Homeصورتحالتعليمي ادارن ۾ نياڻين جو تحفظ ڪيئن ٿيندو؟

تعليمي ادارن ۾ نياڻين جو تحفظ ڪيئن ٿيندو؟

اصغر سومرو
اصغر سومرو
اصغر سومرو ھڪ نامور نوجوان ليکڪ آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ تعليم، سماج ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ توڙي حڪومتي پاليسين تي لاڀائتا مضمون ۽ بلاگ لکندو رھي ٿو.

جڏهن مونکي دوست اسحاق سميجي چيو ته ميرپورخاص ۾ تازو ميڊيڪل شعبي جي هڪ شاگردياڻيء پاران ڪيل آپگهات واري ڪيس بابت سارنگا لاءِ ڪجهه لکان، ته مون هڪدم پاڻ کان سوال ڪيو ته منھنجو هن معاملي بابت پنھنجو موقف ڪھڙو آهي؟ ٻيو ته ان موقف جي سگهه ڪيتري آهي؟ خاص طور اهو سوچڻ لڳس ته منھنجي ڪالم سبب هن ڪيس بابت مختلف فورمن تي هلندڙ گفتگو ڪيئن مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿي. هونئن به اهڙن مسئلن تي ”سنجيده“ گفتگو تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ليکڪ پڙهندڙ کي ڳالهه سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ ۾ مددگار ٿئي.

تنھنڪري، جتي خلق رڳو مذمت، روڄ راڙو ۽ الزام تراشين تائين محدود هجي، اتي ”سارنگا“ ذريعي حالتن جو باخبريء سان تنقيدي جائزو وٺڻ انتھائي اهم ٿي وڃي ٿو.

‎سچ پڇو ته مونکي به هن نياڻيءَ جي خودڪشيءَ بابت ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو. سوچيم ته ڪاش، هوءَ ائين نه ڪري ها! هن پنھنجي گهر ۾ سيني تي پستول جو فائر ڪري پنھنجي ڏکايل دل کي خاموش ڪري ڇڏيو. ذهني بيمارين جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر منظور جمالي چوندو آهي ته ڊپريشن اها واحد بيماري آهي جنھن ۾ ماڻهو مرڻ چاهي ٿو، نه ته هر بيماريءَ ۾ ماڻهو علاج ڪرائي ٺيڪ ٿيڻ چاهي ٿو. پر موجود معلومات مان ائين لڳي ٿو ته فهميده لغاريءَ جو ڪيس صرف روايتي ڊپريشن تائين محدود نه هو.

جيڪڏهن اهو رڳو ڊپريشن نه هو ته پوءِ ڇا هو؟ بيشڪ هي هڪ اهم سوال آهي. خودڪشي هڪ وڏو موضوع آهي، جنھن ۾ حياتياتي، نفسياتي ۽ سماجي سبب گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڪجهه ڪيسن ۾ ماڻهو مھينن تائين منصوبابندي ڪندا آهن، ته ڪجهه ۾ اوچتو جهٽڪي ۾ فيصلو ڪيو ويندو آهي. ڪي وري پاڻ سان صرف موت جي خواهش کڻي هلندا آهن، پر ڪندا ناهن، جنھن کي انگريزيءَ ۾ “ڊيٿ وش” چيو وڃي ٿو. پاڻ وٽ گيتن ۾ به اهڙا احساس ملن ٿا: “دنيا بناني والي سن، تيري دنيا سي جي ڀر گيا!” موجود حالتن مان لڳي ٿو ته فهميده جو قدم هڪ اوچتي نفسياتي جهٽڪي، يعني “ٽرگر ايونٽ”، جو نتيجو هو. ‎هاڻي جاچ ڪندڙ ٽيم جي بہ ذميواري آهي ته اها واقعي جي اصل سببن تائين پھچي: آخر اهڙو ڪھڙو واقعو يا دٻاءُ هو، جنھن هن کي هن انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو؟ ڇا ڪا ڌمڪي ملي هئي؟ ڇا ڪو بليڪ ميلنگ يا مسلسل دٻاءُ جو معاملو هو؟ هن حوالي سان موت کان اڳ وارا اٺيتاليھ کان ٻاهتر ڪلاڪ انتھائي اهم آهن. ان عرصي جي هر قسم جي رابطن، پيغامن ۽ حالتن جو تفصيلي جائزو وٺڻ لازمي آهي.

هتي هڪ اهم ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي: فهميده لغاريءَ وارو ڪيس ڪو الڳ ٿلڳ سانحو ناهي. اهو هڪ وڏي سماجي ناڪاميءَ جو حصو آهي، جنھن ۾ هڪ واضح پيٽرن نظر اچي ٿو. ماضيءَ ۾ نائلا رند، نمرتا ۽ ٻين جا ڪيس به ان ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن. تنھنڪري، مسئلي کي رڳو فردي ڪمزوري طور پيش ڪرڻ اصل مسئلي کان فرار آهي.

اهو به سوال آهي ته اسان جو تعليمي ۽ سماجي نظام ڪھڙي قسم جون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي؟

اهي “هائبرڊ حالتون” آهن: جتي استاد ۽ شاگرد وچ ۾ طاقت جو توازن ناهي؛ شاگرد جو سڄو تعليمي مستقبل استاد جي هٿ ۾ آهي؛ عزت ۽ غيرت جو تصور رڳو عورت تائين محدود آهي، پر انتظاميا جي احتساب جو تصور ناهي. يونيورسٽي انتظاميا انصاف ڏيڻ بدران اداري جي ساک بچائڻ کي ترجيح ڏئي ٿي؛ ۽ سماج ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ آهي. اهي سڀئي عنصر گڏجي هڪ اهڙو نفسياتي دٻاءُ پيدا ڪن ٿا، جتي شاگردياڻي پاڻ کي مڪمل طور ڦاٿل محسوس ڪري ٿي. جتي نڪرڻ جو حل رڳو خودڪشيءَ ۾ محسوس ٿئي ٿو.

‎حراسمينٽ کي اڪثر هڪ الڳ واقعي طور ڏٺو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو هڪ مڪمل ڦاسائڻ جو عمل آهي، جنھن کي انگريزي ۾ ”A process of entrapment“ چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن واقعي اهو سچ آهي ته فهميده پنھنجي والد سان گڏ وائيس چانسلر وٽ هڪ استاد خلاف شڪايت ڪئي، ۽ ان تي ڪو قدم نه کنيو ويو، ته پوءِ اها صرف هڪ انتظامي غفلت نه، پر هڪ سنگين ناڪامي آهي.

‎ان بنياد تي، صرف هڪ فرد خلاف ڪارروائي ڪافي ناهي. وائيس چانسلر ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي به جوابدار بڻائڻو پوندو ته شڪايت باوجود ڪارروائي ڇو نه ٿي؟ هتي قانون به واضح آهي. 2010ع ۾ ڪم واري جاءِ تي حراسمينٽ خلاف قانون ٺھيو، جنھن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪري شاگردن ۽ تعليمي ادارن کي به شامل ڪيو ويو. هن قانون تحت هر يونيورسٽي پابند آهي ته هڪ فعال حراسمينٽ ڪميٽي قائم ڪري. جيڪڏهن اهڙيون ڪميٽيون موجود ناهن يا غير فعال آهن، ته اها سڌيءَ ريت قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

‎اهڙي صورتحال ۾ مسئلو صرف اخلاقي اپيلن سان حل نه ٿيندو. ضروري آهي ته:

* هر اهڙي ڪيس جي آزاد ۽ شفاف جاچ ٿئي.

* يونيورسٽين جي حراسمينٽ ڪميٽين جي باقاعده آڊٽ ڪئي وڃي.

* شاگردن لاءِ محفوظ ۽ بااعتماد شڪايتي نظام قائم ڪيو وڃي.

* ۽ ادارن کي به قانوني طور ذميوار بڻايو وڃي.

‎اسان جي سماج جي المناڪ سچائي اها آهي ته جيڪڏهن شاگردياڻيون شڪايت ڪن ٿيون ته کين برو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن خاموش رهن ٿيون ته اندر ئي اندر ٽٽنديون رهن ٿيون. ٻنهي صورتن ۾ نقصان انهن جو ئي ٿئي ٿو.

‎هاڻي هن ڪيس جي ايف آءِ آر به ٿي چڪي آهي، جاچ به ٿيندي، قانوني ڪارروائي به اڳتي وڌندي. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان هن واقعي مان سکڻ لاءِ تيار آهيون؟

‎ڇو ته جيڪڏهن نه، ته پوءِ اهڙا واقعا رڪجڻ ممڪن ناھن.

‎۽ پوءِ هر ڀيري اسان وٽ رڳو افسوس ئي رهجي ويندو—۽ هڪ وڌيڪ وڃايل زندگي.

‎ڪاش، اسان ٻين جي نياڻين کي به پنھنجين نياڻين وانگر خلوص، پيار ۽ شفقت ڏيڻ سکي وٺون.

Asgharsoomro @gmail.com

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا