Homeادبسفرناموپئسفڪ ڊائري: ڪاوا جي ڪھاڻي

پئسفڪ ڊائري: ڪاوا جي ڪھاڻي

نياز نديم
نياز نديم
نياز نديم ھڪ ليکڪ ۽ ڪلچرل ايڪٽوسٽ آھي. ھو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مادري ٻولين جي ادبي ميلي جو باني پڻ آھي. پاڻ ڪيترين ئي ملڪي توڙي عالمي خانگي تنظيمن سان ھم عھدن تي ڪم ڪندو رھيو آھي. ھڪ ليکڪ طور ھن ڪيترا ئي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن ۽ مضمون پڻ لکيا اٿس.

اوهان سان ڪاوا جي ڪھاڻي ٻڌائڻ جو واعدو ٿيل هو ۽ اتفاق سان اها ڪھاڻي ٻڌائڻ جو وقت قرباني واري عيد جي ويجهو مليو ته ڪاوا جي ڪھاڻي پڻ قرباني سان لاڳاپيل آهي.
ڏاکڻي پسئفڪ جي مختلف ملڪن ۾ مختلف لوڪ ڪھاڻيون مشھور آهن. پھرين ڪھاڻي هڪ ملڪ ٽونگا جي آهي. هڪ خوبصورت ٻيٽ تي زال مڙس ۽ سندن خوبصورت ڌيءُ رهندا هئا. سندن ڌيءُ جو نالو ڪاوا هو. هڪ ڏينھن ٽونگا جو مقدس بادشاه اچي سندن گهر وٽان نڪتو ۽ اتي رات رهڻ ۽ آرام ڪرڻ جي فرمائش ڪئي. ميزبان خاندان وٽ بادشاه سلامت جي مناسب ميزبانيءَ جو جوڳو بندوبست نه هو، پر وٽن بادشاه جي تمام گهڻي عزت هئي. ميزبانن پنھنجي ڌيءُ کي ڪُھي، طعام طور بادشاه سلامت کي پيش ڪرڻ مناسب سمجهيو.
غريب خاندان جي قرباني قبول پئي ۽ سندن ڌيءُ کي ڪُھڻ واري هنڌ تان ٻه ٻوٽا ڦٽا، جن ۾ هڪ ڪمند جو ٻوٽو ته ٻيو ڪاوا جو ٻوٽو هو. بادشاه ۽ نياڻيءَ جي والدين ڏٺو ته هڪو ڪُوئو ڪاوا جي ٻوٽي کي ٽُڪي کائي رهيو هو ۽ ڪوئو سُرور ۾ وٺجندو ٿي ويو ۽ کيس سڪون ملڻ لڳو. ان ٻوٽي جي سڪون ۽ آرام ڏيڻ واري خاصيت کي ڏسندي بادشاه سلامت ۽ نياڻيءَ جي والدين ان ٻوٽي کي نياڻي جي قربانيءَ جي قبوليت طور ڪاوا جو نالو ڏنو.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري: ڪاوا جي ڪھاڻي

هڪ ٻي ڪھاڻي:
چيو وڃي ٿو ته ونواٽو ۾ ٻه يتيم ڀاءُ ڀيڻ گڏ رهندا هئا. هڪ ڏينھن ڪو اجنبي اچي سندن ڳوٺ پھتو ۽ ڇوڪريءَ جو سڱ گهريو. ڇوڪريءَ جي انڪار تي اجنبي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ سندس ڀاءُ سان جهيڙي ۾ نياڻيءَ جو خون ڪري وڌو. سوڳوار ڀاءُ، ڀيڻ جو لاش دفن ڪيو ۽ روز اتي وڃي اتي روئندو ھيو. ڪجه مھينن کان پوءِ سندس ڀيڻ جي قبر مان هڪ ٻوٽو ڦٽي نڪتو، جنھن کي هڪ ڪوئو ٽُڪي رهيو هو. مٿين ڪھاڻيءَ جي ابتڙ، هن ڀيري وري ڪاوا ڪوئي جو سرُ کنيو. اهو ڏسي ڇوڪريءَ جي سوڳوار ڀاءُ سوچيو ته ڇونه هو پڻ اهو ٻوٽو کائي ۽ وڃي ڀيڻ سان ملي. ڇا ڏسي ته همراه مئو ڪونه پر کيس سُرور اچڻ لڳو ۽ سندس ڀيڻ جي وڇوڙي جو غم غلط ٿيڻ لڳو. اتان کان پوءِ همراه ڪاوا کي هڪ مقدس ۽ پرسڪون مشروب طور ٻين علائقن ۾ متعارف ڪرايو.
مختلف ملڪن ۾ اهڙيون ڪئين ڪھاڻيون مشھور آهن، جن مان سڀني جو تت اهو آهي ته هيءُ هڪ مقدس ٻوٽو آهي، جيڪو اوهان جا غم غلط ڪري ٿو. سڀني ڪھاڻين ۾ هيءُ ٻوٽو ڦٽو عورت جي قرباني واري هنڌ يا قبر مان آهي ۽ ثقافتي طور هن کي عورتن لاءِ ممنوع مشروب قرار ڏنو ويو آهي.
”ڪاوا“ ونواٽو سميت پئسفڪ جي ڪيترن ئي ملڪن جو مقدس ثقافتي مشروب آهي. هن کي مشروب چوڻ مناسب به آهي الائي نه، ڇاڪاڻ تہ هن مشروب جي شڪل، ذائقو، طريقو ڪجهه به مشروب جو تاثر نه ڏيندو، پر پيئڻ جي ڪا به شيءِ پاڻي نه هجي ته ڀلا ان کي مشروب نه چئجي ته ڇا چئجي. بنيادي طور هيءُ مشروب ونواٽو سميت ڏاکڻي پئسفڪ جي ملڪن جھڙوڪ فجي، ٽونگا ۽ سمووا ۾ واپريو وڃي ٿو، پر وقت سان گڏوگڏ هن مشروب جي شھرت آسٽريليا، آمريڪا، نيوزي لينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن تائين پھتي آهي. هنن سڀني ملڪن ۾ ”ڪاوا“ وافر مقدار ۾ واپرايو وڃي ٿو. اوهان جيڪڏهن ڊزني جي فلم مووانا ڏٺي آهي ته ان ۾ مووانا پنھنجي پيءُ چيف توئي سان گڏ ڪاوا پيئندي ڏيکاري وئي آهي.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري: ڪاوا جي ڪھاڻي

ڪاوا ڇا آهي؟
مٿي ڄاڻايل ملڪن جو هيءُ اهم ترين ثقافتي مشروب هڪ ٻوٽي Piper methysticum plant جي پاڙ مان ٺھي ٿو. هن کي ٺاهڻ جا ڪيترائي طريقا آهن ۽ هر ملڪ ۾ طريقو ٿورو مختلف ٿي سگهي ٿو. ونواٽو جو ڪاوا ڄاڻايل جڙي ٻوٽي جي پاڙ کي ڪُٽي، صاف ڪري ۽ گهوٽي ٺاهيو ويندو آهي. جڙي ٻوٽي جا گهربل جُزا صاف ڪري، انهن کي پاڻيءَ سان ملائي پيتو وڃي ٿو. فجي ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ وري ان کي پائوڊر جي صورت ۾ تيار ڪري پوءِ پاڻي ۾ ملائي پيتو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي ڪاوا ٺاهڻ لاءِ پڻ ڀنگ گهوٽڻ سان ملندڙ جلندڙ مرحلا طئي ڪيا وڃن ٿا. ونواٽو ۾ مقامي طور ڪاوا پائوڊر جي صورت ۾ گهٽ ملي ٿو، پر ونواٽو ڪاوا ٻين ملڪن ۾ موڪلڻ لاءِ پائوڊر جي صورت ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو. فجي ۾ وري ڪاوا گهڻي ڀاڱي پائوڊر جي صورت ۾ خريد ڪري، پوءِ ان کي گهوٽيو وڃي ٿو. ڪيترن ئي محققن ۽ نباتات جي ماهرن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ڪاوا جو بنيادي ماڳ ونواٽو آهي ۽ ان کي ثقافتي طور مقدس مشروب جو درجو پڻ اتي ئي مليو. ان هوندي به ڪجهه ٻين ملڪن جھڙوڪ ٽونگا وغيره جي دعوا آهي ته هيءُ مشروب سندن ڌرتيءَ تان ڦٽي نڪتو. ڪاوا جا مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا پڻ آهن، جھڙوڪ ٽونگا، سڪونا، يڪونا، سڪوئا، اوا وغيره.

ڏيک، ذائقو ۽ اثر
ڪاوا ڏسڻ ۾ ميرانجهڙي رنگ جو ٿئي ٿو. مون کي ان جي شڪل ڏسي ابُل واه جي پاڻيءَ جو رنگ ياد ايندو آهي. هر ملڪ ۾ ان جو رنگ ڪجهه هلڪو يا گھرو ٿي سگهي ٿو. ڪيترائي ماڻهو ان کي muddy drink يا گپ جي شڪل وارو مشروب ڪوٺين ٿا. ان جو ذائقو ڪنھن به لحاظ کان خوشگوار ناهي. هر ملڪ جو ڪاوا مختلف آهي، پر خوشگوار ذائقو ڪٿي به ناهي. ڪنھن جو گهٽ بدمزه ته ڪنھن جو وڌيڪ بدمزه. مون لاءِ ذاتي طور ته ان جي ذائقي کي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي، پر ڪجهه ماڻهو ان کي ڪوڙو ڪسارو ۽ ڪارن مرچن يا مختلف مصالحن جي ذائقي وارو سڏين ٿا. اگر اهو مشروب ايترو ئي بدمزي، بدشڪل هجڻ جي باوجود ثقافتي حيثيت کان هٽي ڪنھن ٻئي ڪارڻ سبب مشهور آهي ته اهو آهي ان جو اثر. ٿلهي ليکي ان جو اثر اهڙو ئي آهي جھڙو اسان واري سائي ٿاڌل يعني ڀنگ جو آهي. هر ملڪ جي ڪاوا جو اثر مختلف آهي، پر ونواٽو جي ڪاوا کي سڀني کان وڌيڪ اثرائتو چيو وڃي ٿو. ايتري تائين جو، جنھن جو ونواٽو وارو ڪاوا پيتل هوندو، اهو فجي جي ڪاوا کي پاڻي برابر سمجهندو. جيترو اثر ونواٽو ۾ ڪاوا جي هڪ پيالي پيئڻ سان ٿئي ٿو، اوتري ”سُرور“ لاءِ اوهان کي فجي جون پنج پياليون پيئڻيون پونديون. هي اوهان کي ٿورو سُرور ڏيندو، سست ڪندو، جذبات کي ٿڌو ڪندو، سڄي ڏينھن جو ٿڪ لاهيندو ۽ گهر وڃڻ کان پوءِ اوهان ننڊ سٺي ڪري سگهندئو. روايتي طور ناريل جي کوپي يا شيل کي ڪاوا پيش ڪرڻ جي پيالي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪاوا جي هر پيالي کي شيل چيو وڃي ٿو. هيءُ مشروب ڪمرشل ٿيڻ سان گڏوگڏ مختلف قسم جي پيالين ۾ پڻ واپريو وڃي ٿو.

مقدس مشروب واري ثقافتي حيثيت
ذائقي ۽ ڏيک کان هٽي ڪري هن مشروب جي ثقافتي حيثيت هڪ انتھائي مقدس مشروب واري آهي. هن کي پيئڻ، واپرائڻ، پيش ڪرڻ جا اصول ۽ ضابطا ٺھيل آهن، جيڪي ٿوري گهڻي فرق سان هڪ جھڙا آهن. ڪاوا سرڪاري تقريبن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، سفارتي لاڳاپن، مذاڪرات، ڏيتي ليتي، جهيڙي جهڳڙي کي ختم ڪرڻ، وڏين ڪاميابين جو جشن ملهائڻ، گذاري ويل وڏڙن جي مان مرتبي کي ياد ڪرڻ، ڌرتيءَ سان تعلق سميت ڪيترين ئي سماجي ريتن رسمن ۾ ڪاوا جو اهم ڪردار آهي. تاريخي طور تي مقدس مشروب هجڻ جي ڪري هي صرف وڏيرن، چڱن مڙسن، پٽيلن وغيره (جن کي هنن ملڪن ۾ چيف چون ٿا)، جو مشروب هو. ان حيثيت جي ڪري عورتن کي هيءُ مشروب واپرائڻ جي اجازت ناهي. ثقافتي حيثيت سبب ان سان ڪيترائي اصول لاڳاپيل آهن، پر اوهان کي برادريءَ ۾ شامل ڪرڻ، مھمانن جي آجيان ڪرڻ وغيره سميت ڪيترائي اصول ملندا. ڪيترن ئي موقعن تي اوهان کي ڪاوا پيش ڪرڻ جو مطلب اوهان کي برادري، ڪميونٽي يا ڳوٺ ۾ ڀليڪار ڪرڻ آهي. سرڪاري تقريبن ۾ پڻ ڪاوا پيش ڪيو وڃي ٿو.

ڪاوا جو ڪمرشل ٿيڻ
وقت گذرڻ سان گڏ ڪاوا ڪمرشل ٿيڻ لڳو آهي، جيئن سنڌ ۾ چانھه جون هوٽلون يا ٻين ملڪن ۾ بارز ٿين ٿيون، ايئن پئسفڪ جي ملڪن ۾ وري ڪاوا بارز آهن. ونواٽو ۽ فجي ۾ ڪاوا بار کي ”ناڪامال“ سڏيو وڃي ٿو. روايتي طور ناڪامال ڳوٺ جي ان هنڌ جو نالو آهي، جتي ڳوٺ جو چڱو مڙس يعني چيف برادريءَ جي پنچائت ڪوٺائيندو آهي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويندا آهن. پر ڪاوا جي ڪمرشل ٿيڻ سان گڏ ڪاوا بارز کي ناڪامال جو نالو ڏنو ويو. روايتي طور عورتن لاءِ ممنوع قرار ڏنل هجڻ باوجود وڏن شھرن خاص طور گاديءَ وارن هنڌن ۾ اوهان کي عورتن جو وڏو انگ پڻ نظر ايندو. ڪيترائي سياح ناڪامال وڃڻ کي اهم مقامي تجربو سمجهن ٿا ۽ ڪيترن ئي حوالن سان مقامي ماڻهن سان ميل جول ۽ مقامي ثقافت کي سمجهڻ لاءِ هيءُ بھترين هنڌ آهي. ڪاوا شراب جي مقابلي ۾ بنھه سستو آهي، ان ڪري مقامي ماڻهو ان کي وافر مقدار ۾ واپرائين ٿا.
ڪاوا جي مقدس ثقافتي حيثيت باوجود ان جا صحت ۽ سماجي صحت تي ناڪاري اثر پڻ آهن. هي ايئن ئي عادي ڪري سگهي ٿو، جيئن ڪو به ٻيو نشو. ڪاوا جا منفي اثر گهريلو زندگيءَ تي پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ پاسي نشي جيان عادي ٿيل مردن جي اڪثريت آهي ته ٻئي طرف هن کي مردن جي سوشلائيزيشن جو ذريعو به سمجهيو وڃي ٿو، البته پدرسري نظام جي ٻين ڪيترين ئي اوڻائين وانگر عورتن کي هن کان يا پري رکيو وڃي ٿو يا ڪاوا پيئندڙ عورتن کي سٺي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي. ٻئي طرف گهڻو وقت ناڪامال تي ڪاوا سان اک ڪڪڙي ڪري گهر موٽيل مرد ڪنھن به ڪم جو نه ٿو رهي، جنھن جي ازدواجي زندگي توڙي گهريلو حالتن تي اهڙو ئي برو اثر ٿئي ٿو، جھڙو اسان وٽ ڪنھن غير ذميوار مواليءَ جي گهر جو هجي ٿو.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا