ارشد وحيد جو انگريزيءَ ۾لکيل ناول other Days ، جنھن جي ادبي اھميت کي نظر ۾ رکندي کيس پطرس بخاري ايوارڊ ملي چڪو آهي، تنھن جو سنڌي ترجمو ”ٻيا ڏينھن“ جي نالي سان سنڌ جي ناليواري سينئر صحافي، اديب، ليکڪ ۽ محقق محترم نصير اعجاز اهڙيءَ ته ادبي ڄاڻ، فن ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏٰکيو ٿي پيو آهي ته هيءُ ناول نصير اعجاز جو لکيل آهي، يا ترجمو ڪيل آهي.
ناول نگار کي جيڪي ذاتي طرح سڃاڻن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ترقي پسند نظرياتي سوچ رکندڙ ۽ رجعت پرست عقيدي پسندن جي ويڙھ عروج تي هئي ته ان وقت ليکڪ به عملي طرح ان جدوجھد سان سلھاڙيل هو.
ترقي پسند پھريون ڀيرو زيرزمين سرگرمين سان گڏوگڏ ٿورو منھن ٻاهر ڪڍي ظاهر ٿيا. جيتوڻيڪ ڳجهي پارٽي مرڻ گهڙي تائين حجاب جي پردي ۾ رهي. ڪامريڊ، شاگردن، مل مزدورن، اديبن، دانشورن، مڊل ڪلاس جي ننڍن ننڍن ملازم مسڪين پورھيتن جي مطالبن جي کليل پٺڀرائي ڪئي ۽ مارشل لا کي به للڪاريو. جلسا جلوس ڪڍيا، قيد بند به ڪاٽيا ۽ سياسي پارٽين ۾ گس جا ڪامريڊ جو ڪردار به ادا ڪيو. هارين ۽ ڪسانن، مزدورن جون ڪميٽيون وڏي بھادريءَ سان وڏيرن، چوڌرين ۽ مل مالڪن سان ڪامريڊن جي گس جا پاليسي کان گهڻو اڳ هارين، مزدورن ۽ ڪسانن جون جدوجھدون هلندڙ هيون.
ترقي پسند اڳواڻن توڙي سندن جاءِ نشينن ۾ هزار خوبيون هونديون، پر ٻه ٽي اڻوڻندڙ اهڙيون عادتون ۽ علتون هونديون هيون، جن مان مرڻ گهڙي تائين جان ڇڏائي نه سگهيا. نتيجي ۾ انهن عادتن ۽ علتن کين مقبول عوامي ليڊر جي درجي تي پھچڻ کان محروم رکيو. اهوئي سبب آهي جو انقلابي نظريه ۽ عقيدي پرستن جي ڪيل ويڙهه مان نئين نسل کي جيترو فائدو گهربل هو، ان کان وڌيڪ مايوسي، نراسائي ۽ نقصان پھتو. اهي هاڻ ”سُرخ ۽ سبز هئي ايشيا“ وارن جون پارٽيون، ڪميٽيون ۽ شڪست کاڌل مغل بادشاهن جي اولادن جيان وڏن جي ماضيءَ جي ڪارنامن، ڪتابن، تقريرن جا پوسٽر کڻيو پيا ماڻهن کي منجهائين.
ليکڪ ارشد وحيد جو ڪمال اهو آهي جو نه ڪنھن جو نالو کڻي ٿو، نه ڪنھن جي ڪردارڪشي يا ساراه ڪري ٿو. نه تنقيد، نه تبصرو، نه نتيجو، نه وري پنھنجو رايو پيش ٿو ڪري. ارشد وحيد ستر واري ڏهاڪي ۾ ايشيا سُرخ آهي يا ايشيا سبز آهي جي حقيقت جي اهڙي معصوميت سان منظر نگاري ۽ تصويرڪشي ڪئي، جو شايد سمجهندو هوندو ته مون ته ڪنھن جي لاءِ ڪجهه ڪونه چيو آهي- مگر هو پنھنجيءَ ڄاڻ ۽ يادگيريءَ جي آڌار تي اهڙو آئينو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنھن ۾ سرخ توڙي سبز انقلاب وارن کي پنھنجي پنھنجي شڪل ۽ پنھنجا پنھنجا پرڪار چٽا نظر ايندا.
انقلابي اڳواڻ توڙي انهن جا جاءِ نشين پنھنجن نظرياتي ڪلاسن تقريرن تحريرن ۾ جيڪو ٿلهي ليکي سبق ڏين ٿا، ان جا ڪجهه نُڪتا مختلف ڪردارن وٽان ليکڪ چوِرايا آهن.
- هو نئين تھذيب جو حصو هوندا.
- سياسي سماجي ۽ نسلي فرق جي خلاف هوندا.
- نئون تعلق جوڙڻ جي همت ڪندڙن ۾ پراڻا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي همت به هجڻ گهرجي. منجهيل سوچ رکندڙ ٻنهين رشتن کان ويندا.
- جيڪي ماڻهو نئين دنيا قائم ڪرڻ چاهن ٿا، انهن کي پوئتي مڙي ڏسڻ نه گهرجي.
- توهانجي زندگيءَ ۾ پيار کڻي ڪيترو اهميت وارو هجي، پر اوهان رڳو هڪ رشتي سان پاڻ کي ڳنڍي نٿا رکي سگهو. ٻيا به کوڙ لاڳاپا آهن.
- ڊپ ڪنھن کي به سندس پسند جي واٽ ڳولڻ نه ٿو ڏئي، جنھن جي خلاف اوهان بغاوت ڪندا.
- غيرمنظم هجڻ ۽ پنھنجي خواهش جو غلام هجڻ اوهان کي معذور بڻائي ڇڏيندو.
ناول ۾ ساره هڪ اهڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جنھن مٿيان اصول ٻڌي، دل سان قبول ڪري، هر حالت ۾ عمل ڪرڻ جو پڪو پھه ڪيو. داؤد جيڪو پارٽيءَ ۾ گرو واري حيثيت رکندو هو، ساره ان کان بيحد متاثر هئي. داؤد سان گڏ گڏ هوندي هئي. ماڌو لال حسين جي ميلي ۾ داؤد سان گڏ ڀنگ جو چُڪو پي، وڌيڪ چري ٿي ۽ داؤد جي پويان پويان ڇوڪرن جي هاسٽل ۾ وارڊن جي ڪمري ۾ اڪيلي داؤد سان ڪچھري ڪندي هئي. ايشيا سبز وارن کيس پڪڙي ڏاڍي مار ڪٽ ڪئي ۽ داؤد جا ته هَڏ گُڏ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون. داؤد ۽ ساره جي واهر لاءِ ڪير به ڪونه آيو. داؤد جو علاج مائٽن ڪرايو ۽ چاڪ ٿيڻ کان پوءِ فرمانبردار ٻار جيان ساره کان بنا موڪلائڻ جي لنڊن هليو ويو. ساره کي مائٽ وٺڻ آيا ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺان مائٽن مني آرڊر موڪليو، اهو به واپس ڪري ڇڏيائين. مائٽ به ويا، گرو به هليو ويو.
ساره پوءِ به همت نه هاري. ساره سان ڏک ونڊڻ جي بھاني ظفر انکي ويجهو ٿيو. پوءِ ان سان ميل ميلاپ وڌيو. گڏجي وائن شراب پيئندا هئا. ظفر پارٽيءَ ۾ داؤد کان پوءِ سينيئر ڪارڪن هو. ظفر شاگردن، دانشورن، اديبن، مزدورن ۽ هارين کي منظم ڪندو هو. ساره ظفر سان گڏ شراب به پيئندي هئي. ٻنهي ڪارڪنن جي حالت ڏسي، پارٽي جي استاد کين مشورو ڏنو ته هاڻ پنھنجي زندگيءَ کي ڪنھن ضابطي ۾ آڻيو . ساره چيو ته آئون شاديءَ لاءِ تيار آهيان، پر ظفر لنوائي ويو. جڏهن ساره پيٽ سان ٿي ته پوءِ ظفر ساڻس شادي ڪئي. ڇوڪري ڄائي. ساره ان جو نالو سامي رکيو، ظفر بدلجي ويو. گارگند، طعنا، مھڻا ڏيڻ لڳو ته سامي الائي ڪنھن مان آهي. نتيجو طلاق تي پھتو.
سائره جو ڪو به اوهي واهي نه رهيو. ڪيڏانھن وڃي. بئنڪ مان لنڊن برانچ ۾ سندس بدلي ٿي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ته ساميءَ جي پرورش نئين ماحول ۾ ڪندي، پر واه قسمت! ساره لنڊن ۾ جنھن عورت وٽ ساميءَ کي سنڀالڻ جي ذميواري ڏني، اها به انقلاب سبز هي وارن جي ڪارڪن هئي، جنھن ساميءَ جي اهڙي تربيت ڪئي، جو هوءَ پنھنجيءَ ماءُ کان نفرت ڪرڻ لڳي ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ جھادين سان رابطا قائم ڪيا. اهڙيءَ ريت الائي ڪيتريون سارائون
اياز جي بقول:
ڪنڌيءَ ٽٽل ڪانھَن کي، ڪھڙو هيرَ هڳاءُ…
ساڳيو حال ايشيا سبز وارن جو هو. بانو تعليم وٺڻ دوران ٻھرين وٽ رهي. شاهين عقيدت پسند جھادي هو. ان سان لاڳاپا رکيا. پوءِ شاهين گم ٿي ويو ته بانو احمر پوءِ داؤد سان گڏ رهڻ لڳي. شاهين کين ڳولي ڳولي بانو کي داؤد وٽ وڃي لڌو ۽ پسٽل ڪڍي بانو تي فائر ڪيو، مگر وچ ۾ انقلابي عاشق داؤد اچي ويو ۽ گولين جو کاڄ ٿي ويو. نظريو، انقلاب، نئون سماج اڏڻ لاءِ انقلابي استاد ۽ گرو داؤد جيان ڪارڪن به وڏا وڏا خواب ڏسندا هئا، حال پچا ٿيندا ۽ ماڻهن کي انقلاب جي ور وڪڙن واري واٽ جي خطرن ذريعي ماٺو ۾ ڪندا هئا .
لطيف فرمايو آهي:
هاري رکج حق، سانڀارا ساهڙ جا
خواب خيال خطرا، تنين ڏيج طرف،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻيين.
”ٻيا ڏينھن“ ناول نه صرف هڪ ادبي شاهڪار آهي، پر ان جي پڙهڻ سان هڪ دور جي سياسي هلچل جي خبر پوي ٿي. ان سان گڏ غير جانبدار تعميري تنقيد ۽ محب وطن ڪارڪنن جي بھتر رهنمائي ۽ خطرن ۽ ڇڙواڳين جي ڄاڻ ملي ٿي. ناول هر طرح هڪ بھترين ناول آهي.
