Homeتاريخمٽيءَ جو ڳوھیل انسان، جنھن مٽي سان ۽ جنھن سان مٽيءَ ڳالھایو۔...

مٽيءَ جو ڳوھیل انسان، جنھن مٽي سان ۽ جنھن سان مٽيءَ ڳالھایو۔ 2

انقلاب، جنھن عورتن کي ياد رکيو

ڪيبرال جي عورتن بابت سوچ پنھنجي همعصرن ۾ کیس سڀ کان وڌيڪ نشانبر ڪري ٿي. عورتن جي مظلوميت بابت سندس سیاسي خیال چٽا ھئا: جيڪڏهن عورت جي حالت ائين ئي رهي ته قومي آزادي بي معنيٰ آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو: ‘عورتن جي آزاديءَ کانسواءِ ڪو به حقيقي سماجي انقلاب نٿو اچي سگهي.’ 1960ع ۽ 1970ع جي شروعات ۾، آفريقي گوريلا تحريڪن جو اهو ڪو عام موقف نه هو.
عورتن جي آزاديءَ بابت آفريڪن پارٽي فار دي انڊيپينڊنس آف گني اينڊ ڪيپ ورڊ PAIGC جي حڪمت عملي ان ڳالهه کي ثابت ڪیو۔ آزاد ڪيل علائقن ۾؛ گني بساؤ جا اهي حصا جيڪي آزاديءَ جي فوج پرتگالي ڪنٽرول مان آزاد ڪرايا هئا، اتي پارٽي عوامي عدالتون قائم ڪيون، جن کي عورتون طلاق حاصل ڪرڻ، ننڍپڻ جي زبردستي شادين کان بچڻ، ۽ ‘باراڪي’ (barraque) يعني ڪنوار جي قيمت جي رواج بابت تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهنديون هيون. مرد ۽ عورتون ٻنين ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪندا هئا. عورتون ڳوٺاڻن ڪميٽين ۾ اڳواڻي وارن عھدن تي پڻ هيون.
عورتون پاڻ انهن سڌارن جي رڳو غير فعال قبول ڪندڙ نه هيون، بلڪه اهي ان تبديليءَ کي اڳتي وڌائيندڙ هيون. ڪارمين پيريرا 1961ع ۾ پنھنجي مڙس جي PAIGC ميمبرشپ جا دستاويز ھٿ ڪيا، بیٺڪي انتقامي ڪاررواين کان بچڻ لاءِ سينيگال ڏانھن ڀڄي وئي، نون ڀرتي ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ زيگينشور ۾ هڪ محفوظ گهر قائم ڪيو، هٿيار هلائڻ سکيا، ۽ اڳتي هلي پارٽي جي سڀ کان سينيئر سياسي شخصيتن مان هڪ بڻجي وئي. فاٽوماتا ديالو، جيڪا هڪ فولا عورت هئي، 1964ع ۾ بیٺڪي جبري پورهئي کان بچڻ لاءِ گوريلا گروپ ۾ شامل ٿي. سڀني آزاد ٿيل علائقن ۾، عورتون معلومات گڏ ڪندڙ، هٿيار منتقل ڪندڙ، طبيب، نرسون، جنگجو، ۽ انتظامڪار هيون، ڇاڪاڻ ته مردن وانگر سندن سڃاڻپ ڪارڊن جي سخت چيڪنگ نه ٿيندي هئي، ان ڪري اهي پرتگالي ڪنٽرول وارن علائقن مان آسانيءَ سان ٽپي سگهنديون هيون، جتان مرد پڪڙجي پئي سگهيا.
عورتن جا اھي اھم ڪردار، آزادي جي ھیرو وارن ڪردارن پویان بنھ ڌنڌلا ٿي ویندا آھن. جڏهن گوليون هلڻ بند ٿيون ۽ رياست جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو، ته جيڪي عورتون مردن سان گڏ وڙهيون هيون، سي پاڻ کي نون ادارن جي ڪنارن تي ڪنڊائتیون نظر آیون. انقلاب جي اندر انقلاب اڻپورو رهجي ويو، جيئن عام طور تي اهڙن انقلابن سان ٿيندو آهي!

دنيا ھن ڏانھن نھاریو پئي

ڪيبرال جي جدوجھد رڳو ڪنھن ننڍي علائقي بابت نہ ھئي. سرد جنگ ڄڻ ھن جدوجھد کي بیٺڪیت جي نہ چاھڻ جي باوجود وسعت ڏني! پرتگال، هڪ فاشسٽ آمريت هجڻ جي باوجود، نيٽو (NATO) جو بنيادي ميمبر ۽ آمريڪا جو هڪ اهم اتحادي هو، جزوي طور تي ازورس ٻيٽن جي ڪري؛ جيڪي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي وچ ۾ ٻيٽن جو هڪ مجموعو هئا، تن کي آمريڪي فوج سوويت آبدوزن جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ استعمال ڪندي هئي. ان اڏي تائين رسائيءَ جي عیوض، واشنگٽن لزبن کي اهي جيٽ جھاز ڏنا جيڪي گني بساؤ جي جهنگلن ۾ PAIGC جي اسڪولن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪري رهيا هئا. جڏهن ڪيبرال پنھنجي تقريرن ۾ چوندو هو ته سندس جنگجو ان ڪري مري رهيا آهن ته جيئن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي اصلوڪي معنيٰ پڌري ٿئي۔ کیس چڱيءَ طرح خبر هئي تہ ھو ڪنھن لاءِ چئي رھیو آهي.
سرد جنگ جي ٻئي پاسي، ڪيبرال ڪيوبا ۽ سوويت يونين سان اتحاد قائم ڪيا. ڪيوبا ڊاڪٽر، فوجي انسٽرڪٽر، ۽ وڪٽر ڊريڪ نالي ڪمانڊر جي ماتحت آرٽلري جي هڪ ڳجهي ٽيم موڪلي؛ ڇاڪاڻ ته آمريڪي نظرداري کان بچڻو ھو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪيبرال وڏي پيماني تي ڪيوبا جي فوجي دستن جي مدد جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. هو ڪيوبا جي مھارت چاهيندو هو، ڪيوبا جا سپاهي نه؛ هو چاهيندو هو ته سندس انقلاب سندس پنھنجو هجي. جڏهن ڪيوبا وارن PAIGC جي جنگجوئن کي سوويت جھاز شڪن ميزائل هلائڻ جي تربيت ڏني، تہ پرتگال جي فضائي برتري پوئتي پیجي وئي جیڪو ان جو سڀ کان وڏو هٿيار هئي؛ ان سان ئي جنگ گهڻو ڪري ماٺ ۾ اچي وئي، ۽ 1970ع جي شروعات ۾، ھاڻ پرتگال ڊگهي وقت تائين جاري رکڻ جي سگهه ساري نہ ٿي سگهيو۔
ڪيبرال جو اثر سرد جنگ جي مکيه ڪردارن کان اڳتي هو. هو آمريڪا ۾ بليڪ لبريشن (ڪاري چمڙي وارن جي آزاديءَ جي) تنظيمن سان رابطي ۾ هو، ۽ 1965ع جي واٽس هنگامن کان پوءِ هن پنھنجو موقف واضح ڪيو: ‘اسان آمريڪا جي ڪاري چمڙي وارن سان گڏ آهيون. جڏهن کين زندگيءَ جي هر امڪان کان محروم ڪيو وڃي ٿو، ته اسان به سندن پیڙائن ۾ گڏ بیٺل آھیون.’ ھُن جي سیاسي بصیرت ان ڳالهه کي سمجهو پئي تہ ڪيئن نالي ماتر آزادي نيو-بیٺڪي راڄ (neo-colonialism) ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي؛ ھن ڄڻ اڳڪٿي ڪئي تہ “اھڙي صورتحال جتي آفريقي ملڪ رڳو نالي جي حد تائين آزاد هجن، پر معاشي ۽ ثقافتي طور تي اڃا تائين پنھنجن اڳوڻن نوآبادڪارن جي ڪنٽرول ۾ هجن”۔ ایئن ھن آمريڪي ڪارڪنن کي 1965 ڌاري شھري حقن جي قانون سازيءَ کان پوءِ پنھنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ ڏنو. قانوني برابريءَ جو مطلب تسلط کان آزادي نه هو، ۽ ڪيبرال وٽ ان جو سبب بيان ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط نظريو موجود هو.
وچ اوڀر بابت به سندس هڪ غير معمولي ۽ تفصيلي موقف هو، جيڪو هن 1969ع ۾ بيان ڪيو، جڏهن ان موضوع تي اهڙي سنجيده سوچ اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪري اڻلڀ هئي. هن هولوڪاسٽ ( یھودین جو جرمني ۾ قتلام) کان پوءِ يھودين جي سلامتيءَ جي دعوائن جي تاريخي جواز کي تسليم ڪيو، پر هن فلسطيني زمين تي بیٺڪي قبضي کي پڻ شدت سان نندیو؛ ۽ فلسطيني پناهگيرن جي حالت کي ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ قيد ماڻهن سان ڀیٽ ڪئي.

قتل
20 جنوري 1973ع جي شام جو، اميلڪار ڪيبرال کي ڪوناڪري، گني ۾ سندس گهر جي ٻاهران ، انوسينسيو ڪاني نالي هڪ نيول ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ PAIGC جي ميمبرن جي هڪ گروپ پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ڪاني گني جي مکيه سرزمين جو هڪ ڪارو رهاڪو هو، ۽ هو ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙيل هو جنھن کي هن ڪيپ ورڊين اشرافيا پاران آزاديءَ جي تحريڪ تي غلبو تصور ڪيو ٿي. سندس ڳالهه ۾ وزن هو؛ اڳواڻي ڪندڙن ۾ گهڻائي ڪيپ ورڊين ۽ مخلوط نسل (mestiço) جي هٿن ۾ هئي، جڏهن ته جهنگن ۾ مرندڙ اڪثر ماڻهو گني جا ڪارا رهاڪو هئا. پرتگالي انٽيليجنس، ملٽري گورنر انتونيو ڊي اسپينولا جي هدايتن تي، بلڪل ان ئي ڪاوڙ ۽ نفرت کي هٿي ڏئي رهي هئي، ۽ اهڙا نفسياتي آپريشنز هلائي رهي هئي جيڪي تحريڪ کي نسلي بنيادن تي تقسيم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا. اهي گهٽ ۾ گهٽ ان ڪم ۾ ڪامياب ٿي ويا.
قاتلن ڪوناڪري جي پاڻيءَ مان ٻيڙيءَ ذريعي پرتگالي ڪنٽرول واري علائقي ڏانھن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. کين ڪوناڪري جي سمنڊ ۾ هڪ سوويت نيول جھاز پاران روڪيو ويو؛ جيڪو هڪ عجيب جنگ جو هڪ عجيب لمحو هو- ۽ کين گرفتار ڪيو ويو. ڪاني ۽ يارهن ٻين ماڻهن کي بعد ۾ PAIGC پاران موت جي سزا ڏني وئي. اها قتل جي سازش آزاديءَ جي تحريڪ کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي: گني بساؤ سيپٽمبر 1973ع ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو، ۽ پرتگال 1974ع ۾ لزبن ۾ ڪارنيشن ريوليوشن (Carnation Revolution) کان پوءِ سرڪاري طور تي ان کي تسليم ڪيو، جنھن تقريبن پنجاهه سالن جي فاشسٽ راڄ جو خاتمو آندو۔
پر ڪيبرال تمام گهڻي باريڪبينيءَ سان اڳڪٿي ڪئي هئي ته اڳتي ڇا ٿيندو. پڙهيل لکيل ڪيپ ورڊين اشرافيا جنھن بابت هن خبردار ڪيو هو؛ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي حد تائين ته سرچشمي ڏانھن واپس ويا هئا پر عمل ۾ نه، تن نئين رياست جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. سندس ٻيو ڀاءُ لوئس ڪيبرال گني بساؤ جو پھريون صدر بڻيو. 1980ع ۾، جوائو برنارڊو ويرا نالي هڪ فوجي ڪمانڊر بغاوت ڪئي، لوئس ڪيبرال کي هٽايو، ۽ گني بساؤ ۽ ڪيپ ورڊ جي وچ ۾ ان سياسي اتحاد کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ اميلڪار وڙهيو هو. پان-آفريڪن (Pan-African) منصوبو انهي فوجي بغاوت سان گڏ ڄڻ مري ویو، جنھن کي انهن ئي نسلي ۽ طبقاتي ڇڪتاڻن جنم ڏنو هو جن کي ڪيبرال پنھنجي سڄي زندگي نظرياتي طور سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي هئي.
اڄ، ڪیبرال کي ڇو یاد ڪجي؟
ڪيبرال جي زندگي ڪئي اھم سیاسي نتیجا اسان جي سامهون رکي وئي. هڪ سیاسي المیو اهو ھو جيڪو 1980ع جي فوجي بغاوت هڪ شاندار نظريو بدصورت حقيقتن هٿان ظاھري طور ھارایو. پر اهو مطالعو سڀ کان قيمتي ان ورثي کي وساري ویھي ٿو، جيڪو هن پويان ڇڏيو. ڪيبرال جا خيال نوبیٺڪي دور کان پوءِ واري گنيائي رياست جي ناڪاميءَ سبب غلط ثابت نه ٿيا هئا، بلڪه انهن ته ان جي اڳڪٿي ڪئي هئي. طبقاتي آپگهات جو تصور، ڪمپراڊور اشرافيا بابت چتاءُ، ۽ اهو اصرار ته ثقافتي ۽ معاشي تبديليءَ کان سواءِ سياسي آزادي رڳو نالي ماتر ھوندي؛ اهي ڪي پراميد واعدا نه هئا، بلڪه هڪ کُلیل سیاسي سائنس وارو نظریو ڏنو. ھن اڳواٽ ان گهاڙيٽي/مسئلي کي پڌرو ڪیو، جنھن کي آفريقي آزاديءَ جي تحريڪن کي منھن ڏیڻو هو، ۽ آزاديءَ کان پوءِ وارن ڏهاڪن دوران پڻ اھڙن ئي مسئلن جي ور چڙھڻو ھئو.
اهو اڄ جي دنيا جو وڏو سیاسي سچ آھي، جتي نوبیٺڪي نظام جي خاتمي (decolonization) جي ٻوليءَ کي يونيورسٽين جي تحقیقن ۽ ڪارپوريٽ جي صلاحڪارن پاران اپنايو ويو آهي، جتي ‘نمائندگي’ کي گهاڙيٽي تبديليءَ جي متبادل طور پيش ڪيو وڃي ٿو، ۽ جتي ثقافتي علامتن تي ته بحث ٿين ٿا پر معاشي لاڳاپا وڏي حد تائين ائين ئي قائم رهن ٿا! بیٺڪیت جو ھي لباس ڪمال جو آھي، پر ڪيبرال هن کي پري کان ئي سڃاڻي وٺي ها، ان لاءِ ئي تہ ھو چوندو هو: ھڪ بھتر برانڊنگ سان نيو-بیٺڪي نظام !
سندس سوچ جو ماحولياتي پھلو به حيران ڪندڙ آهي، جنھن کي ثقافتي ۽ سياسي نظرين تي ڌيان ڏيندڙ محققن پاران وڏي حد تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪيبرال جي اها بصيرت ته نوبیٺڪي سرمائيداري مٽيءَ کي بلڪل ائين ئي تباهه ڪري ٿي جنھن طريقي سان اها برادرين کي تباهه ڪري ٿي، ۽ آزاديءَ لاءِ انهن ٻنهي جي ( مٽي ۽ برادرین جي) شفا ضروري آهي؛ سندس اھو نظریو ڄڻ ڪئي ڏهاڪا اڳ انهن دليلن جي اڳڪٿي ڪري ٿو جيڪي هاڻي ماحولياتي انصاف (environmental justice) ۽ موسمي بیٺڪي نظام (climate colonialism) جي عنوانن هيٺ ڏنا وڃن ٿا. بالانتا جو مينگروو/تمر۔ چانورن جو نظام، جنھن جو ڪيبرال مقامي ماحولياتي حڪمت چوندي دفاع ڪيو هو، سو موسمي بحران جي هر گذرندڙ سال سان گڏ پائيدار زراعت جي هڪ اهم سبق طور وڌيڪ نمايان ٿيندو پيو وڃي.
۽ ھڪ سڀ کان سادي ڳالهه جيڪا هن چئي هئي، اھا پنھنجي فھم ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکي به آهي. هن پنھنجي جنگجوئن کي چيو هو ته اهي انقلاب کي پنھنجي ذاتي خواهشن، پنھنجن خيالن، يا سڃاڻپ جي تمنا سان نہ وچڙائین. هن چيو هو: ‘ماڻهو خيالن لاءِ نه وڙهندا آهن. اهي مادي فائدا حاصل ڪرڻ، بھتر ۽ امن سان رهڻ، پنھنجي زندگيءَ کي اڳتي وڌائڻ، ۽ پنھنجي ٻارن جي مستقبل جي ضمانت ڏيڻ لاءِ وڙهندا آهن.’ اهو ئي اهو معيار آهي جنھن تي ڪنھن به آزادي پسند سياست کي پرکڻ گهرجي. اهو نه ته: ڇا اهو ٻڌڻ ۾ سٺو لڳي ٿو؟ پر اهو ته: ڇا اهو ماڻهن جي زندگين کي بھتر بڻائي ٿو؟ ڇا اهو مٽيءَ کي شفا ڏئي ٿو؟
اميلڪار ڪيبرال کي اٺيتاليھه سالن جي عمر ۾، اونداهيءَ ۾، سندس گهر جي ٻاهر، هڪ اهڙي شخص پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنھن کي سندس پاسي هجڻ گهرجي ها. هو ان آزاديءَ کي ڏسڻ لاءِ زنده نہ رهيو جنھن لاءِ هن پنھنجي زندگي ڏئي ڇڏي هئي. هو ان کي ضايع ٿيندي ڏسڻ لاءِ به زنده نه رهيو. هن پويان سوچ ۽ فڪر جو هڪ اهڙو علمي ذخيرو ڇڏيو جيڪو نوبیٺڪي نظام جي خاتمي بابت اڳ يا پوءِ لکيل اڪثر شين کان وڌيڪ مفيد، وڌيڪ ايماندار ۽ وڌيڪ ضروري آهي. اھو ضرور پڙھڻ گهرجي.
[اميلڪار ڪيبرال جون اهم لکڻيون ‘يونٽي اينڊ اسٽرگل’ (منٿلي ريويو پريس، 1979ع) ۽ ‘ريٽرن ٽو دي سورس’ (آفريڪن انفارميشن سروس، 1973ع) ۾ گڏ ڪيون ويون. هڪ تفصيلي علمي سوانح عمريءَ لاءِ، پيٽرڪ چابل جي ڪتاب ‘اميلڪار ڪيبرال: ريوليوشنري ليڊرشپ اينڊ پيپلز وار’ (ڪيمبرج يونيورسٽي پريس، 1983ع) جو مطالعو ڪريو. سندس 1970ع واري مشهور تقریر ‘نيشنل لبريشن اينڊ ڪلچر’ آن لائن مفت ۾ پڻ ملي سگهن ٿا۔]

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا