اين ڪارسن 1950ع ۾ ٽورانٽو، ڪئناڊا ۾ جنم ورتو. هوءَ شاعره آهي. پوءِ مضمون نگار ۽ ڪلاسيڪي ادب جي پروفيسر ۽ ترجميڪار بہ.
هن ٽورانٽو يونيورسٽيءَ مان ڪلاسيڪي ادب ۾ بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ماڻيون. امريڪا ۽ ڪئناڊا جي انيڪ يونيورسٽين ۾ پڙهايو اٿائين. تن ۾ ميڪگل ۽ مشيگن يونيورسٽيون بہ شامل آهن.
ڪلاسيڪيت سان لڳاءُ هاءِ اسڪول ۾ ٿيس. هوءَ رسيس ۾ هڪ استادياڻيءَ کان جهوني يوناني ٻولي سکندي هئي. ايئن ڪلاسيڪي هيلينِڪ/يوناني ادب سان گھرو نينھن لڳوس. تنھن جي اثرُ جو اولڙو هُن جي ڪم تي پوندو آيو آهي.
1986ع ۾ هُن جو ڪتاب “ايروس دي بِٽر سُوِيٽ: هڪ مضمون” ڇپيو. تنھن وسيلي هُن پنھنجي اسلوب جو اعلان ڪيو. اُهو پراچين يوناني ادب جو نمونو هو – ۽ بنھ الڳ هو. هُن جھڙوڪ هڪ متروڪ انداز جي ٻيھر مسيحائي ڪئي.
هوءَ انٽر ٽيڪسچوئلٽيءَ جي ٽيڪنڪ پاسٽيش جي ماهر ليکي پئي ويئي آهي. يعني نئين سان پراڻي کي ملائي نئون متن تيار ڪرڻُ. اُهو انداز “آٽو بايوگرافي آف رَيڊ” ۾ نشانبر آهي. اهو ڪتابُ 1998ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتابُ هن جي ڪمن ۾ خاص جاءِ والاري ٿو جو اُهو منظوم ناول آهي.
هن جا ٻيا چُونڊ ڪتاب آهن:
“دي بيوٽي آف دي هزبنڊ” – مڙس جي سوڀيا، 2001ع
“گلاس، آئرني، اينڊ گاڊ” – 1992ع
“مين ان دي آف آورز” – 2001ع
“پلين واٽر” – 1995ع
“ڊيڪريئيشن” – 2005ع
نوڪس (Nox) – 2010ع
“ريڊ ڊاڪ” – 2013ع
“فِلَوٽ” – 2016ع
هن ڪلاسيڪل يوناني ادب جي ڪمن جا ترجما بہ ڪيا آهن، جن ۾ سئفو ۽ يوريپيڊس جا ناٽڪ (ڏُک مان پِرائڻُ) ۽ ٽن الميائي ناٽڪن جو ڳُٽڪو “اين اوريسٽيا”، 2009ع، شامل آهن.
ڪارسن کي نوبل پرائيز 2026ع ملڻ کان اڳي مليل امتيازن ۾ شامل آهن:
لينَن لٽريري ايوارڊ، 1996ع
گوگن هائم فيلوشپ، 1998ع
ميڪ آرٿر فيلوشپ، 2000ع
گريفن پوئٽري پرائيز،2001ع ۽ 2013ع
گورنر جنرلس ايوارڊ، 2001ع
ٽي ايس ايليٽ پرائيز، 2001ع
ميمبر آف دي آرڊر آف ڪئناڊا، 2005ع
پرنسس آف آسٽرياس ايوارڊ، 2020ع
پين / نبوڪوف ايوارڊ،2021ع
هوءَ پاڻ کي بنيادي طرح وِجوئل آرٽسٽ ۽ چترڪاريءَ جي عاشق سمجهي ٿي.
“ڀانيان تہ ويھارو ورهين تائين مون ڪجهہ بہ خاص نہ لکيو هو، جو آئون چترڪاري ڪندي هوَس يعني تصويرون ٺاهيندي هوَس. تنھن وچ ۾ ائين ئي ٿورو گهڻو لکي بہ وٺندي هوَس، شوق چترڪاري هو. سوچيو ئي نہ هوم تہ ڪا ليکڪہ بڻبيس. ڪئين ڪتابَ ناماچاري ماڻي ويا آهن پر مون کي ويسَھ ناهي تہ آئون ڪا ليکڪہ آهيان. ايترو سو لڳيم ٿو، مون کي تخليق ڪرڻو آهن. اسان جي هلندَي رواج ۾ ڪتابَ شين جي تخليق جو سھنجو وسيلو آهن. پر اُهي هاڻي گهٽ کان گهٽ اطمينان جوڳا ٿيندا وڃن جو مون کي ڪڏهن بہ ناهي لڳو تہ اُهي منھنجن خيالن کي (اُڪلائي يا) ٻاڦوري ٻاهر ڪڍي سگهيا آهن.”
متن جو ماخذ: پوئٽري فائونڊيشن.
