ونواٽو جو حال احوال اڃا جاري آهي. ونواٽو کان پوءِ اسان فِجي ۽ آسٽريليا به هلنداسين، پر هن ڀيري گهڙيءَ کي ٻه ٽي سال اڳتي ڪري، اوهان کي صفا حال جو احوال ٻڌائجي. هن وقت مان ڏکڻ پئسفڪ مان سفر ڪري اتر پئسفڪ کان ڪجهه پھريان وچ پئسفڪ جي ننڍڙي ملڪ نائرُو، نوئيرو يا Nauru ۾ آهيان. ويجهڙ ۾ هڪ آئيني ترميم ڪري، هن ملڪ جو مقامي ٻوليءَ وارو پراڻو نالو Naoero بحال ڪيو ويو آهي، پر اها ترميم اڃا هڪ ريفرنڊم ذريعي پاس ٿيڻي آهي. جيئن انگريز قبضي گيرن پنھنجي سھولت لاءِ اسان جي ملڪ جي شھرن ۽ ڳوٺن جا نالا مٽايا هئا، ايئن ئي هن ملڪ جو اصل نالو مٽائي پڻ Nauru ڪيو ويو هو.
خطِ استوا جي لڪيرن يا equator جنھن جو ذڪر اسان ننڍي هوندي رڳو جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ٻڌو هو، هيءُ ملڪ ان خطِ استوا جي صفا مٿان يا ان کان اٽڪل پنجيتاليھه ڪلوميٽر پري آهي. ان جاگرافيائي بيھڪ ڪارڻ هيءُ ملڪ ٻارنھن ئي مھينا هڪ جھڙو گرم ٿو رهي. ڏينھن جو شديد ڪاڙهو هجي ٿو، رات ڪجهه ٿڌي ٿئي ٿي، پر سراسري گرمي پدُ ٽيھه ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رهي ٿو. ان گرمي پد ۾ جيڪڏهن گِهم ۽ جهَولو شامل ڪجي ته اوهان کي گرمي چاليھه ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ محسوس ٿيندي. نائرُو جي پنھنجي هڪ ايئرلائين آهي، جنھن ذريعي هتان کان فِجي، آسٽريليا سميت پئسفڪ جي ڪجهه ٻين ملڪن جون سِڌيون اڏامون ملن ٿيون. هتي جي مين روڊ جي هڪ پاسي ايئرپورٽ ته ٻئي پاسي رَن وي آهي. جڏهن جھاز اڏامن ۽ لھن ٿا ته مين روڊ جا ٻه دروازا بند ڪري جهازن کي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ جو رستو ڏنو وڃي ٿو.
نائرُو جي هن ننڍي سامونڊي ٻيٽ جي ڪل ايراضي اٽڪل 21 چورس ڪلوميٽر آهي. ملندڙ جلندڙ نالي جي ڪري مون هن ڊائريءَ جي عنوان ۾ نائرُو کي سنڌ جي نارَي سان ڀيٽيو آهي، پر اها ڀيٽ ٺھڪندڙ ناهي، جو سنڌ جو نارو هزارين ڪلوميٽرن تائين وسيع آهي. گوگل جي ذريعي معلوم ٿيو ته رڳو قاسم آباد جي ميونسپل ايراضي يا خيرپور جو سڄو شھر ايراضيءَ ۾ اٽڪل نائرُو جيترا آهن. هتان جي ڪل آبادي ڏهه کان ٻارنھن هزار فردن تي مشتمل ٻڌائي وڃي ٿي. نسلي طور هن ملڪ جي ماڻهن کي مائيڪرونيشيائي قومن جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. مائيڪرونيشيائي ملڪن ۾ ڏکڻ پئسفڪ جا ٻيا ڪيترائي ننڍا ملڪ شامل آهن. گاڏيءَ تي هن سڄي ملڪ جو گول چڪر ڪل ويھن منٽن کان اڌ ڪلاڪ ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. ملڪ جي سموري آبادي، آفيسون، گهر، ڪاروبار وغيره گهڻي ڀاڱي رنگ روڊ جي هڪ پَٽي سان آهن، جيڪا ٻنهي پاسي وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلوميٽر هوندي.

هن ملڪ جي مقامي ٻولي نائروئن آهي، جيڪا ڳالهائي ته هر هنڌ وڃي ٿي، پر لکي پڙهي نه ٿي وڃي. هتي پھچندي، پھرئين ئي ڏينھن تي منھنجي ملاقات تعليم کاتي جي ٻوليءَ کي بچائڻ واري شعبي جي ٻن سينئر آفيسرن سان ٿي، جيڪي ٻئي اڌڙوٽ عمر جون عورتون هيون. انهن کان معلوم ٿيو ته نائروئن ٻوليءَ ۾ رڳو هڪ ڪتاب موجود آهي، جيڪو انجيل مقدس آهي. اهو پڻ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ ترجمو ڪيو ويو هو. سندن شعبو پنھنجي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ٻولي سيکارڻ لاءِ في الحال انجيل جي ترجمي مان ئي ڪم هلايو ٿو وڃي. وسيلن جي کوٽ، آسٽريليا جي اثر رسوخ سبب ماڻهن جو انگريزيءَ ڏانھن رجحان ۽ نئين نسل توڙي پالسي سازن جي پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن لاتعلقي واري رويي جي ڪري هن ٻوليءَ جي بحالي ٿيندي نظر نه ٿي اچي.
1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ هيءُ ننڍڙو ملڪ دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شامل هو. ڇاڪاڻ ته هتان قيمتي فاسفيٽ (ڀاڻ) جي کوٽائي ڪري، سڄيءَ دنيا ۾ وڪرو ڪيو ويو. آهستي آهستي اهي قيمتي ذخيرا ختم ٿيندا ويا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي زمينن کي آباد ڪندڙ هيءُ ملڪ پاڻ بنجر ٿي ويو. دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شامل هيءُ ملڪ آهستي آهستي غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. چيو وڃي ٿو ته هيءُ هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي کائي ويو. هن وقت هتان جي زراعت، زمين جو ڪارگر هجڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. ڪجهه مقامي ماڻهن جي ڪاهلي ۽ ڪجهه وسيلن جي کوٽ سبب هتي سمورو کاڌو پيتو آسٽريليا، فِجي ۽ ٻين ملڪن مان درآمد ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب هتي مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي. هتان جي پنھنجي ڪرنسي ناهي ۽ آسٽريليا جو ڊالر استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وقت سندن آمدنيءَ جو دارومدار به آسٽريليا تي آهي، جنھن سان هن ملڪ جا ڪجهه عجيب غريب معاملا آهن. آسٽريليا ۾ ٻيڙين ذريعي غير قانوني طور داخل ٿيندڙ مھاجرن يا پناه جي خواهشمندن کي آسٽريليا گرفتار ڪري، هن ملڪ ۾ موڪلي ٿو، جتي سندن ڪيس سالن جا سال هلن ٿا. ان دوران پناهگير هتي آسٽريليا طرفان قائم ڪيل ڪئمپن ۾ رهن، ڪمائن ۽ آزاد گهمن ڦرن ٿا. ان سھولت جي بدلي آسٽريليا نائرُو جي ايتري مالي امداد ڪري ٿو، جو سندن سڄو نظام هلي ٿو. آسٽريليا جا ٻيا به ڪيترا ئي مفاد هن ملڪ سان سلهاڙيل آهن. ان ڪري آسٽريليا سان سھڪار کي هيءُ ملڪ پنھنجي مستقبل جي ضمانت سمجهي ٿو.

جڏهن منھنجو هتي اچڻ ٿيو ته مون کي لڳو ته هتي پاڪستاني تمام گهٽ يا نه هجڻ جي برابر ايندا هوندا. مون اميگريشن وارن کان پڇيو ته هنن ڪيترا پاڪستاني هتي ايندي ڏٺا آهن ته سندن چوڻ هو ته تمام ٿورڙا. پر مون کي اچرج ان وقت لڳو، جڏهن هوٽل ۾ ماني کائيندي ٻن همراهن کي پاڪستاني لھجي ۾ ڪچھري ڪندي ڏٺم. اڃا وڌيڪ حيرت ان وقت ٿي، جڏهن انهن مان هڪ نوجوان لاڙڪاڻي جو پرنس آڪاش گل ڪانڌڙو نڪتو، جيڪو هتان جي اڪيلي سرڪاري اسپتال (جنھن کي ويجهڙ ۾ خانگايو ويو آهي) ۾ اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي. کيس هتي آئي ڪل چار پنج مھينا ٿيا آهن، پر نوجوان جي محنت ۽ جذبي مون کي ڪافي متاثر ڪيو. هن نوجوان لنڪڊ اِن وسيلي اها نوڪري ڳولي، ان تي درخواست ڏئي، ميرٽ تي ڪامياب ٿي، هڪ اڻ ڄاتل ڏيھه ڏي نڪري آيو. سندس هتي هجڻ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه آهي. ساڻس گڏ ٻيو نوجوان جيڪو پرنس آڪاش کان پوءِ هتي پھتو هو، سو سوات جو فزيوٿراپسٽ نوجوان طلحا آهي.

هتي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي ڪري شام جو سج لھڻ جو منظر يا صبح جو سج اڀرڻ جو منظر دنيا جي بھترين منظرن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ٻين ملڪن جيترو پُرسڪون ۽ پُرلطف ناهي، پر پوءِ به هن کي ڏسڻ ۽ گهمڻ هڪ انوکو تجربو ضرور آهي.

ھڪ گمنام ملڪ بابت ڄاڻ ڀريو ۽ مختصر مگر دلچسپ ليک…. لاڙڪاڻي واري نوجوان آڪاش جو پڙھي خوشي ٿي.