لمحي کي ھڪ نظم ۾ محفوظ ڪرڻ ٿي چاهيو. لکيم.
يوناني ڇوڪريءَ جي نالي!
ڏاڙھونءَ رَتا ڳَلَ ھُن جا
نِھارَ ھن جي اَنگوري
مُرڪَ ھن جي مُشڪَ جھڙي
ڇُھاءُ جنھن جو هيرَ جھڙو
وارَ ھن جا زعفراني
قَدُ ھن جو صَنوبري
چالَ ھن جي سفيد ھڪڙي ڊيلَ جھڙي!
ھوءَ بي پرواھ يوناني ڇوڪري
ائين وئي ٿَي
وارَ لوڏي
ڪُڏَندي
ڄَڻُ ھُئا
ماضي ۽ مستقبل ھُن جي ئي مُٺِ ۾
رَنگ بَرَنگيِِ ڳاڙھَ سِريِ
اِزميري ھوءَ شالَ جھڙي!
يوناني ھڪَ ڇوڪري!

(شام جو ستين وڳي، پاگوس قلعو- اِزمير)
مون ھن جي وقارَ، اعتمادَ، پنھنجي حُسن تي نازَ ۽ رنگَ مان ئي يونان کي پَسي ورتو ھو! جيئن جُز ڪُلَ ۾ ھوندو آھي، تيئن ڪُل به ته جُزَ ۾ سمايل ھوندو آھي. جُز ۽ ڪُلَ کي خيال پسند صوفي وجودي فڪر جي ٻئي پاسي کڻي ويا، پر يوناني ارسطوئي منطق به ته Inductive ۽ Deductive معنا ۾ جُز ۽ ڪُلَ جي ڪَٿَ جا پيمانا آھن يعني جُز مان ڪُلَ کي سمجهڻ يا ڪُلَ مانُ جز کي پرکڻ. ھنُ سان انيڪ موضوعن تي بي ترتيب پر ڀلي ڪچھري ٿي. نيٺ ھن اُستاد کان موڪلايم. ھڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته تُرڪيءَ جو ھي واحد اھڙو علائقو ھو، جتي نه مسجدون گهڻيون هيون، ۽ نه وري مذهبيت. ھونئن به اِزمير ترڪيءَ جو شايد واحد اھڙو علائقو آهي، جتي نه رڳو گهڻي مذهبيت ناھي، پر مذھبي تنوع به آھي. واپاري شھر ائين ئي ھوندا آھن. مارڪس صنعتي مزدورن کي ان ڪري به انقلاب جو ھر اوّل دَستو سڏيو ھو، جو اُھي زرعي پورهيتن وانگر غير منظم، ثقافتي ۽ مذھبي ٻَنڌڻن ۾ ٻَڌَلَ ۽ موجود ڦورو نظام جي رَضا تي راضي ناھن ھوندا. سامي مذھبن جا اڪثر پيغمبر به شھري ھئا. گوتم ۽ مھاوير به شھري ھئا. ھندو مت ۾ رامُ به راجيه جَنڪ جي شھري رياست جَنڪ پور جو رھواسي ھو، جيڪو شھر ھاڻي نيپال ۾ آھي. ٻھراڙين ۾ لوڪ شاعري ته ٿي سگهي ٿي، پر تھذيبن، تمدن، واپار ۽ تبديلين جا محور ۽ مرڪز تاريخ ۾ شھر رهيا آھن. اھو ته ويھين صديءَ ۾ چين جي ڪامريڊ مائوءَ ۽ ويٽنام جي ھوچي مُنهھ جو ڪمال ھو، جو ھنن ھارين کي به انقلابي قوت ثابت ڪري ڏيکاريو.

اِزمير جي آخري رات:
ڪمري تي موٽي آيس ۽ ووڊڪا جو گلاس ٺاھي چوٿين ماڙ تي پنھنجي ڪمري جي گئلريءَ ۾ ويھي جبل تي جو نھارَ وڌم ته يقين ئي نه ٿي آيو، ته منھنجو ڪالهوڪو ڏينھن انهيءَ جبل جي گهٽين ۽ جبل جي چوٽيءَ تي اَگورا تي گذريو ھو. جيئن مِٺيءَ جي گَڊي ڀِٽَ تان رات جو هيٺ نھاربو آھي ته لڳندو آھي ته سڄو شھر ڪو مندر ھجي، جنھن ۾ رڳو ڏيئا ٻري رهيا ھجن. سيوھڻ بابت ڏند ڪٿا آھي ته بودلي بھارَ ڏنڊو ڦيرائي شھر اونڌو ڪري ڇڏيو ھو. ھتي به لڳو ٿي ڄڻ ڪنھن يوناني ديوتا مِٺيءَ جي شھر کي رات جي پھر ۾ اونڌو ڪري، اِزمير جي جبل تي رکي ڇڏيو ھو. جبل تي رڳو ڏيئا ٻَري رهيا ھُئا. ڄاتُم ٿي ته اھو ھر ڏيئو ھرھڪ گهر ھو، جنھن ۾ تاريخ جون ڪيئي ڪھاڻيون ۽ داستان پوڙھن ماڻهن جي سينن ۾ ساھَ کڻي رهيا ھئا. اُھي داستانَ جيڪي ھنن پنھنجي ان نسل کان ٻُڌا، جڏھن ھتي يوناني گهڻائيءَ ۾ ۽ تُرڪَ ٿورائيءَ ۾ ھُئا. زندگيءَ جون سڀ ڪھاڻيون ۽ سمورا داستان ڪو لکت ۾ محفوظ ٿورو ئي ٿيندا آھن. گهڻا ائين نسل در نسل منتقل ٿيندي، تاريخ جي ويسر ۾ اَلوپ ٿي ويندا آھن. مون انھن گهٽين ۾ گهمندي، انهن داستانن جي نشانن کي ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. دل چيو ته ھڪ رات انهيءَ جبل جي ڪنھن جاءِ جي ڇَتِ تي رھجي ھا، پر سُڀاڻي ته منھنجي استنبول ڏانھن واپسي ھُئي. زندگيءَ ۾ گهڻا حسين خيال تڏھن ايندا آھن، جڏھن گهڻي دير ٿي چُڪي ھوندي آھي. اِھا ئي زندگيءَ جي حقيقت به آھي ته الميو به!
