Homeادببلاگهراسمينٽ ۽ ادبي دنيا

هراسمينٽ ۽ ادبي دنيا

ممتاز بخاري
ممتاز بخاري
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور ليکڪ آهي، جنھن فڪشن، ڊرامي ۽ ادبي تنقيد جي موضوع تي اهم ڪتاب لکيا آهن. هو سنڌيءَ جو نامور صحافي به آهي، جنھن ڪيترن ئي اهم موضوعن تي دستاويزي فلمون ۽ اسٽوريز به ٺاهيون آهن. وڏي عرصي کان وٺي هو مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا لاءِ منفرد موضوعن تي مضمون ۽ بلاگ لکندو رهي ٿو.


مونيڪا ليونسڪي ۽ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جو سيڪس اسڪينڊل ويھين صديءَ جو آمريڪا جو
وڏي ۾ وڏو سيڪس اسڪينڊل بڻجي ويو هو، اڻ سڌيءَ ريت ته ڪيترن ئي ناولن ۾ ان جو ذڪر اچي
چڪو آهي. جڏهن ته سڌيءَ ريت به اهو تشبيھه طور استعمال ٿيندو رهي ٿو. 1998ع ۾ ٿيل ڪلنٽن
مونيڪا اسڪينڊل بعد آمريڪا ۾ ايڪويھين صديءَ جو ٻيو وڏو سيڪس اسڪينڊل جيفري ايپسٽن جو
سامهون آيو آهي. جيفري جي فائيلن ۾ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو به نالو اچي پيو. انهن ٻنهي
اسڪينڊلن جو ذڪر ان ڪري به گهڻو ٿئي پيو، جو اسڪرين واري ادب کانسواءِ اهي افسانوي ادب جي
حوالي سان به ذڪر هيٺ اچن ٿا.
هونئن ته جيفري ايپسٽن بابت ڊاڪيومينٽري سيزن 2020ع ۾ ٺھي هئي، پر اڄڪلهه نيٽفليڪس تي اها
ان ڪري تمام گهڻي مقبول ٿي آهي، جو آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف جسٽس پاران ان ڪيس سان لاڳاپيل
پنجٽيهه لک صفحا جاري ڪيا ويا آهن. انهن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ وڊيوز ۽ هڪ لک 80 هزار فوٽو
به شامل آهن. مون انهن صفحن جا ڪجهه تت پڙهيا ۽ جيفري ايپسٽن بابت چئن قسطن تي آڌاريل
ڊاڪيومينٽري JEFFREY EPSTIEN: FILTHY RICH به ڏٺي آهي. هن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته
هن ارب پتي همراهه جي گهڻي ڀاڱي زندگي حوس واري رهي آهي. ايئن پيو لڳي ته ڄڻ جنسي معاملي
۾ نفسياتي مريض هجي. ارب پتي هوندي، هر قسم جي ٽين ايج ڇوڪرين ۽ عورتن سان جنسي لاڳاپن
لاءِ ڇتي بک هن جي محرومي ۽ فرسٽيشن کي ظاهر ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ ڊاڪيومينٽري ڪا گهڻي سٺي ٺھيل ناهي، پر هاءِ پروفائيل ڪيس سبب اها تمام گهڻي ڏٺي پئي
وڃي ۽ مون به قسطن ۾ ڏسي پوري ڪئي. ان موضوع سان لاڳاپيل مواد سي اين اين، بي بي سي،
واشنگٽن پوسٽ وغيره تي به ڏسندو ۽ پڙهندو رهيو آهيان. هن جي حوس جو شڪار 150 کان مٿي
ڇوڪرا ڇوڪريون ٿيا، جن مان اڪثر نابالغ هيون/هيا. هن تي اهو به ثابت ٿيو ته هو ڇوڪرين يا
پنھنجن ملازمن مٿان زوري ٽائيم سيٽ ڪرڻ جو دٻاءُ وجهندو هو. انهن کي مانجهاندي يا رات جي
مانيءَ تي هلڻ لاءِ زور ڀريندو هو. کين نوڪرين جا ڏٽا ڏيندو هو يا وري ڪچي نوڪريءَ وارين
ڇوڪرين جون پگهارون وڌائڻ جون لالچون ڏيندو هو. اهڙن سمورن عملن تي هن کي 2021ع ۾ ويھن
سالن جي سخت پورهئي سان سزا ملي. پر هو سزا کان اڳ ئي 2019ع ۾ 66 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. البته هراسمينٽ جو شڪار ٿيل عورتن کي انصاف ڏيڻ لاءِ مُئي پڄاڻان به کيس سزا ٻڌائي
وئي.
اهڙيون جنسي وارداتون ادبي دنيا ۾ به جام آهن، پر ادب جي سوئيڊش نوبل ڪاميٽي وارو سيڪس
اسڪينڊل تمام وڏي اسڪينڊل طور سامهون آيو، جنھن جي نتيجي ۾ 2018ع ۾ نوبل ادبي انعام روڪيو
ويو. اهو اسڪينڊل ان ڪري چوٽ چڙهيو، جو سوئيڊش اڪيڊميءَ جي ميمبر ڪيترينا جو مڙس جين
ڪلاڊ آرنولٽ Jean-Claude Arnault هو، جنھن تي ويھارو کن عورتن جنسي زيادتيءَ جا الزام
لڳايا. اهو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد اها ڳالهه به سامهون آئي ته ان همراهه بڪيز سان نوبل ماڻيندڙن
جا نالا اڳ ۾ ئي شيئر ڪري، وڏا پئسا ٿي ڪمايا. آرنولٽ تي عدالت ۾ اهو ڪيس ثابت ٿيو. نتيجي ۾
هُو ته جيل هليو ويو، پر نوبل ادبي ڪاميٽي وڏي بحران جو شڪار ٿي.
اهڙيءَ طرح مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته فرانس جي هڪ ليکڪ ۽ نقاد Gabriel Matzneff
تي ڇوڪرين کي ميسيجن وسيلي هراس ڪرڻ جا ڪيس لڳا هئا. ٻيو ته ٺھيو، 2001ع ۾ ادب جو نوبل
انعام ماڻيندڙ وي ايس نائيپال به عورتن سان بدسلوڪيءَ سبب ڦاٿو هو، پر بچ بچاءُ ڪري جان آجي
ڪرائي هئائين. برطانوي ناول نگار ڊيوڊ ڪارنول David Cornwell ٻارن سان جنسي زيادتيءَ سبب

سزا کاڌي هئي. جيتوڻيڪ هو انٽيلجنس آفيسر به رهي چڪو هو ۽ ان وقت هو قلمي نالي جان ڪيري
سان لکندو هو.
ڪي اسڪينڊل وري ليکڪن جي مُئي پڄاڻان به سامهون آيا. جيئن 2022ع ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته
ميڪسيڪو جي مشھور ڊاڪيومينٽري پروڊيوسر اندرا ڪيٽو Indra Cato دنيا جي عظيم ناول نگار
گبرئيل گارشيا مارڪيز جي ڌيءُ آهي ۽ هن ڪيٽو جي ماءُ سان پنھنجن لاڳاپن کي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ
نه ڏنو هو. ان کان به وڏي خبر ادبي جھان لاءِ اها هئي ته دنيا جي مشھور شاعر پابلو نيرودا سريلنڪا ۾
پرڏيھي کاتي ۾ نوڪريءَ دوران هڪ ملازمه سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي. اها ڳالهه هن 1974ع ۾
پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب I Confess That I Have Lived ۾ به ڪئي آهي. ان واقعي بابت
’گارجين’ اخبار جي 23 نومبر 2018ع واري هڪ مضمون ۾ به ڄاڻايل آهي:
After the woman ignored his advances, Neruda says he took “a strong grip
on her wrist” and led her to his bedroom. “The encounter was like that of a
man and a statue. She kept her eyes wide open all the while, completely
unresponsive,” he recalled. “She was right to despise me.”
پابلو نيرودا جي ان ڪتاب تي تمام گهڻو گوڙ ٿيو. کيس مليل اعزازن تي سوال اٿاريا ويا. هڪ
ايئرپورٽ تي جڏهن سندس نالو رکيو ٿي ويو ته ان خلاف سخت ليک لکيا ويا. ڪجهه مظاهرا به ٿيا.
مون کي ياد آهي ته طارق قريشيءَ ڪي تي اين تي هڪ سيريل به لکي هئي، جنھن ۾ هن خانگي ادارن
۾ ڪم ڪندڙ عورتن تي زبردستي دوستيون رکڻ لاءِ پوندڙ دٻاءَ کي موضوع بڻايو هو. پاڻ وٽ خاص
طور خانگي ادارن ۾ ڇوڪرين کي ميسيجن وسيلي يا روبرو دوستيون رکڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ وارا واقعا
عام آهن. حوَسي ماڻهن کي نتيجن جو ڊپ ناهي هوندو. ان ڪري ئي هو واٽس ائپ يا ميسينجر ۾ به کين
ميسيج ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وساري ويھندا آهن ته اهي اسڪرين شارٽ سان سيوِ ٿي ويندا آهن ۽
فرانزڪ وسيلي آسانيءَ سان ثابت به ٿي سگهندا آهي. ويجهر ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ لاهور جا ٻه ٽي
هاءِ پروفائيل ڪيس ايئن ئي ثابت ٿيا. انهن ۾ ٻه ڪيس ته جبري طور سائبر سيڪس جي ذمري ۾ آيا
پئي. جيتوڻيڪ راضپي واري سائبر سيڪس ڪيسن بابت اڃا تائين سزا مقرر ناهي ٿي، پر ڪجهه
ملڪن ۾ اهي پڌرا ڪرڻ تي سزا ضرور آهي. اهڙا ڪجهه ڪيس سنڌي ۽ اردو اديبن سان گڏ پاڪستان
جي ٻين ٻولين جي اديبن جا به سامهون ايندا رهيا آهن.
آخر ۾: شوبز جي دنيا هجي يا ٻيا شعبا، اڻ ڳڻيا جنسي اسڪينڊل ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. مختلف ٻولين ۾
ان موضوع تي ڪتاب به آيا آهن، جيئن 1992ع ۾ جنم وٺندڙ برطانوي صحافڻ ۽ ليکڪا لوئي پيري
جو ڪتاب The Case Against the Sexual Revolution آهي، جيڪو جنسي ڪلچر تي
هڪ منفرد قسم جو بحث آهي. هيءُ ڪتاب 2022ع ڌاري ڇيپو آهي.
ليکڪ جو تعارف
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور ليکڪ آهي، جنھن فڪشن، ڊرامي ۽ ادبي تنقيد جي موضوع تي
اهم ڪتاب لکيا آهن. هو سنڌيءَ جو نامور صحافي به آهي، جنھن ڪيترن ئي اهم موضوعن تي
دستاويزي فلمون ۽ اسٽوريز به ٺاهيون آهن. وڏي عرصي کان وٺي هو مختلف اخبارن توڙي سوشل
ميڊيا لاءِ منفرد موضوعن تي مضمون ۽ بلاگ لکندو رهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا