Homeادبڪٿاآتم ڪٿا مان ھڪ ورق

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق

عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ جو نثر روايتي ڍنگ کان مختلف آهي. هن جي سوچ، هٿ ۽ قلم هڪ ئي لڙي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن سندس ذهن ۾ خيال جنم وٺن ٿا، تيئن ئي قلم پاڻمرادو انهن کي لفظن جي صورت ڏئي ٿو. ذهن کي هڪ طرف ۽ قلم کي ٻي طرف رکڻ، عزيز گوپانگ جي اندازِ تحرير سان ٺهڪندڙ نٿو لڳي. هن ڪتاب ۾ مجموعي طور 18 خاڪا ۽ 14 تاثرات شامل ڪيا ويا آهن.

آيل ڪريان ڪيئن!

پنھنجو ننڍپڻ ياد ڪري، آئون اڪثر حيران ٿي ويندو آھيان.

آئون ياد ايندڙ لقائن ۽ واقعن کان وڌيڪ، پنھنجين انھن يادگيرين مٿان حيران ٿيندو آھيان، جيڪي منھنجي سمجهه ۽ شعور واري عمر کان به اڳ واريون آھن.

جيئن ڄمي ھن دنيا ۾ اچڻ وقت ئي مون، پنجاهه سٺ عورتن جي وچ ۾ ويٺل پنھنجي ماءُ کي سڃاڻي ورتو ھئو. مون سڃاڻي ورتو ھئو ته انھن ماين منجھان منھنجي ماءُ  ڪھڙي آھي.

امان کي اڇي تر سان ڇِيٽ جو ڳاڙھو وڳو پاتل ھئو. گهاٽا گھنڊيدار وارَ، نيري رنگ جي وھاڻي مٿان جھڙوڪ وڇايا پيا ھئس. سندس ڀر ۾ ويٺل ماين منجهان ھڪڙي کيس پکو پئه جھليو ۽ ٻين کيس منھنجي ڄمڻ جون مبارڪون پئه ڏنيون. تڏھن ڪمري جي اڌ کليل دروازي منجهان اڇي رنگ جو ھڪ ڪتو اندر داخل ٿيو ھئو، جنھن کي ھڪ اڌڙوٽ مائي، زور سان ڪتو ڪوٺي  واپس ورائي ڇڏيو ھئو.

Sarangaa آتم ڪٿا مان ھڪ ورق

 چڱي ڀلي وڏي ٿيڻ کان پوءِ جڏھن مون پنھنجي انهي يادگيريءَ جو ذڪر امان سان ڪيو ته ھوءَ ڏاڍو کلي ھئي.

چيو ھئائين ته:

حيدر!

تون به صفا ڪو زور آھين.

جنھن وقت جون تون ڳالهيون ڪرين ويٺو، ان وقت دائي تنھنجو ناڙو به ڪونه وڍيو ھو. توکي ته اڃا تنجيو به ڪونه ھيوسين. تو ته اڃا اکيون به ڪونه کوليون ھيون!

اھو ڪيئن ممڪن آھي ته ڪنھن ٻار کي پنھنجي ڄمڻ کان فورن بعد جون ڳالهيون ياد ھجن!

امان منھنجيون اھي ۽ انھن جھڙيون ٻيون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويئي ھئي. ھوءَ سوچڻ لڳي ھئي ته ڪٿي مون مٿان پاڇو ته ناھي پيل. ٿوري دير خاموش رھڻ کان پوءِ امان پڇيو ھئو ته:

ڀلا ٻڌاءِ!

توکي پڪ ڪڏھن ٿي ھئي ته آئون ئي تنھنجي ماءُ  آھيان. . .

”ٻين جي ٻانھَن ۾ منھنجا ڪچڙا ھڏ ڏکندا ھئا، ۽ تنھنجي کڻڻ سان مون کي ننڊ ايندي ھئي، ننڊ ايندي ئي مون کي لڳندو ھئو ته تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

تنھنجي پگهر جي مھڪ منھنجي ننڍڙي جسم ۾ زندگي بنجي ڊوڙڻ لڳندي ھئي، ۽ آئون سمجهي ويندو ھوس ته، تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

تو ڪيترا ئي ڀيرا ڊوڙون پائي، مون کي ڪِرڻ کان بچايو ھئو. تڏھن ھر ڀيري مون کي پڪ ٿي ھئي ته، تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.

۽ جڏھن تون پنھنجا اڌ اُگهيل لڙڪ اتي جو اتي ڇڏي، منھنجا ڳوڙھا اکين وٽان کڻي وٺندي ھئينءَ  تڏھن مون کي پڪ ٿي ويندي ھئي ته تون ئي منھنجي ماءُ  آھين.“

Sarangaa آتم ڪٿا مان ھڪ ورق

مون وراڻيو ھئو!

مون امان کي پنھنجي، ان کان به پراڻي، ھڪ ٻي يادگيري ٻڌائي. مون کيس ٻڌايو ته آئون اڃا تنھنجي پيٽ ۾ ئي ھوس، منھنجي دل به پوري ڪانه ٺھي ھئي ۽ جگر به اڃا اڌ ھئو، جو تون الائي ڪھڙيءَ ڳالهه تان رني ھُئينءَ، سڄو ڏينھن رُني ھئينءَ.  تنھنجي اوڇنگارن سان منھنجو اڌ ٺھيل بت پورو لڏي ويو ھو.

تنھنجي سڏڪن مون کي بيقرار ڪري ڇڏيو ھئو.

منھنجي بند اکين منجهان ٻه ٽي لڙڪ ڳڙي ٻاھر آيا ھئا.

امان! تڏھن ته منھنجي اکين مٿان پنبڙيون به ڪونه ڦٽيون ھيون. جڏھن آئون پھريون ڀيرو رُنو ھوس!

خوف وچان مون پيٽ ۾ چُرڻ پُرڻ به ڇڏي ڏنو ھو. جنھن ڳالهه توکي پريشان ڪري ڇڏيو ھئو، ۽ تو پنھنجا سڏڪا جهلي، مون کي پھريون ڀيرو ڪِرڻ کان جهلي ورتو ھئو!

منھنجيون ڳالھيون ٻڌي، امان خاموش ٿي ويئي ھئي.

ڪافي دير تائين ھوءَ منھنجي اڳيان پٿر ٿيو ويٺي رھي.

ھوءَ ڪجھه سوچي رھي ھئي.

امان کي يڪو خاموش ڏسي مون کانئس پڇيو:

امان! ٻڌاءِ  نه۔۔۔۔۔۔۔۔

تون سڄو ڏينھن ڇو رُني ھئين!

امان ڪجهه ڪونه ڪڇيو ھئو. ھوءَ خاموش ويٺي رھي ھئي.

امان کي ساندهه خاموش ڏسي، آئون سندس ھنجهھ ۾ مٿو رکي سمهي رھيو ھوس، ڪرونڊڙو ٿي، ويڙھجي سيڙھجي، بلڪل ائين، جيئن ڪو اڌ ٺھيل ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ستل ھوندو آھي!

 ھڪ پاسي مون کي ننڊ اچي رھي ھئي ۽ ٻئي پاسي امان جا سڏڪا جاڳي رھيا ھئا!

امان پڄاڻان، گهڻن سالن کان پوءِ، ساڻس ڪيل پنھنجي ان ڪچھريءَ جو ذڪر، مون پنھنجي وڏي ڀيڻ سان به ڪيو.

مون کانئنس پڇيو ته :

امان ڪڏھن سڄو ڏينھن به رُني ھئي ڇا!

اديءَ وراڻيو ته:

ھا!

جڏھن بابا ٻي شادي پئه ڪئي ۽ تون کيس پنجون مھينو پيٽ ھُئين. . . . . . . . . !

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا