سوال اهو آهي ته سنڌي ناول ۾ نواڻ ڪيئن اچي؟
اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن توهان پنھنجي عام رواجي ماحول ۽ علائقي ۾ رهندي ناول لکو ٿا ته ڪنھن به ناول نگار لاءِ هڪ وڏو مسئلو اهو به هوندو آهي ته اهو ان ۾ نواڻ ڪيئن آڻي؟ ٻي صورت ۾ اهو ناول نه پڙهندڙ کي موهي سگهندو ۽ نه وري ڪو نقاد ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان ۾ موجود گڻ ۽ اوگڻ اکيلي سگهندو.
ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪي مقامي موضوع آهن يا وري عام وهنوار دوران ماڻهن جي نفسياتي ڪيفيت آهي، ان کي اهڙي نموني آڻجي، جو اهو سرحدن جو محتاج نه رهي. مثال جيئن سارتر انساني وجود جي بحران کي مقاميت مان عالميت سان ڳنڍيو ۽ سنڌ ۾ اهڙو تجربو ماڻڪ ۽ رسول ميمڻ وٽ ملي ٿو. يعني اهڙا انساني مونجهارا ۽ نفسياتي مسئلا جيڪي سموري انسانيت جا آهن، تن کي ڪتب آڻجي. اهڙيءَ ريت اهو ناول مقاميت جو به نمائندو آهي ته عالمگير بہ بڻجندو آهي. جڏهن ته معاشي مسئلا به عالميت سان جڙيل آهن ۽ معاشي بحران يا مونجهارا ڪيترن ئي معاملن سان ڳنڍيل آهن. ساڳيءَ ريت ٻيا ڪي موضوع به اھڙا ٿي سگهن ٿا، جيڪي مختلف سماجن سان لاڳاپيل ھجن ۽ اسان وٽ به موجود ھجن.
اھڙن مقامي توڙي عالمي موضوعن ۾ نواڻ تڏھن پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن انهن کي ماحول مقامي مليل هجي، اسلوب پنھنجو هجي ۽ پورو ثقافتي پس منظر هجي. جڏهن ته دنيا ۾ ري ٽيلنگ يعني ”وري چوڻ“ جو لاڙو به آهي. مقامي داستان يا اڳ ڪيل ڳالهه کي وري نئين فني انداز سان ڪرڻ يا ان موضوع کي جديديت ۾ آڻڻ به نواڻ بڻجي سگهي ٿي، جنھن ۾ مقامي ڏند ڪٿائن ۾ حقيقي مسئلا آڻي، هڪ نئون تخليقي انداز به ڏئي سگهجي ٿو.
اسان جي ناول ۾ جيڪو عام ڳوٺاڻو ماحول، ڪارنھن جو مسئلو، سڱاوتي، دوستي، ظالم ۽ مظلوم، پيار جي شادي، وڏيري جو ظلم، پوليس جا قھر وغيره جھڙا موضوع کنيا وڃن ٿا، جيڪڏھن اهي ئي علامتي، شعوري وهڪري وغيره جھڙي ڍنگ سان لکجن ته نواڻ جو دڳ ملي سگهي ٿو. سنڌي ادب ۾ اهڙا تجربا ٿيا به آهن. علي بابا کان ماڻڪ تائين، رسول ميمڻ کان منور سراج تائين، يا نوجوانن ۾ نور جوڻيجي ۽ ڪليم ٻٽ سميت ڪي ٻيا نالا به آهن، جيڪي ڪردارن کي منجهيل بڻائن ٿا ته ڪنھن حد تائين نواڻ محسوس ٿيندي آهي. ان حوالي سان جيڪي اڃا وڌيڪي فني تجربا گهربل آهن، ان لاءِ وري مطالعو ضروري آهي.
سنڌيءَ ۾ لکيل نوي سيڪڙو ناول اهڙا آهن، جن جا ڪردار عام رواجي آهن، پر جيڪڏهن انهن جي نفسياتي گھرائي ۾ وڃبو آهي ته ناول جي چٓس ۾ نواڻ ايندي آهي. يعني اسان کي بليڪ اينڊ وائيٽ فلمي دبي مان نڪرڻو پوندو. عام موضوع ۽ ڪردارن جي اندروني خوف، انهن جي لڪل خواهشن، شعور ۽ لاشعور جي گهٽين ۾ نه لھبو ۽ ان جي انداز بيان ۾ جدت نه آڻبي ته ناول مان سطحي پڻو ختم نه ٿيندو.
هاڻي سنڌي ناول جي بيان جي ٽيڪنڪ (Narrative Techniques) تي ٿا اچون. جڏهن توهان ناول لاءِ ڪا ڪھاڻي ذهن ۾ آڻيو ٿا يا جوڙيو ٿا ۽ وري ان جو پلاٽ ۽ سب پلاٽ تخليقيو ٿا ته انهن جي بيان ڪرڻ جو طريقو گوءِ واري گهوڙي يا ڏاندن جھڙو صفا سڌ ۾ به نه هجڻ گهرجي. جيتوڻيڪ گوءِ واري سڌ ۾ به ماڻهن کي دلچسپي هوندي آهي (جنھن جو بنياد رفتار آهي)، ۽ واقعن جي رفتار پڙهندڙ جي جڪڙ جو سبب هوندي آهي. دنيا جا ڪيترا ئي ٿلها متارا ناول پنھنجي اندر واقعن جي رفتار، پلاٽ جي دلچسپي ۽ اسلوب جي ڳوڙھائيءَ جي ڪري پڙهيا وڃن ٿا. اسان وٽ بيان جي طريقي ۾ تشريح گهڻي هجڻ سبب ناول مان چٓس ڇڏائي وڃي ٿو، جيئن غلام نبي مغل جو “اوڙاهه” ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو “سانگهڙ” آهي. اهي ناول جيڪڏھن سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي قومپرستي کان ٻاهر هجن ها ته پڙهندڙ لاءِ اڃا وڌيڪ مسئلو ٿئي ها. ان جي ڀيٽ ۾ آغا سليم جو ”هم اوست“ هجي يا وري حليم بروهي جو ”اوڙاهه“ هجي، پنھنجي پنھنجي تاريخي ۽ نفسياتي بحرانن جي سٺي بيان سبب بھتر ناول طور شمار ٿين ٿا. ان ڪري مختلف هنر ڪتب آڻڻ گهرجن. پڙهندڙ جي ناول مان دلچسپي به نه وڃي. اهڙو جڪڙيل ۽ منجهيل هجي، جو ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن سان گڏ ناول ۾ هلندو رهي. ان لاءِ اڄ جي دور ۾ اسلوب تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. توهان پنھنجي مقامي ٻوليءَ کي نون لفظن سان نوازي سگهو ٿا، جنهن سان ناول ۾ نواڻ ايندي. پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جي ماحول جي روح سان رلجي جديد گهرجن پٽاندڙ عالميت ۾ داخل ٿيڻ جا درواز ٻيو ڪير نه کوليندو، پاڻ کولڻا پوندا.
اهي در هڪ ته فطري صلاحيت سان به کلي پوندا آهن، پر ناول ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ مطالعو به انتھائي ضروري آهي. خاص طور تي اهو معياري افسانوي ادب جنھن جا پيرا دنيا جي گهڻين ئي ٻولين جي چارن تي پيا هجن. وڌيڪ پڙهڻ دماغ جون ڳڙکيون به کوليندو آهي ۽ تقابل ڪرڻ سان پاڻ بھتري جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي. پنھنجي ڪم تي تنقيد ڪري، ان ۾ وڌيڪ معيار آڻڻ جا دڳ به ٺاهي سگهبا آهن. جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته بھتر لکڻ جو اتساهه ملي ٿو. ٽيڪنڪس ۽ فارم جي خبر پوڻ سان پنھنجو هنر بھتر ڪرڻ ۽ ان کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. تجربو ڪرڻ جي دليري پيدا ٿئي ٿي. ڇو ته عام طور گهٽ مطالعي سبب ماڻهو ساڳيءَ جاءِ تي ڦيريون ڏيندو رهي ٿو، پر بي خوف هجي ٿو ته ناول لکڻ جي هنر ۾ هڪ الڳ ميدان ٺاهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻين ٻولين جي ناولن جو مطالعو ڪجي، انگريزي نه ٿي اچي ته اردو ۽ سنڌيءَ ۾ آيل ترجما پڙهجن. جڏهن ته افسانوي يا مجموعي طور سموري ادب تي آيل تنقيد پڙهجي، جنھن سان ناول جي ٽيڪنڪ لاءِ ادبي لاڙن ۽ تحريڪن جي پروڙ پوندي. ان لاءِ اڄ جي دور ۾ سنڌيءَ ۾ اڪبر لغاري ۽ غفور ميمڻ جو ڪم بھترين آهي. جڏهن ته جامي چانڊيو، ڊاڪٽر مبارڪ علي، شبنم گل، منوج ڪمار، خليق ٻگهيو ۽ خادم بالادي به سٺو ڪم ڪيو آهي. نوجوانن ۾ ڪليم ٻٽ، جاويد پنھور، عبدالڪريم چنا، اي ڊي ڀرڳڙي، مير منصور، هوش ڀٽي ۽ ٻيا به ڪيترائي لکن پيا. اهي علمي ۽ تنقيد جا زاويا ناول لکڻ ۾ سٺو اتساهه ڏيندا.
