Homeادبڪالمادبي سيلون: سنڌ يونيورسٽيءَ جا وي سي

ادبي سيلون: سنڌ يونيورسٽيءَ جا وي سي

اسحاق سميجو
اسحاق سميجو
اسحاق سميجو هڪ نامور شاعر، نقاد ۽ محقق آهي. هن سنڌي ادب ۾ تنقيد ۽ تحقيق جي حوالي سان ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن. جڏهن ته وڏو عرصو سنڌي اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون پڻ لکندو رهيو آهي.

ڪچھريءَ لاءِ سڀ کان مزيدار جاءِ حجم جو دڪان آهي. سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن اڌ گول دڪانن جي وچ ۾ ٺھيل سرائيڪي خطي مان لڏي اچي ڄام شوري کي گهر بڻائيندڙ استاد غلام عليءَ جي سيلون تي وڏن وڏن ماڻهن مٿا ٽيڪيا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، طارق عالم ابڙو، آغا رفيق، منظور ميراڻي، ۽ ٻين نالي وارن ليکڪن هتي ئي پنھنجا مٿا ڪوڙايا آهن. هاڻ به هر ڇنڇر يا آچر جي ڏينھن هن سيلون تي ساجد ميمڻ(موجوده رجسٽرار)، مرتضا سيال، غلام علي ٻرڙو، ۽ ٻي سنگت هن ئي سيلون جي حاضري ڀريندي آهي. هن ڀيري جڏهن مٿين مان ڪوبه همراهه نه مليو، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پراڻي ۽ وي سي هائوس جا ڪيئي لھندڙ چڙهندڙ سج ڏسندڙ وزنائتي ملازم سان هڪ دلچسپ ڪچھري ٿي. هن ٻڌايو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرتي ٿيو هو، جڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر هيو. مون اهو ٻڌو، ته  سوچيم، هڪ ملازم جو به هڪ وڏي شاعر شيخ اياز کي وي سيءَ طور ڏسڻ جو مشاهدو ٻڌي وٺان. ”شيخ اياز جي دور کي اوهان ڪيئن ڏٺو…ڪھڙي قسم جو وي سي هو؟“

چيائين،”اياز جو دور عيشن وارو هو. هفتي جي وچ ۾ ٻه ڏينھن موڪل ايندي هئي، ته سڄو هفتو موڪل ڪري ڇڏيندو هو. ملازمن کي پئسا به جام ڏيندو هو. عيدن جا بونس، ٻيون سھولتون، مزا لڳا پيا هوندا هئا. ڪا سختي به نه هئي. يونيورسٽي گهڻو وقت بند هوندي هئي، پرملازم خوش هئا.“

”سڀ کان سٺو وي سي اوهان کي ڪير لڳو؟“

”الياس ابڙو صاحب…اياز کان پوءِ اهو ئي آيو. انتھائي سخت، وقت جو پابند. هڪ ڏينھن وي سي جي بنگلي ٻاهران پوائنٽ بس بيٺي هئي. ٻاهر نڪتو ته گاڏي بيھاري ڊرائيور کي سڏ ڪيائين ته ڇو بيٺا آهيو؟ هن چيو، سائين! اوهان جي ننڍڙي يونيورسٽي هلندي. ابڙي صاحب چيو، اڄ کان پوءِ جيڪڏهن هوءَ بس کان پھرين روڊ تي بيٺل نه هجي ته گاڏي در تي نه بيھندي. پنجاهه نياڻيون منھنجي ڌيءُ لاءِ انتظار نه ڪنديون. هوءَ پاڻهي پنڌ ايندي.“

پوءِ ته هن مختلف دورن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سين بابت ڪيئي انوکيون، دلچسپ ۽ يادگار ڪھاڻيون ايئن ٻڌايون، جو ڪتاب لکجي وڃي. ”آر اي شاهه ذهين ۽ انتھائي هوشيار وي سي هو. ڳالهين ۾ ڪلهوڙي کان به تيز هو، پر ڪرپٽ ڏاڍو هو. هڪ ڍڳي ورتائين، جيڪا بنگلي تي ڏُهبي هئي. ان ڍڳيءَ جو ٻه ڪلو کير روز سرڪاري گاڏيءَ ۾ ڪراچي بنگلي تي ويندو هو. کير جي قيمت کان ڏهوڻ تي تيل جو خرچ. جڏهن ويو ته جيڪو ڪجهه کڻائي ويو، سو ته ڇٽو، پر رڌڻي ۾ پيل چمچن لاءِ نياپو ڪيائين ته موڪلي ڏيو، اهي مون آمريڪا مان آندا هئا. اهو ئي ڪم ڊاڪٽر عابده جي مڙس به ڪيو. مائي لٿي ته مڙس سمورا ٽين ٽپڙ ته کڻائي ويو، پر 11 اي سين لاءِ ورتل نوان اسٽيبلائيزر به کڻائي ويو…ان ئي همراهه وي سي جي بنگلي تي ڪتا ڌاريا.. بنگلي سنڀاليندڙ کي حڪم ڪيائين ته ڪتن لاءِ زنجير وٺي اچ…هن چيو، پئسا ڏيو… ته زال کي دانھن ڏنائين…پوءِ اها اها ملازم تي ڏاڍو ڪاوڙي. هڪ ٻي وقتي عورت وي سي جو مڙس به ڀينگ ڪرڻ ۾ گهٽ نه هو. هر وقت اها ڪوشش هوندي هيس ته يونيورسٽي مان ڇا ڇا ڪڍجي..“

”ڪلهوڙي صاحب بابت اوهان جو مشاهدو؟“

”سائين اصولن جي تبليغ جام ڪندو هو، پر پاڻ پنھنجين ٻن ڌيئرن کي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري سان لڳائي ويو. وي سي شپ تان لھڻ کان پوءِ به يونيورسٽيءَ جو ڊرائيور ۽ بورچي رکيو ويٺو آهي…ٻين جي گهرن تي پنج روپيه به خرچ نه ڪندو هو، پنھنجي ڌيءُ کي ڏنل پنھنجي ئي گهر تي لکين روپيه خرچ ڪيا اٿس… ايندي ويندي هر ڪو پيو ڏسي…وڻن سان ڇا ڪيائين، مونکان وڌيڪ اوھان کي خبر آھي.“

”وي سي جي بنگلي لاءِ ماهوار خرچ مقرر آهي يا ڪيترو به ڪري سگهندا آهن؟“

چيائين، ”اسان جي وقتن ۾ وي سي جي بنگلي جي ڪانٽيجنسي پندرنھن هزار هئي، پر بل هر مھيني ٽي چار لک جا ٺھندا هئا. هڪ زماني ۾ بنگلي جو انچارج مان هجان. مون کي هڪ سياڻي سمجهايو ته تون هر بل تي ’ايز پر رُولس‘ لکي ڇڏيندو ڪر. منھنجي لکڻ باوجود بل ٿي ويندا هئا. نيٺ مان ڊي ايف وٺ هلي ويس. چيومانس، جيڪڏهن اسان لکي موڪليون ته وي سي جي بنگلي لاءِ چار اُٺ ٿا کپن، تڏهن به توهان ته بل ڪري ڇڏيندئو… ٿورو ته عھدي جو لحاظ ڪريو… ان کان پوءِ برفت صاحب جي زماني ۾ هڪ برسر پندرنھن هزار جي مڇيءَ جو بل روڪي ڇڏيو…چيائين، هڪ مھيني ۾ ايڏي مڇي ڪير کائيندو آهي ڇا.. پوءِ ٿيو ايئن، جو بل ته ٿيو الائي نه، پر اعتراض ڪندڙ برسر خواجه پنهنجي ڪرسيءَ تي ٻيھر نظر نه آيو“.

3 COMMENTS

  1. hahahahahah interesting…. you should work on it seriously and with authentic references…… then initiate to talk on hindside of the facts of public and civil servants with a balance so that realities be surfaced rather than personal gurges….

  2. اهي اسان جي پڙهيل لکيل وائس چانسلرن جا افعال آهن ته پوءِ بين ڪامورن تي ڪهڙي معيار جيڪي اسان جي علمي گهرن تي رحم نه ٿا ڪن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا