ڪيترائي سال اڳ سيوهڻ جي جابلو پٓٽي، ڀت جبل جي هڪ ڏورانھين ڳوٺ ۾ هڪ ترقياتي منصوبي جي بيس لائين سروي دوران، منھنجي ملاقات ستر اسي سالن جي هڪ بزرگ سان ٿي. هو سڄي زندگي پنھنجي جبل، پنھنجي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي دنيا ۾ رهيو هو. ڳالهيون ڪندي مون کانئس پڇيو:
“بابا، توهان جو وطن ڪھڙو آهي؟”
هن بنا ڪنھن هٻڪ جي جواب ڏنو:
“منھنجو وطن ڀت جبل آهي.”
ان وقت مون کي اهو جواب اڻپورو لڳو. مون سمجهيو شايد هن کي ملڪ، صوبي يا دنيا جي جاگرافيءَ جي خبر ناهي. زندگي اڳتي وڌندي رهي، پر اهو مختصر جواب منھنجي ذهن ۾ ڪٿي محفوظ رهجي ويو.
اڄ، ڪيترن سالن کان پوءِ، محسوس ٿو ڪريان ته شايد هو جاگرافي نه، پر انسان جي فطرت بيان ڪري رهيو هو.
انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو، تڏهن کيس نه رياست جي خبر هوندي آهي، نه صوبن جي، نه سرحدن جي، نه سياسي نظرين جي. سندس دنيا ماءُ جي هنج کان شروع ٿئي ٿي. پوءِ گهر، اڱڻ، پاڙو، اسڪول، ڳوٺ، شھر، درياهه، جبل، وڻ، ٻولي، رسمون، چھرا ۽ يادگيريون هڪ هڪ ڪري سندس شعور جو حصو بڻجندا وڃن ٿا.
هي وابستگي ڪنھن ڪتاب مان نه ايندي آهي، نه ڪنھن حڪم سان پيدا ٿيندي آهي. اها روزمره جي زندگيءَ مان ٺھندي آهي. هڪ ٻار جنھن وڻ هيٺ راند ڪئي، جنھن پيچري تي هلڻ سکيو، جنھن ٻوليءَ ۾ ماءُ کيس پھريون دفعو سڏ ڪيو، جنھن زمين ۾ سندس وڏا دفن آهن، اهي سڀ شيون آهستي آهستي سندس وجود جو حصو بڻجي وڃن ٿيون.
انسان جي ارتقا جي ڊگهي سفر ۾، ماحول سان تعلق صرف بقا جي ضرورت نه رهيو؛ اهو سڃاڻپ جو بنياد بڻجي ويو. پوءِ جڏهن ٻولي پيدا ٿي، تاريخ جڙي، لوڪ ڪھاڻيون، شاعري، گڏيل ڏک ۽ گڏيل خوشيون وجود ۾ آيون، تڏهن هڪ جغرافيائي جاءِ صرف رهائش نه رهي، پر “پنھنجي ڌرتي” بڻجي وئي.
انهيءَ ڪري ڌرتيءَ سان محبت ڪا رومانوي جذباتيت يا سياسي نعرو نه آهي. اها انساني نفسيات، سماجي ارتقا ۽ تاريخي شعور جو گڏيل نتيجو آهي. انسان پنھنجي ڌرتيءَ سان ايترو ئي فطري نموني ڳنڍجي ٿو، جيترو پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ، پنھنجي نالي يا پنھنجي يادگيرين سان.
شايد ان ڪري جڏهن ڪنھن سماج جي ڌرتي، ان جي تاريخي تسلسل يا اجتماعي سڃاڻپ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جو ردعمل صرف سياسي نه هوندو آهي. ان جي پويان صدين جو ثقافتي تجربو، گڏيل يادگيريون ۽ هڪ اهڙو نفسياتي رشتو هوندو آهي، جنھن کي صرف نقشن يا انتظامي اصطلاحن سان سمجهي نٿو سگهجي.
نقشا انسان ٺاهيندو آهي، پر ڌرتيءَ سان رشتو زندگي ٺاهيندي آهي.
مون کي پوءِ وري ڀت جبل ياد اچي ٿو.
ساڳئي علائقي ۾، جتي مون ان بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي، پوءِ ترقيءَ جي نالي ۾ وڏيون تبديليون آيون. منھنجي پنھنجي ميداني مشاهدن، بيس لائين سروي رپورٽن ۽ انهن ڏينھن جي عوامي ردعمل مان مون ڏٺو ته ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي زندگي پنھنجي پراڻي جغرافيائي، سماجي ۽ معاشي تسلسل کان ڌار ٿي وئي. جيڪي ماڻهو ڪالهه پنھنجي زمين، جبل ۽ ماحول جا مالڪانه احساس سان رهندا هئا، انهن جي نئين نسل مان ڪيترائي اڄ انهن ئي منصوبن جي ٻاهران روزاني اجرت تي مزدوري ڪندا نظر اچن ٿا، جيڪي سندن پراڻي دنيا جي جاءِ تي اڀريا آهن.
شايد ڪنھن معاشي رپورٽ ۾ ان کي “ترقي” سڏيو وڃي. شايد ڪنھن سرڪاري دستاويز ۾ ان کي “منصوبي جي ڪاميابي” لکيو وڃي. پر انساني زندگيءَ جا ڪجهه نقصان اهڙا به هوندا آهن، جيڪي نه انگن اکرن ۾ ماپي سگهجن ٿا، نه معاوضن ۾ پورا ٿي سگهجن ٿا.
ڇاڪاڻ تہ ماڻهو صرف زمين ناهن وڃائيندا.
هو پنھنجا پيچرا وڃائيندا آهن.
پنھنجا وڻ وڃائيندا آهن.
پنھنجي ٻوليءَ جا منظر وڃائيندا آهن.
پنھنجن ابن ڏاڏن جون يادگيريون وڃائيندا آهن.
۽ ڪڏهن ڪڏهن، اڻڄاتل نموني، پنھنجي وجود جو هڪ حصو به وڃائي ويھندا آهن.
اڄ جڏهن مان ڀت جبل جي ان پوڙهي کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن سندس هڪ جملو منھنجي ذهن ۾ وري گونجي ٿو:
“منهلھنجو وطن ڀت جبل آهي.”
هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته هو ڪنھن ملڪ يا رياست جي تعريف نه ڪري رهيو هو. هو رڳو اهو ٻڌائي رهيو هو ته انسان پھرين پنجنجي ڌرتيءَ سان دل ۾ ڳنڍجي ٿو، پوءِ نقشي ۾.
شايد انهيءَ ڪري، جڏهن ڪنھن ڌرتيءَ بابت بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهن جي اکين ۾ رڳو سياسي احتجاج نه هوندو آهي؛ اتي پنھنجي وجود، پنھنجي يادگيرين ۽ پنھنجي مستقبل بابت هڪ فطري بيچيني به هوندي آهي.
شايد ڪجهه ڌرتيون رڳو جاگرافي نه هونديون آهن؛ اهي پنھنجي ماڻهن جي اجتماعي شعور جو ٻيو نالو بڻجي وينديون آهن.

نقشا انسان ٺاهيندو آهي، پر ڌرتيءَ سان رشتو زندگي ٺاهيندي آهي…………………..waah dr ashothama…….waah