توهان جيترو گھرو مطالعو ڪندا ويندا، توهان جي ٻوليءَ جي وسعت به وڌندي ۽ اسلوب ۾ بہ گھرائي ايندي. اهو به ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ بابت گهڻ طرفي ڄاڻ به هجي ۽ ان لاءِ سنڌي لسانيات يا ٻوليءَ بابت ڪي بنيادي ڪتاب پڙهڻ گهرجن. جيئن سراج ميمڻ يا غلام علي الانا جا ڪتاب آهن يا ڀيرو مل جو ڪتاب آهي. ڇو ته توهان جي نثر ۾ ڇڪ ۽ سونھن ٻولي آڻي ٿي. ڀلي اهو سادو جملو ئي ڇو نه هجي. بنا سبب جي اجايا ۽ روايتي جملا ناول جي گفتگو ۾ آڻڻ به ٻوليءَ کي بي چٓسو ڪري ڇڏيندا آهن، ان ڪري مطالعو صحيح دڳ ڏيندو آهي ۽ تمام گهڻيون ڳالهيون سمجهڻ جي صلاحيت وڌائيندو آهي. جيڪڏهن مطالعو وسيع ڪجي، ادب کان سائنس ۽ سماجي علمن تائين پڙھجي ته لکڻ جي صلاحيت ۾ اڃا وڌيڪ وسعت ايندي.
مطالعي سان گڏ اھا خوشفھمي به نه رکڻ گهرجي ته منھنجو لکيل ناول اهڙو آهي، جو ڪو ٻيو اهڙو لکي ئي نه ٿو سگهي يا ان ۾ ته ڪا غلطي يا ڪمزوري ٿي ئي نٿي سگهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته لکڻ جي مشق ٿيندي رهي ۽ پنھنجي لکڻيءَ جو پاڻ نقاد ٿجي. ان سان بھتريون اينديون.
لکڻ جي مشق ۽ سيلف ايڊيٽنگ:
عام طور تي ناول کي ورائي ورائي لکڻ عام ۽ معمولي ڳالهه سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ لکڻ جي مشق ناول مان غلطين ڪڍڻ جي احتسابي مشق آهي. جيڪڏهن سٺو مطالعو ڪري رهيا آهيو ته پوءِ لکڻ جي مشق گهڻي اهنجي ناهي رهندي. ڇو ته مطالعي سان خيالن جا پکي تيزيءَ سان اڏامندا ايندا آهن، جن کي لکڻ سان توهان جو ناول اڳتي سُرندو رهي ٿو، پر انتھائي اهم ڳالهه اها آهي ته ان ورائي ورائي لکڻ سان تمام گهڻي بھتري ايندي آهي. لکڻ جو ڀئو به ڀڄي پوندو آهي. عام طور اسان هڪ ڀيرو لکڻ بعد ڪنھن به قسم جي ايڊيٽنگ ناهيون ڪندا ۽ نه وري ٻيھر ان کي لکندا آهيون. اسين جڏهن عالمي ادب ۾ ڏسون ٿا ته سواءِ ڪجهه مثالن جي اڪثر ناول نگارن جو پھريون لکيل مسودو شاهڪار شمار ناھي ٿيندو. ٽائيپ رائيٽر، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل کان اڳ ڪاڳر تي لکجندڙ ناول کي کوڙ ڀيرا فيئر ڪيو ويندو هو ۽ ان ۾ سال لڳي ويندي هئا، جڏهن ته ڪمپوزنگ واري مرحلي ۾ ڪجهه وقت ته بچي ٿو، پر هر صفحي مان غلطيون ڪڍيون وڃن ٿيون، پيرائن جون پيرائون ڊليٽ يا خارج ڪري ورائي ورائي لکيون وڃن ٿيون.
لکڻ جي اها مشق ليکڪ جي لکڻ واري مرحلي ۾ سٺي رواني به آڻي ٿي. اسلوب ۾ تبديليون ڪري، رواني ۽ سونھن پيدا ڪئي وڃي ٿي. چُڪون درست ٿين ٿيون. ناول جي فن ۾ تبديليون ڪرڻ سان جھڙوڪر سيلف ايڊيٽنگ ٿيندي آهي. ناول جي ڪھاڻي، ان جو پلاٽ ۽ ڪردارن جون غلطيون درست ٿين ٿيون. اهو مون کي ذاتي تجربو آهي، هڪ ناول مون ٻين کي درستگي لاءِ ڏنو، ان جي باوجود هڪ اڌ ڪردار جي رشتي وارو تعلق غلط ٿي ويو، ان ڪري ورائي لکڻ ۽ سيلف ايڊيٽنگ جي اهميت رهي ٿي. زمان ۽ مڪان کي درست ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. سنڌي ناول ۾ ڪجهه ناول نگار زمان ۽ مڪان جون غلطيون ڪن ٿا. ڳالهه زمان حال جي ڪندي، وري زمان ماضي ۾ وڃي پھچندا. اهو تجربو نه پر غلطي هوندي آهي، جيڪا لکڻ جي مشق يا ورائي لکڻ يعني ري رائٽ سان بھتر ٿيندي آهي ۽ اسلوب جي منفرد رواني پيدا ٿيندي آهي. ان ڪري اهو وساري ڇڏيو ته توهان جڏهن هڪ ڀيرو ناول لکي ڇڏيو ته بس توهان جو ڪم پورو ٿي ويو. بقول ارنيسٽ هيمنگوي جي: ”. The first draft of anything is shit “
”ڪنھن جو به پھريون مسودو بيڪار هوندو آهي.“
جڏهن ته همعصر دور جي مشھور جاپاني ناول نگار هاروڪي موراڪامي پنھنجي ڪتاب “Novelist as a Vocation” جي باب On Physical Training جي ۾ لکيو آهي ته: ”ناول لکڻ جادوئي ڪم ناهي، پر روزانو 4 ڪلاڪ لکڻ جي سخت جسماني ۽ ذهني مشق وارو ڪم آهي.“
افسانوي ادب ۾ زمين کيڙي، ان جي سنوٓت ڪرڻ اصل ۾ سيلف ايڊيٽنگ آهي. هي عمل ناول نگاريءَ لاءِ ضروري آهي. ان بعد ئي ڪنھن ايڊيٽر کي ڏجي ته ناول اڃا بھتر ٿي ويندو آهي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته توهان ڌيان ۽ مشاقيءَ سان اهو ڪم ڪيو، ڇو ته اهو مڪمل طور تي عقلي ۽ شعوري ڪم هوندو آهي. اهو گهڙت جو ڪم به ناول لکڻ جھڙي ڪاريگري گهرندو آهي، ڇو ته پاڻ ايڊيٽر ٿيڻ سان توهان کي پنھنجي ان ڪم جو نقاد به ٿيڻو پئي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ اهو انهي متن کي به ڪجهه نه ڪندو، جيڪي ان ناول لاءِ غير لاڳاپيل جملا هوندا. ڇو ته ڪي ماڻهو پنھنجي لکڻين جي حوالي سان نرگسيت پسند به هوندا آهن، سندن اهڙا ڪيئي اضافي جملا يا پئراگراف هوندا آهن، جيڪي لکجي ته سٺا ويندا آهن، پر انهن جو ناول جي ڪردارن، ڪھاڻي يا پلاٽ توڙي ماحول سان تعلق ناهي هوندو ۽ پوءِ ناول پڙهندڙ لاءِ غير واسطيدار ٿي ويندو آهي.
ٻيو ته سيلف ايڊيٽنگ ۾ اهو به لازمي ڏسجي ته متن افسانوي انداز جو آهي يا ان ۾ مضمون ۽ ڪالم داخل ٿي ويا آهن، ان ڪري اسلوب ۾ ناول جو مزاج ۽ ٽون برقرار رکڻ ضروري آهي. اهو به ضروري آهي ته واقعن جي تضاد کي به ڏسجي. هڪجھڙايون به درست ڪجن. (ھلندڙ)
