Homeتاريخمٽيءَ جو ڳوھیل انسان، جنھن مٽيءَ سان ۽ جنھن سان مٽيءَ ڳالھایو

مٽيءَ جو ڳوھیل انسان، جنھن مٽيءَ سان ۽ جنھن سان مٽيءَ ڳالھایو

(قسط پھرين)
هڪ وساريل زرعي ماهر/ ایگرونامسٽ ۽ انقلابي، جنھن جو نالو اميلڪار ڪيبرال هو، ويھين صديءَ جي سڀ کان منفرد سياسي فلسفن مان هڪ فلسفو ڏنو، ۽ اهو اڄ به ڇو اهميت رکي ٿو. اچو تہ گڏ لوچي لھون!
هڪ اهڙي انسان جو تصور ڪريو جنھن ٻه سال پيادل ۽ گهوڙي یا گڏھ تي سوار ٿي پنھنجي وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي، مٽيءَ جي ماڻ ۽ زمین جي زرخیزي کي ماپيو، فصلن جي پيداوار جا چیرا لکيا، ۽ هارين سان سندن پوک، ٻني ۽ اپت بابت ڪچھریون ڪیون . وري ان جاکوڙي بابت تصور ڪريو، جيڪو جهنگن جهرن ۽ گپیل آلاڻ جھڙن تمر جي ٻيلن جي پیچرن مان ڄڻ پر کڻي گوريلا فوج جي اڳواڻي ڪئي! ان جنگ سان جوٽیل رھي پنھنجي دور جو سڀ کان گھرو سياسي فلسفو قلمبند ڪري رهيو ھو ، ۽ هوانا کان هارلم تائين اتحاد قائم ڪري رهيو ھو. اهو ماڻهو اميلڪار ڪيبرال هو، جنھن جو نالو دنیا جي گهڻائي کي ھاڻ شاید یاد ئي نہ ھجي۔
ڪيبرال 1924ع ۾ گني بساؤ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت پرتگالي بیٺڪي راڄ ھیٺ اولھه آفريقا جو هڪ ننڍڙو علائقو هو. هو هڪ اهڙي سماج ۾ وڏو ٿيو جيڪو چؤڦیر غربت، جبري پورهئي، ۽ بیٺڪي نظام جي ان خاص ڏاڏ ۽ جبر جو ڏڌیل هو، جنھن برطانوي ۽ فرانسيسي نوآبادڪارن جي واپسيءَ کان گهڻو پوءِ به آفريقا کي ٻنھي ھٿن سان گُهٽي رکیو. هن کي لزبن ( پرتگال جي گادي جو ھنڌ) ۾ زراعت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي، ھي نوجوان ويھين صديءَ جي سڀ کان وڏن آفريقي بیٺڪیت مخالف مفڪرن مان نسري نروار ٿیو ، ۽ اٺيتاليھ سالن جي ڄمار ۾ کيس ان وقت شھيد ڪيو ويو، جڏهن آزاديءَ جي منزل ڪجھ مھينا ئي پري ھئي، جنھن لاءِ هن پنھنجي سڄي زندگي ارپي هئي. سندس نالو فرينٽز فينن ۽ ايمي سيزير سان گڏ کڻڻ جي لائق آهي، پر دنيا جي وسعت اڃا اھو ڪري ناھي سگهي.

Sarangaa مٽيءَ جو ڳوھیل انسان، جنھن مٽيءَ سان ۽ جنھن سان مٽيءَ ڳالھایو

مٽيءَ ڳوھیل ڳڀرو

ڪيبرال کي ٻين کان یگانو سمجهڻ لاءِ، اسان کي ان منڍ تي پھچڻو پوندو، جتان ھن اُن سان مٺیون ڀریون ھیون: يعني مٽيءَ مان! 1952ع ۽ 1954ع جي وچ ۾، پرتگالي حڪومت جي سرڪاري زرعي ماهر طور ڪم ڪندي، ڪيبرال گني بساؤ جو پھريون جامع زرعي سروي ڪيو. هن پيادل، گڏهه تي، ۽ ٻيڙيءَ ذريعي تمر جي ٻیلن، سامونڊي پٽین مان گذرندي سٺ هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مفاصلو طئي ڪيو. مٽيءَ جي قسمن کي قلمبند ڪيو، زمين جي زرخیزي کي ماپيو، ۽ هارين سان ڳالهايو ته ڪھڙي پوک ڪر کڻي نسري ٿي، ڪھڙا فصل اڀرڻ کان نابري وارن ٿا، ۽ ڇو ٿو ٿئي. اهو هڪ اهڙو سئي ۾ ڌاڳي وجهڻ جھڙو تحقيقي ڪم هو، جنھن جي اڪثر بیٺڪي عملدارن ڪڏهن تڪليف ئي نه ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته کين زمين سان ڪا دلچسپي نه هئي، بلڪه رڳو ان مان حاصل ٿيندڙ وسيلن جي لٽ مار سان مطلب هو۔
پر ڪيبرال ۾ زمین سان محبت اوتیل هئي، ۽ جيڪو ڪجهه هن ڳولي لڌو، تنھن کيس لفظي معنيٰ ۾ هڪ انقلابي بڻائي ڇڏيو، جنھن جي سياست کي زمين ۾ پاڙون ملي ويون. هن گني بساؤ جي تباهه ٿيل مٽيءَ ۾ بیٺڪي ڏمر ۽ ڏاڍ جي پوري تاريخ لکيل ڏٺي. پرتگالين حاڪمن، گني بساؤ جي هارين کي مجبور ڪيو هو ته ھو یورپ لاءِ نقدي وارا فصل/ ڪیش ڪراپ جیئن مڱ ڦریون وغیرھ پوکين۔ ان هڪ فصل جي پوک واري ڦیري، ٻنین کي غذائي عنصرن/ نیوٽریئنٽس کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ مقامي برادرين کي اهڙين مارڪيٽن تي ڀاڙڻو پیو جيڪي سندن اختيار ۾ نه هيون. زمين کي بلڪل ائين ئي بيمار ڪيو پئي ويو، جنھن طريقي سان اتان جي ماڻهن کي غريب بڻايو پئي ويو۔
پنھنجي شروعاتي سائنسي مقالن ۾، ڪيبرال هڪ تصور پيش ڪيو جنھن کي هن سرڪشي/مھاڏو (insubmission) سَڏیو؛ اهو هڪ اهڙو لفظ هو جيڪو ڳُوڙهي ماحولياتي ۽ انساني حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس دليل اهو هو ته انسانيت ازل کان فطرت سان هڪ دائمي ۽ تضادن سان ڀريل رشتي ۾ جڙيل آهي. اسان زمين سان ڳانڍاپیل آهيون، پر اسان ان زمین جو ئي استحصال ڪريون ٿا؛ اسان ماحولياتي دنيا جو حصو آهيون، پر اسان ان جي خلاف عمل به ڪريون ٿا. ڪيبرال جي نظر ۾ حقيقي تھذيب جو مطلب ان ڇڪتاڻ کي سنڀارڻ جي سکیا وٺي ان تي عمل ڪرڻو ھو۔ يعني مٽيءَ کي کپائڻ جي بجاءِ ان جي سار سنڀال ڪرڻ. ان جي ابتڙ، بیٺڪي نظام ان مھاڏي جو بلڪل ٻیو پاسو ھو: هڪ اهڙو نظام جيڪو مڪمل طور تي صرف وسيلن جي نيڪال تي ٻڌل هو، جنھن کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهہ نه هئي ته پويان ڇا بچندو۔
اهو شايد تجريدي آواز لڳي سگهي ٿو، پر ڪيبرال انتھائي عملي انسان هو. هن بالانتا قوم جو مثال ڏنو، جيڪي سارین جي پوک ڪندا هئا ۽ جن ڪئي پیڙھین کان گني جي سامونڊي ڪناري سان گڏ تمر وارن علائقن ۾ پوکيءَ جو هڪ شاندار طريقو فطرتي اصولن ۽ ان ڇڪتاڻ کي سنڀارڻ واري طریقي سان ڪيو هو. سندن طريقو؛ فصلن جي تبديلي، زمين کي ڪجهه وقت لاءِ خالي ڇڏڻ، ۽ گڏيل طور تي اهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ جيڪو ڪو اڪيلو خاندان نٿي ڪري سگهيو؛ مٽيءَ کي زرخيز ۽ برادريءَ کي بک کان محفوظ رکندو هو. اها روايت جي روپ ۾ هڪ ڳوڙھي ماحولياتي انتظامڪاري هئي، جيڪا بیٺڪي مڱ ڦري واري فصل واري ٻنيءَ جي ( ناڪاري اثرن کان) بلڪل ابتڙ هئي. جڏهن ڪيبرال بعد ۾ پنھنجي گوريلا فوج کي منظم ڪيو، ته هو سمجهي ويو ته اها ئي گڏيل سماجي جوڙجڪ، تمر جي ٻیلن واري علائقن مان گذرندڙ متحرڪ جنگي دستن جي مدد ڪري سگهن ٿيون. ماحوليات ۽ سياست هڪ ئي مسئلي جا ٻه رخ هئا، جن کي مختلف رخن کان ڏٺو پئي ويو.

لزبن ۾ ھڪ شاگرد

لزبن (پرتگال جو گادي جو ھنڌ) ۾، ڪيبرال جو واسطو آفريقي شاگردن جي ان پیڙھي سان ٿيو جنھن اڳتي هلي ان کنڊَ کي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪاسا دوس اسٽوڊنٽس دو امپيريو (سلطنت جي شاگردن جو گهر) نالي هڪ ثقافتي تنظيم ۾؛ جيڪا پرتگالي حڪومت پاران، گاديءَ واري شھر ۾ پڙهندڙ بیٺڪي رعايا تي نظر رکڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، ڪيبرال جي ڏیٺ ویٺ آگوسٽينو نيٽو سان ٿي، جيڪو اڳتي هلي انگولا جو پھريون صدر بڻيو، ۽ مفڪرن جي اھڙي لڏي جوحصو ھو جيڪي مارڪس، نيگريٽيوڊ (négritude) تحريڪ جي فرينچ ڪيريبين شاعرن، ۽ وجوديت کي پڙهي رهيا هئا ۽ بیٺڪي راڄ جي خاتمي جي سوال ڏانھن پیچرا جوڙي رھیا ھئا.
ڪيبرال جي ذهني تربيت جي حوالي سان جيڪا شئي حيران ڪندڙ آهي، اها سندس علم پرائڻ جي وسعت آھي، پر ان کي ورھائڻ جو کیس موقعو نہ ملیو. هن يورپي فيلسوفن کي پڙهيو ۽ انهن کي ڪنھن حد تائين ڪارگر ڀانیو. هن نيگريٽيوڊ جي شاعرن، سيزير ۽ سينگهور کي ساراھیو، جن يورپي نسل پرستي جو جواب آفريقي ثقافت ۽ خوبصورتيءَ سان مان ۽ اورچائي سان ڏنو. پر هن ان ڪوڙڪيءَ کي به ڏٺو جنھن ۾ نيگريٽيوڊ جي ڦاسڻ جو خطرو هو: اها سوچ، وھم ۽ خيال ته جیڪڏھن بیٺڪي نظام کي پاڙان پٽي اڇلايو وڃي تہ ڪا خالص بنيادي آفريقي سڃاڻپ بحال ٿيڻ جو انتظار ۾ آهي. ڪيبرال ان وھم ۽ خیال کي تاريخي طور تي اڻڄاڻائي ۽ سياسي طور تي خطرناڪ سمجھیو. آفريقي ثقافتون ڪي ميوزيم جا نمونا نه هيون؛ اهي زنده، بدلجندڙ، ۽ اندروني طور تي ورهايل شيون هيون، ۽ ڪا به اهڙي سياست جيڪا ان جي ابتڙ هجڻ جي اُنڊ وٺي، سا ان شخص جي هٿن ۾ يرغمال ٿيڻ لاءِ وجھ ڏیڻ جھڙي هئي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ حقيقي روايت جي ترجمانيءَ جو (ڪوڙو) دعويدار بڻجي سگهي.

ثقافت جي معنيٰ ڇا آهي؟

هي سوال اسانکي ڪيبرال جي شايد سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ منفرد خيال ڏانھن وٺي وڃي ٿو. 1970ع ۾ سيريڪيوز يونيورسٽيءَ ۾ ڏنل هڪ ليڪچر ۾، جيڪو بعد ۾ قومي آزادي ۽ ثقافت جي عنوان سان شايع ٿيو، هن هڪ نظريو پيش ڪيو ته ثقافت اصل ۾ ڇا آهي ۽ آزاديءَ لاءِ اھا ڪھڙي ۽ ڇو اهميت رکي ٿي. سندس جواب نه ته رومانوي قومپرستن وارو هو (ته ثقافت اسان جو شاندار ورثو آهي) ۽ نه ئي ڪنھن سخت گير مارڪس واديءَ وارو هو (ته ثقافت رڳو معاشي حالتن جو عڪس آهي، ۽ اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته پيداواري وسيلن جو مالڪ ڪير آهي). اهو انهن ٻنهي کان وڌيڪ دلچسپ هو.
ڪيبرال جي نظر ۾، ثقافت هڪ سماج پاران وقت سان گڏ پنھنجي اندروني تضادن کي سلجهائڻ جو طريقو آهي. هر سماج کي مسئلن کي منھن ڏیڻو ٿو پوي؛ وسيلن، طاقت ۽ معنيٰ تي جهڳڙا ڪرڻا ۽ سھڻا ٿا پون، ۽ ثقافت ان ڳالهه جو جمع ٿيل رڪارڊ آهي ته ڪيئن ماڻهن ھڪ پیڙھي کان ٻي پیڙھي تائین انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هيءَ ڪا سڪوت واري بیٺل شئي ناهي؛ هيءَ وڌي ویجھي ٿي ۽ تبديل ٿئي ٿي جيئن مسئلا تبديل ٿين ٿا. پر هيءَ بي معنيٰ به ناهي، هيءَ حقيقي تاريخ جو وزن کڻي ٿي ۽ ان ۾ حقيقي حڪمت سمايل هوندي آهي؛ جنھن ۾ انهن ماڻهن جي حڪمت به شامل آهي جيڪي انهن شين مان بچي نڪتا جيڪي کين تباهه ڪرڻ لاءِ جوڙيون ويون هيون.
هن پنھنجي ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ هڪ گل جي تصوير استعمال ڪئي. هن چيو ته گل پنھنجي اندر پنھنجي تسلسل جو ٻج رکي ٿو؛ مستقبل ۾ ٻوٽي کي ٻيھر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ان ۾ سمایل آھي. ثقافت به ائين ئي ڪم ڪندي آهي. هيءَ پنھنجي اندر هڪ سماج جي قائم رهڻ، وقت جي گذرڻ سان پاڻ کي سڃاڻڻ، ۽ هڪ مستقبل جو تصور ڪرڻ جي صلاحيت کڻي هلي ٿي. جڏهن بیٺڪي راڄ ڪنھن قوم جي ثقافت تي حملو ڪري ٿو؛ سندن ٻولين تي پابندي هڻي، سندن مذهبن کي دٻائي، سندن تاريخ کي بیٺڪیت جي نسخي سان تبديل ڪري ٿو، ته هو روايت کان وڌيڪ بنيادي شئي تي حملو ڪري ٿو. هو ان نظام تي حملو ڪري ٿو جنھن جي ذريعي قوم اھو ڄاڻندي آهي ته اها وجود رکي ٿي۔
ڪيبرال ان تي وڌیڪ ڳالھائیندي چئي ٿو: ثقافت ڪڏهن به رواجي طور معصوم يا جُڙیل ناهي هوندي. اھا هميشه طبقن ۾ ورهايل هوندي آهي. پڙهيل لکيل آفريقي اشرافيا، جيڪي بیٺڪي اسڪولن ۽ يونيورسٽين مان پڙھي پاس ٿي، تن جو بیٺڪي ۽ مقامي ثقافت، ٻنهي سان هڪ الڳ رشتو هو. تمر جي ٻیلن ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاريءَ جو رشتو ان کان بلڪل مختلف هو. انهن مان ڪنھن به رشتي کي عام معنائن ۾ بھتر يا خراب نه چئبو, پر اهي مختلف هئا، ۽ هڪ اهڙي سياست جيڪا ان فرق کي نظرانداز ڪري، سا پنھنجي عمل سان بي ايماني ڪري رهي هئي.
( ان جا مثال اسان کان ڪي پري ناھن)

طبقاتي آپگهات ۽ سرچشمي ڏانهن واپس

ان مسئلي جو ڪيبرال وارو حل ويهين صديءَ جي سياسي سوچ جي سڀ کان حيران ڪندڙ گھاڙیٽن مان هڪ آهي. هن ان کي طبقاتي آپگهات (class suicide) جو نالو ڏنو. پڙهيل لکيل اشرافيا: اهي ماڻهو جيڪي خود ڪيبرال وانگر هئا، جيڪي بیٺڪي يونيورسٽين مان پڙھي نڪتا؛ ڊگرين، پگهارن، ۽ هڪ خاص قسم جي سماجي طاقت سان ٻاهر آیا هئا، انھن کي هڪ چونڊ ڪرڻي هئي. اهي يا ته پنھنجي پوزيشن کي استعمال ڪري هيٺان کان بیٺڪي نظام ۾ شامل ٿین، ۽ اڳتي هلي هڪ نئون حڪمران طبقو بڻجي سگهن، جيڪو هڪ مختلف جهنڊي هيٺ ساڳيو استحصال جاري رکن، يا وري اهي شعوري طور تي پنھنجن مڙني حڪومتي فائدن تان ھٿ کڻي، انهن برادرين/ ماڻهن ڏانھن واپس وڃن جتان اهي آيا هئا، ۽ پنھنجي علم ۽ مھارت کي ماڻهن جي حقيقي ضرورتن جي ماتحت ڪن۔ ( ڪامریڊ حیدربخش جتوئي جي ڪیل چونڊ ان ڳالهه جو تاریخي مثال آھي)۔
هن پوئین رستي کي سرچشمي ڏانھن واپسي (ریٽرننگ ٽو دي سورس) جو نالو ڏنو. پر هو ان جي معنيٰ بابت تمام گهڻو محتاط ھو ۽ کیس ھجڻ بہ گهرجي ھا. هُن پڙهيل لکيل آفريقين لاءِ ایئن بلڪل بہ نہ چیو پئي ته ڄڻ اهي پڙهيل ڪڙھیل ناهن. هو ائين نه چئي رهيو هو ته: ڳوٺ واپس هليا وڃو ۽ لزبن ۾ جيڪو ڪجهه سکيو اٿو سو سڀ وساري ڇڏيو. اهو پنھنجي طور تي هڪ وهم هجي ها. سرچشمي ڏانھن واپسي هڪ اڳتي جو قدم هو، پوئتي جو نه. ان جو مطلب يورپي تعليم جي اوزارن؛ تجزياتي فريم ورڪ/ گھاڙیٽن، تنظيمي طريقن، ۽ سائنسي علم کي سکڻ ۽ ان نظام جي خدمت جي بجاءِ، جنھن اهي پيدا ڪيا هئا، آزاديءَ جي خدمت ۾ لڳائڻ هو. ان جو مطلب هارين کي ليڪچر ڏيڻ جي بجاءِ کين ٻڌڻ هو. ان جو مطلب هڪ اهڙو انقلاب برپا ڪرڻ هو جيڪو ماڻھن جي امنگن ۽ خوابن جي عڪاسي ڪري۔
اهو ٻڌڻ ۾ جيترو آسان لڳي ٿو، حقيقت ۾ ايترو ئي ڏکيو هو. ڪيبرال پاڻ ان ڏکيائي جو زندهه ثبوت هو. هو ڪيپ ورڊين نسل جو هو، جنھن جو گني بساؤ جي بیٺڪي نظام ۾ هڪ الڳ مرتبو ھو؛ وچڙیل نسل جي ڪيپ ورڊين برادري پرتگالي بیٺڪي نسل پرستي جي ڏاڪڻ تي ٿوري مٿانھين درجي تي هئي، ۽ ڪيترن ئي گنيائي جنگجوئن کي ان ڳالهه تي اعتراض هو ته آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻي وڌیڪ انگ ۾ ان پسمنظر جي ماڻهن جي هٿن ۾ هئي. اهو اعتراض ۽ عجیب نسلي بغض، اڳتي هلي سندس موت جو سبب بڻيو.
(ھلندڙ)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا