اصل ڳالهه کان پھرين هڪ نقل.
شھر جي وڏي ۾ وڏي عمارت جي ڇت تي پٺاڻن ڪٺ گهرايو، سرپئنچ جي موجودگيءَ ۾ ويچاريو پئي ويو تہ ماڻهو پٺاڻن کي بيوقوف ڇو ٿا سمجهن!؟
ڪجهہ ڪلاڪن جي هڻ هڻان کان پوءِ ڳالهه اڃا نبري نہ هئي جو سرپئنچ چيو، اوهين پنهنجيون ڳالهيون جاري رکو، مان هيٺان نسوار وٺي موٽي ٿو اچان!
سرپئنچ ان عمارت جي ڇت تان ڏاڪڻيون لھندو اچي هيٺ روڊ تي پھتو. سامهون هڪڙو مانڊڙيءَ وارو نظر آيس، ڊوڙ پائي ان وٽ پھتو. کانئس نسوار جي گهُر ڪيائين. مانڊڙيءٓ واري نسوار ڏيندي پڇيس تہ لالا هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، اڄ ڀلا ايترا پٺاڻ گڏ ڇو ٿيا آهيو!؟
سرپئنچ وراڻيس تہ اسان اهو جانچڻ لاءِ ڪٺي ٿيا آهيون تہ آخر ماڻهو اسان کي بيوقوف ڇو ٿا سمجهن!؟
مانڊڙيءَ واري ٺھہ پھہ چيس، لالا هڪڙو سوال پڇان ٿو، جي ٺيڪ جواب ڏنئي تہ توهان بيوقوف ناهيو!
ها، ها، پڇ! سرپئنچ وراڻيس.
مانڊڙيءَ واري پڇيس تہ:
لالا! منھنجي پيءُ کي ٽي پُٽَ آهن، هڪڙو سعودي عرب ۾ آهي، ٻيو لنڊن ۾ آهي، تون ٻڌاءِ تہ ٽيون ڪٿي آهي؟
سرپئنچ ٺھہ پھہ وراڻيس تہ ٽيون آمريڪا ۾ هوندو.
جواب نہ ۾ مليس تہ چيائين، دبئي ۾ هوندو. ائين اٺن ڏهن ملڪن جا نالا کڻي ويو. آخر هار مڃيندي مانڊڙيءٓ واري کي چيائين تہ ڀلا تون ئي ٻڌاءِ!
مانڊڙيءَ واري وراڻيس تہ ٽيون مان جو آهيان.
سرپئنج کي ڳالهه سمجهہ ۾ اچي وئي. ڊوڙندو وڃي عمارت جي ڇت تي پھتو، بحث بدستور جاري هو.
سڀني کي ماٺ ٿيڻ جو چيائين ۽ اعلان ڪيائين تہ هڪڙي سوال جو صحيح جواب ڏيو تہ اسان وارو مسئلو ئي حل ٿي ويندو.
سڀني ڏي منھن ڦيريندي پڇيائين:
منھنجي پيءُ کي ٽي پُٽ آهن، هڪڙو سعودي عرب ۾ آهي، ٻيو لنڊن ۾ آهي، هاڻي توهان ٻڌايو تہ ٽيون ڪٿي آهي؟
پٺاڻ شروع ٿي ويا ملڪن جا نالا ڳڻائڻ. سرپئنچ هر جواب تي نہ نہ ڪندو پئي ويو. آخر ٿڪجي جواب پڇيائونس،
تہ سرپئنچ ٺھہ پھہ وراڻيو:
ٽيون هيٺ مانڊڙيءَ وارو!!
ڪالهه آچر تي اتفاق سان اسڪرولنگ ڪندي سانا پاران هڪڙو لائيو سيشن ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو. نامياري نقاد اڪبر لغاريءَ کي ايڪيھين صديءَ جي سنڌي ناولن تي ڳالهائڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو هو.
لغاري صاحب ايڪيھين صديءَ جي سنڌي ناول جا انگ اکر پيش ڪيا ۽ ڪجهہ ناولن توڙي ناول نگارن جو ذڪر پڻ ڪيو، تنھن بعد پاڻ ئي سوال پڇڻ يا موضوع جي ڪنھن مخصوص پاسي تي ڳالهائڻ لاءِ چيو. ان بعد جڏهن ميزبان يا ٻين ناول بابت سوال ۽ رايا پئي پڇيا. مزي جي ڳالهه اھا ھئي جو جيڪي بہ سوال پڇيا پئي ويا، موصوف جو ڪانٽو ”اڍائي“ کان اڳتي وڌي ئي نہ پئي سگهيو.
سوال: سنڌيءَ ۾ گهڻا ناول ڪنھن لکيا آهن؟
جواب: مانڊڙيءَ واري.
سوال: سنڌي ناول ۾ موضوعاتي تجربا ڪنھن ڪنھن ڪيا آهن؟
جواب: مانڊڙيءٓ واري.
سوال: ايڪيھين صديءَ ۾ سنڌي ناول کي ڪنھن ڪلهو ڏنو آهي؟
جواب: مانڊڙيءَ واري.
سنڌي ناول گذريل ھڪ ڏھاڪي کان تيزيءَ سان نہ فقط لکيو ويو آھي، پر ڇپيو پڻ آھي. گهٽ ۾ گهٽ اسان اھو چوڻ کان تہ وياسين تہ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آھن. ھن سوشل ميڊيائي ڊجيٽل دور ۾ تنقيدي پاسو ايترو تہ ڪمزور ٿي ويو آھي جو نہ ڪو معياري ادبي رسالو ٿو نڪري، نہ ئي ڪنھن اخبار جو ادبي صفحو ان کوٽ کي پورو ڪندي نظر ٿو اچي. سنڌي ادبي سنگت پنھنجي انتظامي جهيڙن مان واندي ناھي. ليکڪ مجبورن جھڙو آھي جيڪو آھي جي بنياد تي لکي ٿو ۽ ڇپائي ٿو. سنڌي ناول وٽ فقط فني ۽ فڪري فقدان ناهي، پر تنقيدي فقدان بہ آهي. اسان وٽ نقادن جو ايترو فقدان آهي جو ڪيترائي خود ساختہ نقاد پيدا ٿي پيا آهن. اھي پاڻ ئي طئي ڪن ٿا تہ ليکڪ ڇا لکي، ڪيئن لکي ۽ ڪيترو لکي؟
ظلم اهو آهي تہ ڪنھن کي به ”پڇ ٻڌي مھري“ ڪري ڇڏيو، ڪوئي چوڻ وارو ناهي. ڪنهن جو جهُڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيو، ڪوئي چوڻ وارو ناهي. سنڌي ادب کي ان “تون مونکي حاجي چئہ مان توکي غازي چوان” واري روش گهڻو نقصان ڏنو آهي. ذاتي پسند ناپسند کي هڪ راءِ طور نٿو پيش ڪيو وڃي، پر لابنگ ڪندي سڀن مٿان ٿاڦيو ٿو وڃي. پنھنجي چوياريءٓ مان نڪري ٻين کي بہ ان نظر سان پڙھجي، ٻہ صفحا پڙهي پوري متن تي منڌيئڙو ڦيرڻ تہ نھايت سولو آهي باقي حقيقي تنقيد ڏکي آهي.
نوجوانن کي همٿائڻ جي ضرورت آهي، انهن جي اصلاح ڪجي، نہ ڪي مايوس ڪجي. لکندڙن کي بھتر رستو ڏيکارجي، کين عالمي لاڙن، موضوعن ۽ فني تجربن جي آگاهي ڏجي. سنڌي ناول واقعي هڪ عبوري (Transition) دور مان گذري رهيو آهي. نوجوانن کي عالمي رجحانن (Global Trends) کان آگاھہ ڪرڻ نقادن جو ڪم آهي، نہ ڪي کين مايوس ڪرڻ.
آخري ڳالهه کان پھرين هڪ ٻيو نقل.
هڪ ڳوٺاڻو پنھنجو گڏه کپائڻ پڙيءَ تي ويو، گڏه ٿورو ڪمزور هيو جنھن ڪري ڪوبہ وٺڻ لاءِ راضي نہ پئي ٿيو. هڪڙي ڀلاوڻي جي نظر ان ڳوٺاڻي تي پئجي وئي. چيائينس تہ توکي گڏه مان کپائي ٿو ڏيان، تون رڳو ماٺ رهجان.
ڀلاوڻي پڙيءَ ۾ وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو تہ اڄ اوهان وٽ هڪ اهڙي نسل جو گڏه وڪري لاءِ آيو آهي جنھن جي ڏاڏي تي ڦلاڻي نواب سواري ڪئي هئي، جنھن کي ڦلاڻي سردار پنھنجي محل ۾ رکيو هو.
اها ڳالهه ٻڌي ڳوٺاڻو ان ڀلاوڻي جي ويجهو آيو ۽ ڪن ۾ چيائينس، ادا ايترو ڀلو آهي تہ پوءِ نٿا وڪڻونس.
مڃئون ٿا سنڌي ناول پنھنجي عبوري دور مان گذري رهيو آهي، ان کي بھتر ٿيڻ ۾ ڪجهہ وقت ضرور لڳندو، وقت جي ضرورت آھي تہ ان جي آبياري ڪجي، نہ ڪي رستا روڪ. جيئن ھر مشھور ليکڪ جي ھر لکڻي شاھڪار ناھي ھوندي، تيئن ھر نئين ليکڪ جي ھر لکڻي بہ ردي ناھي ھوندي. دنيا جي مڃيل ليکڪن جون ڪيتريون ئي تخليقون اها مڃتا ناهن ماڻي سگهنديون، جيڪا انهن جي ڪنھن خاص ڪتاب يا تحرير کي ملندي آهي. ڪيترا ئي موضوع ۽ ڪتاب سالن پڄاڻان مڃتا ماڻيندا آهن. سنڌي ناول کي درست گس لائڻ جي ضرورت آھي ۽ اھو ڪم ھڪ نقاد ئي ڪري سگهي ٿو، پر سنڌي ادب ۾ نقادن جو بہ قحط الرجال آھي. اھي تہ ”اڍائي“ بہ ناھن! سو سنڌي ناول جي مستقبل جو پٓٽڪو بہ اسان جي لغاري صاحب تي آھي.
اڪبر لغاري صاحب کي گذارش تہ شھر وڏو آهي، ڀلي نسوار ٻين مانڊڙين تي به موجود آهي. مون کي لڳي ٿو تہ اونده ڏيئي جي هيٺان آهي، ڪمري ۾ نہ…!
