زندگيءَ جي هڪ خوفناڪ حقيقت اها به آهي ته جڏھن توهان ماڻهن کي پاڻ سان ڪُجهه به ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏيو ٿا ته پوءِ هُو توهان کي تڪليف ڏيڻ، دل آزاري ڪرڻ ۽ تذليل ڪرڻ لاءِ ڪنھن به حد تائين وڃي سگهن ٿا…
اُن حد تائين جنھن حد تائين وڃڻ جو توهان ڪڏھن سوچيو به نه هجي.
حقيقت اها به آهي ته ماڻهو اوهان کي اوتري تڪليف ڏيندا آهن، جيتري کين اوهان جي خاموشي ۽ برداشت اجازت ڏيندي آهي. جڏهن اوهان پنھنجون حدون ڊاهي هر غير مناسب روَيو ۽ هر غلط ورتاءُ سھڻ شروع ڪندا آهيو، تڏهن ڪي ماڻهو اوهان جي صبر کي اوهان جي ڪمزوري سمجهي ويھندا آهن پوءِ هو ظلم جي اهڙي حد تائين هليا ويندا آهن، جنھن جو تصور به اوهان ڪڏهن پنھنجي خواب خيال ۾ نه ڪيو هوندو.
زندگيءَ جي سڀ کان ڏکوئيندڙ حقيقت اها ناهي ته ماڻهو بدلجي وڃن ٿا، پر اها آهي ته جڏهن توهان کين پنھنجي خاموشي، محبت يا برداشت جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو ٿا، تڏهن هُو آهستي آهستي توهان جي وجود کي آزمائش جو ميدان سمجهڻ لڳن ٿا.
ڪي ماڻهو رڳو ان ڪري حدون اورانگهي ويندا آهن، ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته سامھون وارو احتجاج نه ڪندو ۽ هر ناجائزي ۽ ظلم جي عيوض صرف ماٺ ئي رهندو.
انسان جي اندر هڪ اهڙو روپ به رهندو آهي، جيڪو رڳو تڏهن ٻاهر نڪرندو آهي، جڏهن کيس يقين ٿي وڃي ته سندس عملن جو ڪو حساب نه ٿيندو يا سامهون وارو ڪوئي احتجاج نه ڪندو ۽ هو جيڪو چاهي ڪري سگهندو…
“The Rhythm 0 Experiment”
ثابت ڪري ٿو ته جيڪڏهن انسان کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ مٿس ڪنھن قانون يا سزا جو ڊپ نہ هجي، ته هو ڪنھن مظلوم کي نقصان پھچائڻ ۽ مٿس ظلم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. “Rhythm 0” اڄ به دنيا جو هڪ مشھور ۽ ڇرڪائيندڙ انساني تجربو تسليم ڪيو وڃي ٿو.
1974ع ۾ اٽليءَ جي شھر Naples ۾ هڪ عورت اهو روپ دنيا کي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو. سندس نالو “مارينا ابرامووچ” Marina Abramović هو.
هو پنھنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ تجربو ڪرڻ لاءِ هڪ آرٽ گيلريءَ ۾ ڇھ ڪلاڪ مسلسل بيٺل رهي…
هن پنھنجي سامھون هڪ ميز تي 72 شيون رکيون… انهن مان ڪجهه شيون محبت جي علامت هيون..
جيئن گل، پرفيوم، ميوو، رنگ، ماکي، کنڊ…
۽ ڪجهه شيون اذيت جون؛
جيئن بليڊ، چاقو، ڇُري، لوهي ڪوڪا، گرم پاڻي، قينچي ۽ هڪ لوڊ ٿيل پستول.
مارينا رڳو هڪ جملو چيو:
“اڄ مان انسان نه، رڳو هڪ Object آهيان. توهان کي مڪمل آزادي آهي ته مون سان جيڪو چاهيو، ڪريو.”
شروع ۾ ته هر شيءِ نارمل هئي.
پھريان پھريان ڪنھن کيس گل ڏنو، پوءِ ڪنھن سندس وار سنواريا، ڪنھن ٽوپي پارائي، ڪنھن سندس تصوير ڪڍي ۽ ڪنھن کيس ڀاڪر پاتو، ڪنھن کيس رنگ لڳايو ۽ ڪنھن کيس ڳل تي چمي ڏني…
پر پوءِ آهستي آهستي هڪ عجيب تبديلي ايندي وئي….
جڏهن ماڻهن کي يقين ٿيو ته هي عورت نه ڳالهائيندي، نه مزاحمت ڪندي، نه شڪايت ڪندي، تڏهن سندن چھرا ۽ روَيا بدلجڻ لڳا.
گلن جي جاءِ بليڊن ورتي.
ڀاڪرن جي جاءِ ٿڦڙن ورتي ۽ چُمين جي جاءِ چُھنڊين ۽ چٓڪن… ڪنھن سندس وار پٓٽيا، ڪنھن سندس ڪپڙا ڦاڙيا، ڪنھن چاقو سان جسم تي جٍهير ڏنا، ڪنھن سندس مٿان گرم پاڻي هاريو، ڪنھن جسماني طور کيس ڪوڪا چڀايا، ڪنھن سندس تذليل ڪئي، ڪنھن کيس گار ڏني ته ڪنھن لوڊ ٿيل پستول سندس لوندڙيءَ تي رکي ڇڏيو.
هوءَ ڇھ ڪلاڪ هڪ جاءِ تي بُت بڻي خاموش بيٺي رهي…
شايد هوءَ پنھنجن زخمن ۽ تذليل کان گهٽ پر انسان جي اندر لڪل نفرت ۽ وحشت ڏسي وڌيڪ زخمي ٿي رهي هئي، پر سڀ کان وڏو منظر اڃا باقي هو جڏهن ڇھ ڪلاڪ پورا ٿيا ۽ مارينا آهستي آهستي هڪ جيئري انسان وانگر ماڻهن ڏانھن هلڻ لڳي، تڏهن اهي سڀ ماڻهو، جيڪي ڪجهه گهڙيون اڳ سندس جسم تي پنھنجو اختيار آزمائي رهيا هئا، هڪ هڪ ڪري ڀڄڻ لڳا.
مارينا کين هٿ به نه لاتو، نه ئي ڪجهه چيو، هُوءَ رڳو سندن سامهون بيٺي رهي ۽ کين ڏسندي رهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ خاموش نظر، ڪنھن به سزا کان وڌيڪ خوفناڪ هوندي آهي.
هي تجربو رڳو هڪ آرٽ پرفارمنس نہ هو.
هي اسان جي سماج جو آئينو هو.
اسان روز انهن ماڻهن کي آزمائيندا آهيون، جيڪي جواب نہ ٿا ڏين يا غلط رويي جي موٽ ۾ مزاحمت نه ٿا ڪن. اسان انهن تي پنھنجا لفظ، پنھنجا روَيا، پنھنجي ڪاوڙ، پنھنجا فيصلا ۽ پنھنجا ظلم آزمائيندا آهيون، صرف ان ڪري جو هو برداشت ڪندا آهن.
اسان سمجهندا آهيون ته خاموش ماڻهو ڪمزور هوندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته خاموشي ڪمزوري نہ پر اسان جي ڪردار جو امتحان هوندي آهي.
جيڪڏهن اسين پھرين چماٽ هڻندڙ جو هٿ نه جهلينداسين، ته هو ٻين، ٽين ۽ چوٿين چماٽ هڻڻ ۾ به دير نه ڪندو ۽ پوءِ اهو عمل سندس عادت بڻجي ويندو. جيڪڏهن گار ڏيڻ واري کي پھرين گار تي ئي Shut-up call نه ڏينداسين ته هُو هر روز اسان جي عزت کي لتاڙيندو رهندو، پاڻ کي آقا تصور ڪندو ۽ اسان جي خاموشي، برداشت ۽ صبر کي عظمت نہ پر ڪمزوري سمجهندو.
زندگيءَ جا ڪيترائي تلخ تجربا اسان کي اهو ئي سيکارين ٿا ته ظلم جي شروعات کي نظرانداز ڪرڻ، ظلم کي دعوت ڏيڻ برابر آهي.
پھريون مثال:
جڏهن ڪا عورت پنھنجي مرد جي هٿان پھريون ڀيرو مار يا گار سھي ٿي، پر ان لمحي احتجاج نه ٿي ڪري، نه ئي حد مقرر ڪري ٿي، ته پوءِ اهو روَيو آهستي آهستي روزمره جو معمول بڻجي وڃي ٿو. ظالم کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سامهون واري خاموش رهندي، هر اذيت کي قسمت جو لکيو سمجهي برداشت ڪندي. اهڙي خاموشي ظلم کي روڪيندي ناهي، بلڪ ان کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندي آهي. توهان هڪ ڀيرو سندس هٿ پڪڙي ته ڏسو… مزاحمت ڪري ته ڏسو… پوءِ اهو ڏينھن پھريون ۽ آخري ڏينھن ثابت ٿيندو.
ٻيو مثال:
جڏهن ڪنھن قوم جي ڌرتيءَ تي ڪو ڌاريو قابض ٿي وڃي ۽ ماڻهو پنھنجي وطن، پنھنجي حقن ۽ پنھنجي سڃاڻپ لاءِ آواز نه اٿارين، مزاحمت نه ڪن، ته پوءِ غلامي سندن تقدير بڻجي وڃي ٿي. آزادي رڳو انهن کي ملي ٿي، جيڪي ان جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن؛ خاموش قومون تاريخ ۾ پنھنجا حق وڃائي ويھنديون آهن.
توھان هڪ دفعو اُٿي ته ڏسو، ظالم کي للڪاري ته ڏسو پوءِ اهو ڏينھن غلاميءَ جو آخري ڏينھن ثابت ٿيندو.
ٽيون مثال:
روزمره جي زندگيءَ ۾ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي عزت، حق يا شخصيت تي بار بار وارُ ڪري ۽ اسين هر ڀيري خاموش ۽ مھذب رهون ته اها خاموشي کيس وڌيڪ همت ڏيندي آهي. حدون مقرر نه ڪبيون ته ماڻهو حدون اورانگهي ويندا آهن. ان ڪري هڪ حد مقرر ڪيو ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط آهي، ڪيترو اڳتي اچڻو آهي ۽ ڪٿي رُڪجڻو آهي نه ته توھان جي خاموشيءَ کي توهان جي بزدلي تصور ڪيو ويندو.
خاموشي هميشه دانائي نه هوندي آهي.
ڪي موقعا اهڙا به هوندا آهن، جتي احتجاج، انڪار ۽ مزاحمت ئي عزت، انصاف ۽ آزاديءَ جي پھرين ڏاڪي جو نالو هوندا آهن. ڇو ته ظلم، بي ادبي ۽ ناانصافي ايتري طاقتور نه هوندي آهي، جيتري طاقت ان کي اسان جي مسلسل خاموشي ڏئي ڇڏيندي آهي.
انڪري شايد زندگيءَ جو سڀ کان خوفناڪ سوال اهو ناهي ته مارينا
Marina Abramovnic
سان ماڻهن ڇا ڪيو؟
اصل سوال هي آهي ته…
جيڪڏهن ان ڏينھن ان آرٽ گيلريءَ ۾ اسين به موجود هجون ها ته ڇا اسان واقعي رڳو گُل پيش ڪري واپس موٽي اچون ها؟؟؟
اهو سوال اسان مان هر هڪ کي پاڻ کان پُڇڻو پوندو.!!!

what a desire of moment..
Deeply moving stories that celebrate the beauty of emotions and offer meaningful life lessons for women.
Heart-touching stories that inspire women and teach timeless lessons about life, strength, love, and resilience.