Homeادبسفرناموپئسفڪ ڊائري2: سمنڊ ٿو مون کي سڏي

پئسفڪ ڊائري2: سمنڊ ٿو مون کي سڏي

نياز نديم
نياز نديم
نياز نديم ھڪ ليکڪ ۽ ڪلچرل ايڪٽوسٽ آھي. ھو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مادري ٻولين جي ادبي ميلي جو باني پڻ آھي. پاڻ ڪيترين ئي ملڪي توڙي عالمي خانگي تنظيمن سان ھم عھدن تي ڪم ڪندو رھيو آھي. ھڪ ليکڪ طور ھن ڪيترا ئي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن ۽ مضمون پڻ لکيا اٿس.

ڪجهه نوان شھر يا ملڪ پڻ ڪنھن پراڻي وچڙيل يار وانگر ٻانھون کولي اوهان جي آجيان لاءِ تيار هوندا آهن. پورٽ ولا پڻ مون کي پنھنجو ڪرڻ ۾ گهڻا ڏينھن نه لڳايا. شھر پنھنجو لڳڻ جو تعلق ان ڳالهه سان نه آهي ته اهو شھر ڪيترو ننڍو يا وڏو آهي، يا اوهان کي اتي آئي گهڻو وقت ٿيو آهي. پورٽ ولا پڻ مون کي بنا شرطن جي ڪجهه ئي ڏينھن ۾ پنھنجو ڪرڻ لڳو.

هتي پهچندي ئي جيڪا ڳالهه سڀ کان اهم لڳي، سا هئي ڪا مناسب رهائش ڳولڻ. مان جنھن هوٽل ۾ بنا ڄاڻ جي هڪ هفتي جي رهائش بڪ ڪئي هئي، اهو هڪ وچٿرو هوٽل هو، جيڪو هو ته سمنڊ ڪناري ۽ هر روز سج لھڻ جو خوبصورت منظر پسائي رهيو هو، پر هي وچ شھر ۾ هڪ مقامي نائٽ ڪلب جي بلڪل آمهون سامهون سبب ايترو پُرسڪون نه هو. ان کان وڌيڪ اها ڳالهه اهم هئي ته هوٽل جي عارضي رهائش جي ڀيٽ ۾ هڪ مستقل (خير مستقل ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟)  رهائش سانتيڪو ٿيڻ ۾ مدد ڪندي ۽ پوءِ باقي ٻين معاملن تي ڌيان ڏئي سگهبو.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري2: سمنڊ ٿو مون کي سڏي

هڪ هفتي جي اندر ئي مون ڀڄ ڊڪ ڪري، هڪ اهڙو اپارٽمينٽ ڪرائي تي حاصل ڪري ورتو، جيڪو آفيس ۽ شھر کان گهڻو پري به نه هئو، شھر جي سينٽر کي به ويجهو هو. ان کان به وڌيڪ پورٽ ولا ۾ سج لھڻ جي منظر جو بھترين نظارو هن اپارٽمينت مان پجي پئي سگهيو. اها ڳاله ضرور ڌيان ۾ هئي ته رهائش اهڙي هنڌ هجي، جتان گاڏي نه هجڻ سبب آفيس ۽ بنيادي ڪمن ڪارين لاءِ پنڌ اچي وڃي سگهجي يا وري ”بس“ جو سفر ڪري سگهجي. هي اپارٽمنٽ شھر جي مشھور ترين بيچ بار کان ٽن منٽن جي پنڌ تي، شھر جي سينٽر کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي ۽ منھنجي آفس کان پندرهن منٽن جي پنڌ تي هو. ان کان سواءِ اپارٽمينٽ جي چار ديواري اندر شھر جو مشھور ريسٽورنٽ ۽ هڪ ٻيو ٿائي کاڌن جو ريسٽورنٽ هو. شھر ۾ هڪڙو ئي شاپنگ مال آهي، جنھن جي پارڪنگ منھنجي اپارٽمينٽ جي بالڪوني مان نظر ايندي هئي. ان لحاظ کان هيءَ بھترين لوڪيشن جو اپارٽمنٽ هو، جتي مون هڪ سال انتھائي پرسڪون انداز ۾ گذاريو. هي هڪ ننڍڙو self-contained studio اپارٽمنٽ هو، جنھن جي هڪ ئي ڪمري اندر بيڊ روم، رڌڻو، واش روم وغيره هو. ها باقي بالڪوني مان سج لھڻ جو دنيا جي خوبصورت ترين منظرن مان هڪ منظر روز ڏسڻ لاءِ ملندو هو. هن اپارٽمنٽ ۾ گذاريل هڪ سال جو حال احوال آهستي آهستي اوهان سان ونڊيندو رهندس.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري2: سمنڊ ٿو مون کي سڏي

مٿي مون بس“ جو ذڪر ڪيو جيڪو پڻ هڪ مزيدار تجربو هو. پورٽ ولا ونواٽو جي گاديءَ جو هنڌ ضرور آهي، پر هي هڪ ننڍو ٽائون آهي، جنھن جي ڪل آبادي پنجاهه هزار کان به گهٽ آهي. جيتوڻيڪ هي ڪيترن ئي حوالن سان دنيا جي خوبصورت ترين گادي جي هنڌن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، پر سهولتن ۽ ترقي جي لحاظ کان ڪافي پوئتي پيل آهي. جزيرن جي رهڻي ڪھڻي جا پنھنجا انداز هجن ٿا. هتي هر ننڍي شيءِ کي وڏو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. مثال طور ڪنھن به ڪار خاص طور ڊبل ڪيبن گاڏين کي ”ٽرڪ” چيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت هتي ”بس“ پڻ ويگن کي ڪوٺيو وڃي ٿو. جيئن ته شھر ننڍو آهي، تنھن ڪري بسن جا ڪي روٽ مقرر ٿيل ناهن. بس اسٽاپ ضرور آهن، پر اوهان ڪنھن به هنڌ تي هٿ جو اشارو ڏئي بس کي روڪي سگهو ٿا. جنھن طرف بس وڃي رهي هجي، ان رخ ۾ ڪنھن به هنڌ جو نالو کڻو ته ڊرائيور اوهان کي ٻڌائيندو ته اهو اوهان کي اتي پھچائي سگهي ٿو يا نه. جي اوهان جي منزل طرف نه ويندو هوندو ته آرام سان معذرت ڪري ڇڏيندو ۽ اوهان وري ڪنھن ٻي بس جو انتظار ڪري سگهو ٿا. اوهان بس ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ ڊرائيور جي وس ۾ آهيو ته اهو ڪڏهن ٿو اوهان کي پنھنجيءَ منزل تي پھچائي. جيئن ته بسن جا ڪي روٽ مقرر نه آهن  ان ڪري ڊرائيور هر مسافر کان سندس منزل معلوم ڪري پنھنجي دماغ ۾ هڪ روٽ ترتيب ڏئي، هر ڪنهن کي پنهنجي سهولت آڌار مقرر هنڌ تي لاهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي منزل صفا ويجهي هجڻ باوجود هو اوهان کي آخر ۾ لاهي سگهي ٿو، جو اهو سندس دماغ ۾ ترتيب ڏنل روٽ موجب کيس درست لڳي ٿو. جيتوڻيڪ فاصلا ايترا وڏا ناهن، تنهن هوندي به هنن بسن جي سفر دوران شھر جي گهڻن پاسن جو مفت ۾ سير ٿيو وڃي.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري2: سمنڊ ٿو مون کي سڏي

پورٽ ولا ۾ پھرين هفتي جي هڪ خوشگوار ياد اها آهي جو مان هتي پھچڻ کان پوءِ پھرين ڇنڇر تي شھر جي مک بازار جو پنڌ سير ڪرڻ نڪتس. اوچتو هڪ اي ٽي ايم مشين وٽان ٻاهر نڪرندڙ همراه مون کي ڏسي جھڙوڪ سڪتي ۾ اچي ويو. رڙ ڪري چيائين، ”نياز، تون هتي ڇا پيو ڪرين؟“ مون کي ڪجهه سيڪنڊ لڳا. اهو سوچڻ ۾ ته هن اجنبي شھر ۾ هي ڪير آهي، جيڪو ايتري اڪير مان خوش ٿي مليو. انهن ئي سيڪنڊن جي وٿي ۾ هو منھنجي اها اڻ تڻ سمجهي ويو ۽ هڪدم چيائين، ”مان، ايلان“. ايتري ۾ مون کي پڻ ياد اچي چڪو هو ته هي منھنجو يار ونواٽو جي پاڙيسري ملڪ سالومن آئي لينڊ جو ايلان ڪلوئي هو. اسان ٻکين پئجي وياسين. ايلان ڪلوئي 2010 ۾ سڊني يونيورسٽي آسٽريليا ۾ نه رڳو منھنجو هم ڪلاسي هو، پر هو منهنجن انتهائي ويجهن دوستن مان هڪ هو. اهڙو دوست جيڪو ڪجهه ئي ڏينھن ۾ ايترو پنھنجو لڳندو هو ڄڻ اسان سالن کان يار هجئون. پورٽ ولا پھچڻ کان اڳ مون کي اندازو هو ته ايلان ونواٽو جي پاڙيسري ملڪ جو رهائشي آهي ۽ مان ڪجهه سانتيڪو ٿيڻ کان پوءِ ساڻس رابطو ڪندس. پر مون کي اهو اندازو نه هو ته هي ونواٽو ۾ رهي ٿو ۽ مون کي ايئن پھرئين هفتي ۾ ملي ويندو. ايلان ٻڌايو ته هو ڪافي سالن کان ونواٽو ۾ هڪ بين الحڪومتي اداري ۾ سينئر عھدي تي آهي ۽ سندس شادي هن ئي ملڪ مان ٿيل آهي، ان ڪري هتان جو شھري به آهي. ايلان بيٺي بيٺي ڪجهه حال احوال ڪرڻ کان پوءِ نمبر ورتو ۽ چيائين ته اڄ کيس ڪنھن ڪم سان ٻئي ملڪ وڃڻو آهي، پر هو جيئن ئي واپس ايندو ته مون سان تفصيلي ملاقات ڪندو. ايلان کان موڪلائي مان پنھنجي اپارٽمينٽ پهتس، پر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايلان جو فون آيو. چيائين ڪٿي آهين، مان توکي کڻڻ ٿو اچان. مان حيران ٿي ويس، پر جڏهن ايلان آيو ته چيائين، اڄ ڇنڇر آهي، ٻئي ملڪ ۾ منھنجو ڪم سومر تي شروع ٿيندو. ان ڪري مون کي سٺو نه لڳو ته توسان ايئن ملاقات ٿئي ۽ مان وري ملڪ کان ٻاهر هليو وڃان. سو مان ايئرپورٽ وڃي پنھنجي ٽڪيٽ تبديل ڪرائي ته جيئن اڄ ئي توسان تفصيلي ڪچھري ڪريان، توکي پنھنجي ڪٽنب سان ملايان ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته توکي ”ڪاوا“ پياريان. ”ڪاوا“ ڇا آهي، اهو احوال ايندڙ حصي  ۾ ٿيندو پر ”ڪاوا“، ڪاڙهو، سائي چانھ يا قهوو ناهي. اهو ڪنھن ٻي شيءِ جو نالو آهي، ۽ نيٺ اوهان کي ان شئي سان به مکاميلو ڪرائبو. (هلندڙ)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا