Homeادبتنقيدجيمس جوائس جو يوليسز ۽ ترجمي جو فن

جيمس جوائس جو يوليسز ۽ ترجمي جو فن

پنھنجي محبوب ليکڪن سان محبت جي اظھار جا ماڻهن جا پنھنجا نرالا ڍنگ ھوندا آھن. ھر سال 16 جون تي آئرلينڊ جي گادي واري شھر ڊبلن ۾ ”بلومس ڊي“ ملھايو ويندو آھي. اِھو ڏينھن عظيم آئرش ليکڪ جيمس جوائس جي شاھڪار ناول يوليسز جي مکيہ ڪردار ليو پولڊ بلوم جي حوالي سان ملھايو ويندو آھي. جوائس جو ناول 16 جون 1904 تي ليو پولڊ بلوم جي ڊبلن ۾ گھاريل هڪڙي ڏينھن جي جي ڪٿا آهي، جنھن ۾ ڊبلن شھرن جي گهٽين، دڪانن، شراب خانن، چرچ، پلين کان وٺي ڳاڙهي بازار تائين جي هر جڳهه ۽ منظر کي پيش ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ڏينھن تي جيمس جوائس جا چاهيندڙ اُهي ڪپڙا پائيندا آهن، جيڪي بلوم ۽ ٻين ڪردارن انهيءَ ڏينھن پاتا هئا ۽ انهن گهٽين ۾ ويندا آهن، جتي بلوم ويو هو ۽ انهن جڳھين تي ماني کائيندا آهن، جتي هُن ماني کاڌي هئي.۽ ايئن بنان تقريرن ۽ فنڪشنن جي ماڻهو سڄي شھر ۾ گهمندا آھن ۽ پنھنجي ملڪ جي اُنهيءَ عظيم ليکڪ کي مان ڏيندا آھن.
1922 ۾ ڇپيل جيمس جوائس جي ناول يوليسز کي هن صديءَ جو عظيم ترين ناول سمجهيو ويندو آھي. تقريبن 800 صفحن تي ڦھليل لکيل هيءُ ناول پنھنجي دور جو انتھائي مشھور ۽ ساڳئي وقت تي انتھائي تڪراري ناول رهيو آهي. آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ ڪافي وقت تائين انهيءَ ناول تي فحش هئڻ جي الزام سبب پابندي لڳل هئي.
يوليسز جي عظمت پنھنجي جڳھ تي، پر ان ناول کي ادب جو سڀ کان ڏکين ناولن ۾ ڳڻيو ويندو آھي. ناول ۾ ڪا ڪھاڻي، ڪو مربوط پلاٽ ۽ ڪو سڌو بيانيو بہ ناھي. ناول شعور جي وھڪري جي ٽيڪنيڪ ۾ لکيل آھي جنھن ۾ ڪردار جي ذھن ۾ ھلندڙ خيالن جي ھر سلسلي کي بلڪل اھڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي جيئن ۽ جنھن ترتيب سان اھي ذھن ۾ ايندا آھن. بي ربط جملن، اوچتو تبديل ٿيندڙ خيالن ۽ بنا وضاحت جي تصور کي پيش ڪرڻ جي ڪري پڙھندڙ کي تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو آھي. گهاڙيٽي ۽ موضوعي اڻت جي لحاظ کان جوائس جو ناول، ھومر جي يوناني رزميائي قصي آڊيسز تي ٻڌل آھي. اُنهيءَ ڪري ھومر جي اُنھي قصي سان واقفيت ۽ اُنهيءَ جي داستاني ورھاست ۽ بناوت جي ڄاڻ ھن ناول کي سمجھڻ جو پھريون قدم آھي. اُنهيءَ کانسواءِ ناول ۾ يوناني ڏند ڪٿائن، آئرش لوڪ ڪٿائن، مذھب، ادب، تاريخ، فلسفي، نفسيات، جاگرافي ۽ ٻين علمن جا اڻڳڻيا حوالا آھن جن سان اڳواٽ واقفيت کانسواءَ اھو ناول سمجهڻ ممڪن ناھي. جوائس، ھڪ ساختي تجربي طور، ناول جي ھر حصي کي بلڪل الڳ اسلوب ۾ لکيو آھي، تنھن جي ڪري عام ناولن جي برعڪس اسان کي ھڪ ئي ھنڌ مختلف اسلوبي انداز ملن ٿا. آئرش، لاطيني ۽ يوناني ٻولين جي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال ناول کي ويتر ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي. سڀ کان وڏي ڳالهه تہ ناول انگريزي لفظن جي کيڏوڻن، علامت نگاري، ٻن معنائن وارا اظھارن، استعارن ۽ لساني تجربن سان ڀريل آھي جن کي اُھي سمجهي يا لطف وٺي سگهندا جيڪي انگريزي تي مھارت رکن ٿا.

پر ھن سال 16 جون تي جڏھن دنيا ۾ بلومس ڊي ملهايو پئي ويو تہ اُنهيءَ ڏينھن تي پاڪستان ۾ جيمس جوائس جي حوالي سان تمام وڏو بحث شروع ٿيو. اھو بحث انور سن راءِ پاران ٿيل يوليسز جي اردو ترجمي جي حوالي سان آھي. حالانڪہ اھو بحث اُنهيءَ ترجمي جي شايع ٿيڻ کان اڳ اپريل ۾ اُنهيءَ جو اعلان مھل شروع ٿيو ھو. انھيءَ وقت اردو جي ناول نگار ۽ ترجميڪار، سيد ڪاشف رضا جو خيال ھو تہ يوليسيز جو اردو ترجمو ممڪن ناھي ۽ انور سن راءِ کان تہ بلڪل ممڪن ناھي جو سندس اڳ ڪيل ترجما ڪي ايڏا سٺا ناھن. پر ان وقت عام راءِ اھا ھئي، جيستائين اھو ترجمو ھٿ ۾ نہ ٿو اچي تہ انھيءَ تي راءِ ڏيڻ غير مناسب ھوندو. پر جڏھن ھاڻ ڪتاب اھو ترجمو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي تہ ڪافي نقادن، اديبن ۽ سٺن پڙھندڙن جي راءِ آھي تہ اھو ڪو سٺو ترجمو ناھي. سوشل ميڊيا تي ٿيل بحث ۾ اھو خيال بہ ظاھر ڪيو پيو وڃي تہ شايد اھو ترجمو مصنوعي ڏاھپ ذريعي ٿيل مشيني ترجمو آھي، جنھن جي رڳو ڪجهه سنوار ڪئي وئي آھي.
ھتي ترجمي جي فن حوالي سان ڪجهه ذڪر ڪجي. پھريون، ڇا يوليسز جھڙن ڏکين ۽ ڳتيل ناول کي ترجمو ڪري سگهجي ٿو؟ انھيءَ سوال جي جواب ۾ اسان کي سمجهڻو پوندو تہ ڪو بہ ترجمو ڪامل نہ ھوندو ھو. سڀ کا بھترين ترجمو بہ اصل فنپاري کي ڪنھن ٻي ٻولي ۾ مڪمل الٿو نہ ٿو ڪري سگهي. ھر ڪنھن ٻوليءَ جون ھڪڙيون نياريون ترڪيبون، منفرد اظھار ۽ مخصوص لساني تجربا ھوندا آھن، جيڪي ٻي ٻولي ۾ انھيءَ ساڳي سگهه ۽ سونھن سان نہ ٿا اچي سگهن. پر اُنهيءَ جي باوجود، اھڙن ڪتابن جا ترجما ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ترجمي جي ذريعي ئي جيڪڏھن مڪمل طور تي نہ بہ سھي، پر ڪنھن ادبي فن پاري جي سونھون، ڏاھپ ۽ ڪيفيتن جي ھڪ حصي تائين پھچ ڪري سگهون ٿا. خاص طور تي اھي حصا جيڪي آفاقي آھن ۽ جيڪي انساني تجربي جو گڏيل ميراث ٿي سگهن ٿا.
پر ھتي اصل سوال ترجميڪار جي قابليت جي باري ۾ آھي. ڪنھن بہ شاھڪار ادبي فنپاري جي ترجمي لاءِ ترجميڪار جون فني قابليتون انهي شھپاري جي عظمتن مطابق ھئڻ گهرجن. بنا تجربي ۽ قابليت رکندڙ جي ھٿان ٿيل ترجمو ڪنھن بہ شاھڪار کي ڌوڙ ڪري سگهي ٿو. ڪنھن سٺي ترجميڪار لاءِ نہ رڳو اھو تمام ضروري آھي تہ کيس ٻنھي ٻولين تي تمام سٺي مھارت ھجي، پر انهي سان گڏ کيس ادب جي گهرجن سان پڻ واقفيت ھجي. اُنهيءَ سان گڏ وٽس تخليقي تصور بہ ھئڻ گهرجي. ڪنھن تخليقي شاھڪار جو ترجمو بہ ايترو ئي تخليقي ھئڻ گهرجي، جو نہ رڳو اُنهيءَ جي ٻاھرين بناوت پر جيترو ممڪن ٿي سگهي، اُنهيءَ جو روح بہ ٻي ٻولي منتقل ٿئي. ترجميڪار جو ھڪ اھم ڪارج اھو بہ آھي تہ پنھنجي ٻولي ۾ اُنهيءَ شاھڪار لاءِ جڳھہ ٺاھڻ لاءِ وسعت آڻي. انهي لاءِ ڪي نوان لساني بناوتون ۽ نيون اظھاري ريتون يا ضرورت پوڻ تي نون لفظن ۽ نون اصطلاح پڻ جوڙي سگهي. ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان ڪو شاھڪار ترجمو ڪرڻ، پنھنجي ٻوليءَ ۾ وسعت ڏيڻ جو موقعو بہ ھوندو آھي. اُنهيءَ لاءِ ترجميڪار کي پنھنجي ٻوليء ۾ نوان تجربا ڪرڻا پوندا تہ جيئن پڙھندڙن کي ڪن نون اظھارن، ڪيفيتن ۽ احساسن سان متعارف ڪرائي سگهي. ڪن ھنڌن تي ترجميڪار جو ڪم تخليقڪار کان بہ مشڪل ھوندو آھي.
اڄ جي دور ۾ ھڪ سوال مصنوعي ذھانت جي ذريعي ٿيندڙ مشيني ترجمي جو بہ آھي. ھن وقت سنڌي ۾ تہ نہ، پر اردوءَ سوڌو ٻين ٻولين ۾ سٺو مشيني ترجمو ڪري سگهجي ٿو. پر ھن وقت بہ اھو ترجمو غير افسانوي ادب، صحافياڻي مواد يا علمي يا ٽيڪنڪي مواد لاءِ بھتر آھي. اُنهيءَ ترجمي ۾ بہ غلطين جا کوڙ امڪان ھوندا آھن ۽ اھو انساني نظرداري کانسواءِ شايع ٿيڻ نہ گهرجي. پر جيستائين تخليقي ۽ افسانوي ادب جي ڳالھہ آھي تہ ھن وقت مشيني ترجمي مان مدد وٺڻ انتھائي نقصانڪار ۽ بي مقصد آھي. حالانڪ ھاڻ بہ جلد ڪمائڻ جي چڪر ۾ مشيني ترجما ٿين پيا پر اُھي. اُنهيءَ سونھن، احساسن ۽ فڪر کان عاري ھوندا آھن جيڪي انساني ترجمي جي ذريعي انھيءَ ۾ برقرار رکي سگهجن ٿا. ٿي سگهي ٿو تہ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ مصنوعي ڏاھپ ۾ اھا قابليت اچي سگهي تہ اُنهيءَ جي ذريعي تخليقي ادب جو بہ ترجمو بھتر ڪري سگهجي. پر ھن وقت ھڪ جاندار ترجمي لاءِ نہ رڳو انساني ڏاھپ پر انساني احساسن جي ضرورت آھي.
آخر ۾ پاڻ واپس يولسز جي ڪيل ترجمي تي ٿا اچون. جيڪي مون اُنهيءَ جا ابتدائي صفحا ڏٺا آھن تہ مونکي اھو ترجمو ناقص ٿو لڳي. مون انور سن راءِ جا پابلو نرودا جي نظمن جا ڪيل ترجما بہ پڙھيا آھن. ھُن انهن خوبصورت نظمن جو ترجمو بنان سونھن، احساسن ۽ روح جي ڪيو آھي. ايترو جو ڪافي جڳھين تي انھن جي مشيني ھئڻ جو گمان ٿي ٿو. اسان جھڙن پڙھندڙن لاءِ يوليسز کي بغير وضاحتي حاشين جي پڙھڻ بيڪار آھي. ھاڻ يا تہ انتظار ڪجي تہ اُنهيءَ جو ڪو مستند ترجمو اچي. يا وري اُنهيءَ کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙھجي. پر عظيم فن پارا جبل جي چوٽي جيان ھوندا آھن، انهن تائين پھچڻ لاءِ ضروري قابليت ۽ مھارت جي ضرورت ھوندي آھي. جوائس جو يوليسز بہ اھڙي چوٽي آھي، جنھن تي چڙھڻ لاءِ دل گردو گهرجي.

1 COMMENT

  1. سائين ترجميڪاري تي تمام بهترين خيال ونڊيا اٿئو جنهن سان پورو سهمت آهيان۔ اوهان بلڪل درست آهيو ته ترجمو اصل ناول جو خلاصو ٿي سگهي ٿو پر اصليت نه ٿو ٿي سگهي جهڙي طرح اهو اصل ٻولي ۾ لکيو ويو آ۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا