سنڌ ۾ لکجندڙ سنڌي ناول جو ماحول ۽ موضوع اڪثر انهن ماڻهن سان لاڳاپيل هوندا آهن، جيڪي ناول پڙهندا آهن، انهن جي ارگرد وارا هوندا آهن. انهن جا ٻڌل هوندا آهن. ڪي ڪھاڻيون ۽ پلاٽ اهي هوندا آهن، جن تجربن ۽ واقعن مان اهي سڌيءَ ريت گذري چڪا هوندا آهن. ڪجهه ناولن جا موضوع سياست، شاگرديءَ وارو دور يعني ڪئمپس توڙي ورسٽي ۽ ادب هوندا آهن. گڏوگڏ سنڌ ۾ روايتي موضوعن کان نڪري ڪجهه عالمگيريت وارا موضوع به آيا آهن، جن ۾ اينٿراپالاجي، ماحوليات، سائنس وغيره آهن. جڏهن ڀارت جي ايڪويھين صديءَ جي ناولن کي پڙهجي ٿو، انهن ۾ انساني جذبن جي اونهائپ، وجودي بحران، ناسٽلجيا، پنگتي موضوع وغيره شامل آهن. جڏهن ته برطانيا ۾ لکيل ناول ۾ سنڌي هجڻ واري سڃاڻپ جي بحران سان گڏ ٻنهي پاسن جي ناسٽلجيا به شامل آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ناول جي جٓڙ گهڻي ڀاڱي سنڌي ماحول سان گڏ پاڻ سان جڙيل موضوعن ۾ کتل آهي ۽ نتيجي طور گهڻن ئي ناولن ۾ هڪ جھڙائي نروار هوندي آهي. انهن ۾ خاص طور تي موضوعاتي هڪ جھڙائي وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. ڀارت واري سنڌي ناول پڙهڻ سان ٿورو مختلف تاثر اڀرندو آهي، ايئن کڻي چئجي ته ذائقو مٽيل محسوس ٿيندو آهي. جيڪڏهن اهڙي تاثر کي نفسياتي گھرائيءَ سان ڏسجي ته پڙهندڙ ۽ نقاد کي اھو سڀ ان ڪري محسوس ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ساڳئي مقامي ماحول ۽ حالتن ۾ گذاري رهيا هوندا آهن. سنڌ ۾ لکيل ناول ۾ مقاميت وارو تاثر ايڏو گھرو آهي جو ڪيترن ئي ناولن ۾ فڪشن دٻجي ويندو آهي ۽ واقعن جي اڻت ۽ پيشڪش اصليت تي مبني محسوس ٿيندي آھي. ان جو سبب اهو آهي ته ناول جي ٽيڪنڪ ۽ فارم واري ورائٽي اسان وٽ وسعت حاصل ڪري نه سگهي آھي. اهو ضرور ٿيو آهي ته فارم ۾ تجربا ۽ موضوعن ۾ نواڻ جي ڪوشش ٿيندي ڏسجي ٿي. البتہ اھو تاثر سنڌي پڙهندڙ وٽ ئي جڙي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو ناول ترجمو ٿي ٻين قومن جي ماڻهن وٽ پھچندو ته انهن وٽ شايد اھو تاثر پيدا نه ٿئي. ڇو ته انهن جون مقامي حالتون الڳ ھجڻ سبب انهن وٽ اسان وارو تاثر جڙڻ ممڪن نه آهي. مقامي تاثر جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ليکڪن کي سندن ملڪن يا ٻوليءَ وارن علائقن ۾ ابتدا ۾ ڪا پذيرائي نہ ملي، پر جڏهن سندن اهو ڪم دنيا جي ٻين حصن ۾ پھتو ته اهي ئي ناول لکن ۾ وڪرو ٿيا. مثال ڪافڪا جو ٽرائل جرمن ٻوليءَ ۾ منڍ ۾ ناڪام ترين قرار ڏنو ويو، ايئن گنٽرگراس جو ناول ٽن ٽرام يا ڪي ٻيا جرمنيءَ ۾ ٿوري انگ ۾ ڇپيا ۽ کين ماڻهن وٽان گهربل موٽ نه ملي. گارشيا جي شروعاتي ٽن ڪتابن سان به اها ئي ڪار ٿي. اهڙا انيڪ مثال آهن. انھن ئي ناولن خاص ڪري انگريزي ۽ فرينچ ۾ اچڻ بعد وڏي پذيرائي حاصل ڪئي. ٿامس هارڊي جو افسانوي ادب ته ويسيڪس ڪائونٽي مان ٻاهر نڪري ئي نه ٿو. جرمن ٻوليءَ جي ناول تي به مقامي ماحول ۽ موضوعن جي ساڳيائپ وارو تاثر حاوي رهيو آهي. جاپان، چين ۽ عربي ناول به ان طرح جي رنگ ۾ هوندا آهن. اڻويھين صديءَ ۾ ڪجهه ڏهاڪن لاءِ افسانوي ادب ۾ مقاميت Regionalism واري لاڙي به جنم ورتو هو، جنھن کي وقتي پذيرائي به ملي. ان لاڙي تحت جيڪو ليکڪ جنھن علائقي جو رهندڙ هو، اهو افسانوي لکڻين ۾ اتان جي ٻوليءَ جي لھجي، زندگيءَ جي عام وهنوار، ڪرت، ريتن رسمن ۽ ثقافتي رنگن کي لفظن جو روپ ڏيندا هئا ۽ بلڪل ايئن لڳندو هو ڄڻ فڪشن ۾ اهو علائقو جاڳي پيو آهي. اهي ڪردار ڀرپاسي جا يا روزانو ملندڙ آهن. اهڙي لاڙي لاءِ آمريڪي ناول نگار ۽ نقاد يوڊورا وينٽي پنھنجي ڪتاب Place in Fiction ۾ لکي ٿي:
”ڪنھن به ناول ۾ جڳھه (Place) رڳو هڪ پسمنظر ناهي هوندي، پر اهو هڪ اهڙو بنياد آهي جتان ڪھاڻيءَ کي حقيقت ۽ اعتبار ملي ٿو.“
آمريڪي اديب هيمبرن گارلينڊ (Hamlin بہ اڻويھين صديءَ دوران مقاميت جو وڏو حامي رهيو آهي. جڏهن پنھنجون ڏٺل جايون، ماحول، ڪردار ۽ ڪھاڻيون سنڌي ناول ۾ پڙهجن ٿيون ته حقيقت وارو ڏٺل ٻڌل تاثر پڪو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ڪا نواڻ نه ٿي لڳي، سواءِ انهن ڪجهه ناولن جي، جن ۾ موضوع جي انفراديت هوندي آهي ۽ فارم يا ٽيڪنڪ ۾ ڪو تجربو يا نواڻ هوندي آهي. پر اڪثر سنڌي ناولن سان مسئلو اهو آهي ته اهي هڪ جھڙائپ واري ماحول ۽ موضوعن جو شڪار آهن، پوءِ سنڌ ۾ ڇپجن يا ڀارت ۾. اهڙا اڪثر ناول وري سنڌ جي ٻھراڙي يا اڌ ٻھراڙي ۽ شھري زندگيءَ وارا ڪردار يا وري يونيورسٽين جي ماحول واري پس منظر ۾ لکيل هوندا آهن. انهن ۾ به ڪي سٺي اڻت سان هوندا آهن، پر مقامي نقاد وٽ ان تاثر سبب اهي وڻت پيدا ناهن ڪري سگهندا. جڏهن ته پنھنجي مقاميت، ثقافت ۽ خطي جي ماحول کي سچائيءَ سان پيش ڪرڻ اديب جو وڏو گڻ آهي، پوءِ اهو ڪھڙي به صنف ۾ ظاهر ڪري. گارشيا مارڪيز جو خيال آهي، “ادب تڏهن ئي عالمي (Universal) بڻجي سگهي ٿو، جڏهن اهو تمام گهڻو مقامي (Local) هجي.“
عام طور تي دنيا ۾ گهڻو ادب پسند ئي اهو ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ نواڻ محسوس ٿئي ۽ اها گهڻي ڀاڱي ٻاهرين مقاميت مان پنھنجي مقاميت ۾ آيل ادب مان محسوس ٿيندي آهي. ايئن ان جي حيثيت عالمي ادب واري ٿي ويندي آهي. پر مقامي طور پڙهندڙ لاءِ به ضروري آهي ته لکندڙ جو مطالعو وسيع هجي. ڇوته مطالعي بنا لکڻ سوين ڪمزورين جو سبب بڻجي ٿو.
(هلندڙ)
