سوانح عمري يا سوانح حيات هڪ غير افسانوي پر ادبي صنف آهي. هن صنف کي سنڌيءَ ۾ ”جيوڻي“ به چيو ويندو آهي. هي هڪ تاريخي دستاويز جي اهميت رکي ٿو، جنھن ۾ ماڻهو پنھنجي زندگيءَ جي آخر ۾ ويھي ليکو چوکو ڪندو آهي. خاندان، شجرو، حسب نسب، ڳوٺ، راڄ، ننڍپڻ، تعليم، زندگيءَ جا تجربا، ڪاميابيون، ناڪاميون، پنھنجي دور جا دوست، ڪردارن جو وهنوار، پنھنجيون غلطيون، سڀ لکي دنيا کي پنھنجي تجربي کان آگا ڪندو آهي. ائين چئجي ته زندگيءَ جو پورو باب لفظن ۾ آڻي، پنھنجي يادگيرين کي زنده ڪندو آهي.
آتم ڪھاڻي زندگيءَ جي اھا ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ماڻهو پنھنجي آب بيتي، زندگيءَ جا واقعا، خاندان متعلق ڄاڻ، ڏک ۽ سک، رشتا ۽ ناتا، ڪارناما، واقعا ۽ لقاء، پنھنجون محنتون، پنھنجا سچ لکيا ويندا آهن.
البتہ سوانح حيات ٻي ڪنھن شخصيت جي ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ پنھنجي به سوانح حيات ئي آهي، پر انگريزيءَ ۾ Autobiography and biography جو فرق سنڌيءَ ۾ آتم ڪھاڻي ۽ سوانح حيات ئي ٿيندو.
هيءٓ ادبي صنف تمام ڏکي ۽ مھارت سان لکجي ته ٺيڪ آهي، نه ته تماشو بنجي سگهي ٿي.
ڪي تمام وڏا ماڻهو هوندا آهن، جن جو علمي پورهيو دنيا کي منور ڪندو آهي. ڪي وڏا اڳواڻ هوندا آهن، جن جي سياست ۽ مدبرانہ حڪمت عملي دنيا کي فائدو ڏيندي آهي. انهن جي سوانح حيات ھو پاڻ لکندا آهن يا وري ٻيا ماڻهو لکي دنيا کي انهن جي ڪارنامن کان واقف ڪندا آهن.
سنڌيءَ ۾ سوانح حيات لکڻ جو رواج انگريزن جي دور کان شروع ٿيو. مرزا قليچ بيگ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکي، جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اھم حيثيت رکي ٿي.
سوانح حيات لکڻ جا ڪجهه اصول آهن. ڇو ته هيءَ ادبي صنف آهي، تنھن ڪري سڀ کان پھرين هن جو مواد باادب هجي، سندس ٻولي ادبي هجي، تحرير دلچسپ ھجي. ڪجهه اصول هيٺ ڏجن ٿا.
گهڻا ماڻهو هروڀرو آتم ڪھاڻي لکڻ ويھندا آهن. جن وٽ نه ادبي ٻولي هوندي آهي، نه وري واقعن يا ڳالهين کي پيش ڪرڻ جو سليقو هوندو آهي. ڳالهه کي ادبي پئرايي۾ پيش ڪرڻ جو فن ناهي، ته پوءِ به ڪجهه اصول ذهن ۾ رکڻ ضروري آهن.
ٻولي ادبي ۽ نج هجي، ڪوشش ڪجي ته پھاڪا، اصطلاح، چوڻيون استعمال ڪجن، اڃا به اھو تہ معياري لھجي ۾ لکجي.
اخلاقيات هن صنف جو اهم حصو آهي. ڪا به اهڙِي ڳالهه جيڪا اخلاق کان ڪريل هجي، نه ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن اهڙيِ واقعي کي مھذب طرح پيش ڪرڻ گهرجي. مثال ڪنھن ماڻهوءَ کي چئجي، “ماڻهين جو مڙس پيو اچي” ته ڪاوڙجي پوندو. پر جيڪڏهن چئجيس ته “تنھنجو پيءَ پيو اچي” ته مھذب آهي. اها منافقي ناهي، پر مھذب طرح ڳالهه کي رکڻ آهي. هي سماج هلي ئي مھذب پڻي تي ٿو. جي اسان مھذب پڻي کي منافقي سمجهنداسين ته اسان ۽ جانور ۾ ڪو فرق ناهي. اگهاڙي سچ جو مطلب اهو ناهي ته لکندڙ اخلاق کان ڪِري پوي.
آتم ڪٿا جو ھڪ اصل مذھبي رواداري جو خيال رکڻ به آھي. ڪنھن جي به مذهب خلاف نه ڳالهائڻ گهرجي، ڪنھن فرقي جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ نه گهرجي، نه وري فرقي پرستيءَ جي حمايت يا ڪنھن عقيدي جي حمايت ۾ دليل ڏيڻ گهرجن. عقيدو سڀ ڪنھن جو پنھنجو آهي. جيڪڏهن مان پير پرست آهيان، ته ان جو اشتھار نه لڳائڻ گهرجي. پنھنجي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته آئون فلاڻي پير جو مريد آھيان يا فلاڻي پير تي ويندو آهيان. باقي ويھي انهن جا ڪارناما لکڻ، ڪرامتون لکڻ ادبي پيرائي ۾ نٿو اچي.
ھو ٻيو اصول ڪنھن جي به دل آزاري نه ڪرڻ آھي. توهان کي ڪير نٿو وڻي ته ان جو ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. توهان کي ڪنھن دوکو ڏنو آهي ته ان واقعي جي ڳالهه جيئن آهي، پيش ڪري سگهجي ٿي، پر ويھي دليل ڏجي ته فلاڻو ڪيڏو خراب آهي، ڪنو آهي، دوکي باز آهي اها ادبي ڳالهه ناهي.
ڪڏهن به ڪنھن خاندان جي اگهاڙپ ڪرڻ، ڪنھن دوست جي عيبن کي کولڻ ادب ناهي. ذاتي دشمني آهي.
ڪڏهن به ڪنھن عورت جي تذليل ڪرڻ ادبي فضيلت ناهي. ڪابه عورت ڀلي اها پنھنجي سڳي هجي. گهڻا ماڻهو ڪريم بّخش نظاماڻي ٿيڻ جي چڪر ۾ ويٺا پنھنجين ڀيڻن، مائن، جا عيب اگهاڙيندا. توهان جي آپ بيتي آهي، شھرت توهان کي کپي، پوءِ انهن عورتن ڪھڙو ڏوهه ڪيو.؟ جن کي ويٺا لوئيو. چوندا سچ ٿا لکون. سچ اهو به ته لکو نه توهان ڪنھن جو حق کاڌو، ڪنھن کي ڏک ڏنا، ڪنھن سان دوکو ڪيو، ڪھڙيون منافقيون ڪيون. ڪھڙيون بدمعاشيون ڪيون. سچ لکڻو آهي ته ايمانداري سان لکو.
باقي ماءُ جا يار گهڻا هئا…..ماڻهو سمجهن، واه واه، ڪيڏو سچو کرو آهي. پر حقيقت اها آهي ته غير جانبداريءٓ جو مطلب اهو ناهي ته سڀني جا پٽڪا لاهيو. وري پنھنجي ساراهه جا ڍڪ ويھي ڀريو.
هر ڳالهه جو منفي پاسو ڪڍڻ، هر ڳالهه مان ڪينو ڪڍڻ، هر ماڻهو جي گلا ڪرڻ ڪا ادبي تخليق ناهي. ماڻهوءَ جا منفي ۽ مثبت پاسا هوندا آهن. ڇو ته توهان جي آتم ڪھاڻي مان پڙهندڙ کي ڪو علمي پيغام ملي، ڪو اتساهه ملي، ڪا تجربي جي ڳالهه ملي ته بھتر، نه ته آتم ڪھاڻي هجوٓ بنجي ويندي.
ڪوبه واقعو ٻڌل ڳالهه جي آڌار تي نه لکڻ گهرجي. جي لکڻ اڻ ٽر آهي ته پوءِ لکڻ کپي ته پڪ ناهي، ٻُڌل ڳالهه آهي. ثبوت کان بغير ڪنھن تي الزام نه لڳايو. ڪڏهن ثبوت هٿ ٺوڪيا به هوندا آهن. هوندو ڪجهه آهي، ٻڌايو ڪجهه ويندو آهي. ماڻهوءَ کي غلط فھمي ٿيندي آهي ان بنياد تي ڪنھن جي دل نه آزارجي. مجموعي طور ماڻهوءَ جي ساخت ڏسجي ته اهڙو آهي يا ناهي. دشمنيءَ ۾ ماڻهو توهان کي ڪنھن جي خلاف ورغلائن ٿا. توهان انهن جي ورغلائڻ ۾ اچي ڪنھن جي خلاف لکيو، ته اها ادبي آتم ڪھاڻي نه ٿيندي.
ڪو به واقعو تز يا اڻ وسرندڙ آهي ته ڪنهن جي نالي وٺڻ کان بغير به لکي سگهجي ٿو. مثال مرزا قليچ بيگ پنھنجي آتم ڪھاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ هڪ جڳھه تي لکي ٿو ته ڪنھن جڳھه تي سندس ڪئيمپ ۾ ڪا ڇوڪري سندس هاڪ ٻڌي اچي نڪتي. رات جو آڌي مهل ان ڇوڪريءَ کي سمجهائي واپس موڪلي ڇڏيو، پر نه ان جي خاندان جو نالو لکيو اٿس، نه وري ان ڇوڪريءَ جو نالو لکيو اٿس.
لازمي ناهي ته جيڪا مشھور آتم ڪھاڻي ٿئي، اها فني يا ادبي طور سچي يا معياري به هجي. ڪڏهن ماڻهو سستي شھرت لاءِ جنسي ڳالهين جا افسانا گهڙي يا پنھنجي آوارگيءَ کي به آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکندا آهن. اهي آتم ڪھاڻيون ناهن، جنسي قصا آهن. جيئن خشونت سنگهه جو ‘حسينون ڪي صحبت” مشھور ٿيو هو، پر ان جي ادبي حيثيت بلڪل به ناهي.
دنيا جي مشھور شخصيتن جن تمام وڏا ڪارنامه ڪيا، انهن پنھنجون آتم ڪھاڻيون گهٽ لکيون آهن. مثال حضور صلعم جن پنھنجي ڪھاڻي ڪانه لکي، آئنسٽائن پنھنجي آتم ڪھاڻي ڪانه لکي، ڪارل مارڪس پنھنجي آتم ڪھاڻي ڪانه لکي. ولاديمير لينن پنھنجي ڪابه آتم ڪھاڻي نه لکي، فيض احمد فيض، علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي آتم ڪھاڻي نه لکي. رسول بخش پليجي پنھنجي آتم ڪھاڻي نه لکي. انهن سڀني جون سوانح عمريون ٻين ليکڪن لکيون. بلڪ گهڻن ليکڪن جون سوانح عمريون مختلف زاوين کان مختلف ماڻهن لکيون هيون.
دنيا جي مشھور سوانح عمرين ۾ پھرين آتم ڪھاڻي 397 سينٽ آگسٽائين جي لکيل آهي.
آتم ڪھاڻي يا سوانح حيات صرف زندگيءَ جي واقعن جي فلم ناهي بلڪ ادبي صنف آهي. ان ڪري هن صنف جو رس چس پنھنجو آهي. دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿيندا آهن. هڪڙا پنھنجي تجربي مان سکندا آهن، ٻيا ٻين جي تجربي مان سکندا آهن. تنھن ڪري سوانح حيات ٻين کي سکڻ جو موقعو ڏئي ٿي.
آتم ڪھاڻي لکڻ لاءِ ماڻهوءَ جو نفسياتي طور نارمل هئڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪا فوبيا هوندي اٿس. يا پئرانويا بيماري اٿس. يا ڊپريشن جو شڪار آهي ته ممڪن آهي دنيا ۽ زندگيءَ کي صرف ڏک قرار ڏئي يا دشمن قرار ڏئي. ماڻهن کي صرف دشمن جي اک سان ڏسي. تنھن ڪري نارمل هئڻ ضروري آهي. آتم ڪھاڻيءَ ۾ به تخيل، جذبا، محاڪات، ڪم ايندا آهن. يادون، محبتون ۽ دشمنيون ياد اينديون آهن. پر انهن کي رومانوي انداز سان پيش ڪرڻ ئي ادبي روش آهي.
توهان امرتا پريتم جو “رسيدي ٽڪٽ” پڙهيو هوندو. ڏسو ته ڪيڏي شاهڪار نموني هن پنھنجون يادون ۽ جذبا روماوي انداز سان پيش ڪيا آهن.
سنڌيءَ ۾ جھڙيءَ ريت ناولن جي ڀرمار شروع ٿي آهي، بلڪل اهڙِيء ريت آتم ڪھاڻين جي ڀرمار آهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته ويھين صديءَ جو نسل پنھنجا تجربا، دور جي سياست، تاريخ، واقعن ۽ حقيقتن کي قلم بند ڪري، پر گهڻن جي آتم ڪھاڻين ۾ سطحيت گهڻي آهي، هن مون کي ڌڪ هئيو، مون هن کي گار ڏني، هو حرام جي دولت ڪمائي ٿو، فلاڻو مونکان سڙي ٿو، ڏاڏا ڀنگ پيئندو هو، چاچا ڇورا ويھاريندو هو…. ڇا اهڙيون ڳالهيون ادبي طور قوم کي، ايندڙ نسلن کي ڪجهه ڏيئي سگهن ٿيون؟ چوندا آهن ته تاريخ ۾ ڪردار سچا ۽ واقعا ڪوڙا لکيا ويندا آهن، افساني ۾ ڪھاڻي سچي ۽ ڪردار فرضي هوندا آهن، پر آتم ڪھاڻيءَ ۾. لکندڙ پنھنجو سچ لڪائيندو آهي. فنڪاريءٓ سان ٻئي کي ڏوهاري قرار ڏيئي، پاڻ کي مظلوم قرار ڏيندو آهي.
چوندا آهن تہ سٺو لکڻ لاءِ سٺو پڙهڻ به ضروري آهي. آتم ڪھاڻي لکڻ کان اڳ دنيا جون بھترين آتم ڪھاڻيون ۽ سوانح حيات پڙهڻ گهرجن.
سٽ نه ڀانئج سولي،
نور نچوئي لک
لک هڏن جو مک،
سٽ نه ڀانئجج سولي.
