Homeادبتنقيدسنڌي ناول جا مسئلا _ 1

سنڌي ناول جا مسئلا _ 1

ممتاز بخاري
ممتاز بخاري
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور ليکڪ آهي، جنھن فڪشن، ڊرامي ۽ ادبي تنقيد جي موضوع تي اهم ڪتاب لکيا آهن. هو سنڌيءَ جو نامور صحافي به آهي، جنھن ڪيترن ئي اهم موضوعن تي دستاويزي فلمون ۽ اسٽوريز به ٺاهيون آهن. وڏي عرصي کان وٺي هو مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا لاءِ منفرد موضوعن تي مضمون ۽ بلاگ لکندو رهي ٿو.

هُش!:
ايڪويھين صديءَ دوران سنڌ ۾ سنڌي ناول جو تعداد ڇھوڻ تي وڌي ويو آهي ۽ ايئن ڀارت ۾ ڇھوڻ تي گهٽجي ويو آهي. ويھين صديءَ دوران اهو ابتو ڦيرو هيو، جو ان دوران ڀارت، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ لکيل سنڌي ناول سنڌ جي ڀيٽ ۾، سواءِ ڪجهه ناول ڇڏي، بھترين هو، ڳڻپ ۾ وڌيڪ هو، ۽ هاڻي ڀارت ۾ ناول سڪرات ۾ هليو ويو آهي. اسان عام طور رڳو سنڌ ۾ لکيل ناول کي سنڌي ناول سمجهي مايوسين جي پولارن ۾ هليا ويندا آهيون، جڏهن ته دنيا ۾ ٻوليءَ کي سرحدن اندر قيد ناهي سمجهيو ويندو. جتي به انگريزي ناول لکجي، اسپينش، فرينچ، عربي وغيره لکجي، ان کي ان ٻوليءَ موجب ڳڻي پرکيو وڃي ٿو ۽ ايئن اردوءَ سان به آهي. مثال طور انٽرنيٽ تي آيل دنيا جي اهم سروي ادارن يا يونيورسٽين جي انگن اکرن (ڊِيٽا) واري تحقيق ڏسندا ته اهي جيڪڏهن انگريزي ناول جو ذڪر ڪندا ته ان کي Worldwide English Novel لکندا، ۽ پوءِ ان کي ملڪن اندر ڏسندا ته برطانيا ۾ ڪيترو ڇپيو، آمريڪا ۾ ڪيترو ڇپيو ۽ ٻين ٻولين مان انگريزيءَ ۾ ڪيترو ڇپيو وغيره وغيره، ايئن چيني، عربي، اسپينش وغيره ٻولين جي حوالي سان انگ اکر يا سڃاڻپ ايندي آهي. ادبي معيار جو انگريزي ناول، سائنس يا جاسوسي وغيره موضوعن جا انگريزي يا ٻين ٻولين ۾ ڪيترا ناول ڇپيا وغيره.
ان ڪري سنڌيءَ ۾ لکجندڙ ناول کي رڳو ان جي جاگرافيائي حد اندر نه پر ان جي لساني ڪُليتي ڦھلاءُ اندر ڏسجي، پر پاڪستان ۾ سنڌي ۽ اردوء سان اهو ئي مسئلو آهي ته ڀارت ۾ لکيل ناول کان پاسو ڪندي، صرف ملڪي حدن اندر انهن کي ڏسون ٿا ۽ ايئن ٻوليءَ جي بنياد تي فڪشن کي پنھنجي معيار جي ڪٿ کان محروم ٿيڻو پئجي ويو آهي. البتہ تحقيق دوران يا لکڻ مھل جيڪڏهن واضح ڪجي ته سنڌ ۾ لکيل سنڌي ناول يا پاڪستان ۾ لکيل سنڌي يا اردو ناول، تڏهن اها هڪ الڳ ڳالهه هوندي ۽ ان جائزي يا تنقيد جا پيراميٽر محدود ٿيل هوندا، پر جي ”سنڌي ناول“ اشاري ۾ ڪتب ايندو ته اهو سرحدي حد بندين ۾ نه ڳڻبو. باقي ڪنھن هڪ هڪ ناول تي تبصرو، جائزو ۽ تنقيد الڳ ڳالهه آهي. اسان جڏهن ”سنڌي ناول“ کي رڳو سنڌ ۾ لکيل ناول طور پرکيون ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ اسان سنڌي ناول کي هڪ ڄنگهه تي بيھاري، کيس ڪمزور ڪيون ٿا ۽ ”هش“ ڪري ٻي ڄنگهه ٻاهر ڪڍڻ نه ٿا چاهيون، منھنجو اشارو هن لطيفي ڏانھن آهي:
ڪنھن همراه هڪ نئون بورچي رکيو، جنھن جي عادت هئي ته ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌڻ بعد چکڻ جي چڪر ۾ ان جي هڪ ڄنگهه جو پيس کائي ويندو هو. هڪ ڏينھن مالڪ پڇيس ته هو وائڙو تي ويو ۽ جواب نه ڏئي سگهيو. ان شام هو مالڪ سان سندس ڳوٺ ويو ته اوطاق تي ڪڪڙيون ۽ ڪڪڙ بيٺل هئا، انهن مان هڪ ڪڪڙ هڪ ڄنگهه تي بيٺل هو ته مالڪ ان کي ڏسي پنھنجو ڏنڊي زمين تي هڻي ”هش“ ڪيو ته هن هڪدم ڇاتيءَ جي پرن ۾ لڪل ٻي ڄنگهه لاٿي ۽ چستيءَ سان اتان ڊوڙي هليو ويو. بورچي هڪدم مالڪ کي چيو، ”سائين هاڻي سمجهي ويس، اصل ۾ مان اڄ ڪڪڙ کي ”هش!“ نه ڪئي هئي، ان ڪري هن جي ٻي ڄنگهه ٻاهر نه آئي، هڪ ئي رڌڻي پئي.“
سو اسان جيڪڏهن ”سنڌي ناول“ استعمال ڪيون ٿا تہ اسان کي ”هُش“ ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو ته سنڌي ناول چست ڪڪڙ جيان ڊوڙندو نظر اچي. ڇو ته سنڌيءَ ۾ هِن طرف يا هُن طرف جيڪو به ججهي انداز ۾ ناول لکيو ويو آهي، ان جي پرک به هڪ وڏو مسئلو آهي، جيڪا تعداد يا مقدار ۽ معيار سان جڙيل آهي ۽ ان کي اسان کي عالمي تناظر واري ناول جي تعداد ۽ معيار جي تناظر ۾ ڏسي سگهون ٿا.

تعداد ۽ معيار:
منھنجن گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ايڪويھين صديءَ جي پھرين چوٿائي، يعني 2025ع تائين سنڌيءَ ۾ ڇپيل ناولن جو تعداد 312 آهي، جن مان 270 ناول سنڌ ۾ 38 ڀارت ۾ ۽ 4 ناول برطانيا سوڌو ٻين هنڌن تان ڇپيا آهن. ايئن جڏهن انٽرنيٽ وسيلي دنيا جي معتبر ذريعن، جن ۾ يونيويورسٽين جون سرويز به شامل آهن، اهي ٻڌائين ٿيون ته نصابي ۽ مذهبي ڪتابن کي ڇڏي دنيا ۾ ادب جي صنفن بابت جيڪي به ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن ۾ 75 سيڪڙو افسانوي ادب جا آهن، جن ۾ انگريزيءَ ۾ ساليانو سوا لک تائين ناول ڇپجڻ ٿا. هي انگ اکر اهي آهن جن جا آءِ ايس بي اين نمبر آهن، سيلف پبليڪيشن ۽ آن لائين ناولن جو انگ انھن کان الڳ آهي، ان جو مطلب ته مختلف شڪلين ۾ ٻه اڍائي لک کان مٿي انگريزي ناول سال ۾ اچن ٿا ۽ چوٿائي صديءَ دوران انهن جو تعداد 50 لکن کان مٿي ٿيندو، جن ۾ فزيڪل ٽيھارو لکن کان مٿي آهن. چيني ٻوليءَ ۾ به ٽيھارو هزار ساليانو اچن ٿا ۽ چوٿائي صديءَ ۾ ساڍا ست لک آيا هوندا. اسپيني ۾ ساليانو ويھارو هزار ۽ 25 سالن دوران پنج لک ناول آيا. فرينچ، عربي، جاپاني ۽ ٻين ٻولين ۾ آيل ناولن جو تعدا ڪڍجي ٿو ته اهو ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. اي بوڪس ۽ پاڻ ڇپائڻ وارا انگ اکر ته ملينس ۾ آهن. وڌيڪ انٽرنيٽ سرچ ڪري سگهجي ٿي.
انهن وڏين ٻولين مان هر ٻوليءَ ۾ وري رڳو ڏهه ويھه ئي سٺا ناول سامهون ايندا آهن ۽ ڪڏهن سئو جي لڳ ڀڳ جيڪي نه رڳو اعلى ادبي معيار جا هوندا يا وري انهن جي وڪري واري تعداد موجب انهن کي مڃتا ملندي آهي. يعني لکين ڇپيل ناولن مان ڇڪي ڪجهه هزار ناول سموري دنيا ۾ پنھنجي پنھنجي لساني جاگرافيائي حدن ۾ پذيرائي حاصل ڪن ٿا، پنھنجي ملڪ توڙي ٻوليءَ وارن حصن ۾ يا وري ترجمي ۾ مڃتا ماڻين ٿا ۽ لکين ناول رديءَ جي حوالي ٿي وڃن ٿا. ان جو مطلب ته دنيا م لکين لکجندڙ توڙي آيل ناولن مان ڪجهه هزار ۽ وري انهن مان ڪجهه سئو مڃتا حاصل ڪن ٿا ۽ انهن کي معياري مڃيو وڃي ٿو. پنھنجي پسگردائيءَ ۾ هندستان ۽ ايران ۾ وڌ ۾ ناول ڇپجن ٿا ۽ بنگلاديش توڙي سريلنڪا به ڏکڻ ايشيا جي ملڪن مان ناول سبب نالو ڪمايو آهي، پر درجن درجن ناول مس هوندا جيڪي مڃتا ۾ اچن ٿا، ۽ اتي ڇپيل ناولن جو تعداد هزارن ۽ لکن ۾ آهي.
دنيا ۾ ناول جي حوالي سان يا ته پلزر، بوڪر ۽ نوبل پرائز وسيلي وڌيڪ دنيا ۾ پرکيو ويندو آهي ۽ اهي به لکين ناولن مان ڪجهه سئو انهن ناولن کي لسٽنگ ۾ آڻيندا آهن، جن ۾ ڪو دم هوندو آهي. ڪي ناول پنھنجي ٻوليءَ ۾ بنا انهن ادبي سرگرمين ايوارڊن جي سرگرمين جي وڏي مڃتا ماڻين ٿا. باقي نوبل پرائيز جو الڳ طريقو آهي، جڏهن اهو ملڻ جو مھينو ايندو آهي ته دنيا جي رڳو سئو سوا چونڊ ناول نگارن جا نالا سامهون ايندا آهن. جڏهن ته لکين ناول لکندڙ ۽ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ناول جا ٽائيٽل اچن ٿا.
جيڪڏهن ان ماپي کي ڏسون ٿا ته پوءِ سنڌي ۾ ايندڙ ناولن جو تعداد، جيڪو مون مٿي ڏنو آهي، اهو ته ڪجهه به ناهي. دنيا ۾ اهڙا ناول نگار به آهن جن جي هڪ ناول جو ئي ترجمو 312 ته ڇا هزار کان مٿي ٻولين ۾ ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ چوٿائي صديءَ دوران آيل سنڌي ناولن رڳو 312 تعداد آهي. انهن جي معيار تي اهو تجزيو ۽ تنقيد ڪجي، جيڪا دنيا جي وڏي ادب تي ڪئي ٿي وڃي، ته ڇا نتيجو ايندو؟ منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن سنڌيءَ جا پنج ناول به انهن معيارن تي چوٿين حصي جو چوٿون حصو به پورو لھن ٿا ته اها به ڪا معمولي ڳالهه نه هوندي. ان لاءِ هڪ ته جيڪي بھتر ناول سمجهيا وڃن ٿا، انهن جا ترجما ٻين ٻولين ۾ اچن ته خبر پوندي. ڇو ته گارشيا کان گنٽر گراس تائين ڪيئي اهڙا ليکڪ آهن جن جي ناول کي جڏهن ترجمو مليو ته ٻاهر اهي لکن جي تعداد ۾ ڪيترن ئي ڇاپن وسيلي وڪرو ٿيا. ٻيو معاملو اسان جي تنقيد جو آهي، جنھن تي اڳين حصن دوران اچبو. ان ڪري سنڌي ناول جي معيار جي پرک، ان جو تجزيو ۽ تنقيد بہ ان ڳالهه جا گهرجائو آهن ته جيڪڏهن سنڌي ناولن جي رڳو چوٿائي صديءَ جي تعداد مان ٻه بھتر، ٽي ڪجهه بھتر ۽ 5 پڙهڻ جھڙا آهن ته اها انتھائي حوصلي مند ڳالهه چئبي. ان ڪري سنڌي ناول کي ان جي مجموعي عدد ۾ ڏسجي ۽ ان جي جاگرافيائي تناظر کي سامهون رکجي. ڀارت ۾ لکيل سنڌي ناول جو مزاج ۽ موضوع ڪجهه مختلف ۽ سنڌ ۾ لکجندڙ جو الڳ آهي. برطانيا واري لکيل سنڌي ناول جو ٽون ته بلڪل يورپي طرز جو آهي. ان ڪري سنڌي ناول کي مقاميت واري تناظر ۾ به ڏسڻ انتھائي ضروري آهي ۽ اها ڳالهه، گنٽرگراس کان گارشيا بابت ڪيل ڳالهه سان جڙيل آهي.
(هلندڙ)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا