اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ حادثا، سانحا ۽ انساني الميہ به ڪيترن ماڻهن لاءِ رڳو ڪنٽينٽ ( Content) بڻجي ويا آهن… جڏهن ڪنھن هنڌ ڪوئي حادثو پيش اچي ٿو ته ڪيترن ئي فوٽوگرافرن، فوٽو جرنلسٽن يا عام تصوير ڪڍندڙ ماڻهن جو پھريون ردِعمل ڪئميرا يا موبائل کڻڻ هوندو آهي، نه ڪِي زخمي انسان کي هٿ ڏئي محفوظ هنڌ پھچائڻ… هُو مددگار ٿيڻ بدران Content Creater ٿيڻ پسند ڪن ٿا. سندن سموري دلچسپي ان ڳالهه ۾ هوندي آهي ته هو اهڙو منظر پنھنجي لينس ۾ محفوظ ڪري، جيڪو وڌيڪ ڏٺو وڃي، گهڻي کان گهڻو شيئر ٿئي ۽ سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي وِيوز، لائيڪس ۽ ڪمينٽس وڌن..
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فوٽو جرنلزم يعني عڪس بند صحافت، جديد صحافت جو هڪ انتھائي اهم ۽ ذميوار شعبو آهي. دنيا جا ڪيترا ئي تاريخي لمحا، جنگين جون تباهيون، قدرتي آفتون، ڏڪار، بُک، زلزلا، لڏپلاڻ ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون اسان تائين فوٽو جرنلسٽن جي اک وسيلي پھتيون آهن، تنھن ڪري ڪئميرا هن دور جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي… ڪيترين ئي تصويرن سماج جو ضمير لوڏي ڇڏيو، حڪومتن کي جوابده بڻايو ۽ عالمي ادارن کي متاثر علائقن تائين امداد پھچائڻ تي مجبور ڪيو.. هڪ سچي فوٽو جرنلسٽ جو ڪم رڳو تصوير ڪڍڻ ناهي پر تاريخ جي شاهدي محفوظ ڪرڻ، حقيقت کي دنيا جي سامهون آڻڻ ۽ سماج جي ضمير کي جاڳائڻ به آهي. ڪئميرا هڪ آئينو آهي جيڪو سماج جو اهوئي چھرو ڏيکاري ٿو جيئن سماج پاڻ آهي. سندس تصويرون ڪيترا ئي ڀيرا حڪومتن کي ذميوار بڻائينديون آهن، امدادي ادارن کي متحرڪ ڪنديون آهن ۽ انسانيت جي حق ۾ آواز اٿارينديون آهن، پر جڏهن ڪئميرا، انسانيت تي حاوي ٿي وڃي ۽ احساسن کي اورانگهڻ لڳي، تڏهن اخلاقي ذميواري ختم ٿيڻ لڳي ٿي. جيڪڏهن ڪنھن زخمي يا مشڪل ۾ ڦاٿل انسان جي جان بچائڻ ممڪن هجي پر اهڙي مھل رڳو تصويرون ڪڍي، پروفيشنل جرنلزم جو پيٽ ڀريو وڃي ته اها صحافت نه پر انساني بيحسي آهي. اهڙي صورت ۾ صحافت احساساتي ڪفالت تان هٿ کڻي ميڪانيڪي جرنلزم بڻجي وڃي ٿي. ڪنھن به تصوير جي اهميت هڪ انساني زندگيءَ کان ڪڏهن به وڌيڪ ٿي نٿي سگهي.
هڪ ذميوار فوٽو جرنلسٽ اهو هوندو آهي جيڪو هر صورتحال ۾ سڀ کان پھرين اهو سوچي ته ڇا منھنجي موجودگي ڪنھن جي زندگي بچائي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن جواب “ها” هجي ته پھريون فرض مدد ڪرڻ آهي، پوءِ دستاويز تيار ڪرڻ…
ڇاڪاڻ تہ صحافت جو بنيادي مقصد انسانيت جي خدمت هجڻ گهرجي، نه ڪي انساني هاڃي کي خبر بڻائي، شھرت ڪمائڻ جو ذريعو.
هڪ اهڙي ئي فوٽو جرنلسٽ ۽ ان جي هڪ Pulitzer Prize ماڻيندڙ تصوير جو واقعو تاريخ جو حصو تڏهن بڻيو هو، جڏھن هُن
“The Vulture and the Little Girl”
جي عنوان سان هڪ تصوير دنيا آڏو آندي هئي، جنھن منجهان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هڪ ڳِجھ، بُک ۽ موت جي ڪناري تي پھتل هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ته جيئن کيس پنھنجو شڪار بڻائي سگهي ۽ ٻي ڳِجھ…!!!
هيءَ تصوير ڏکڻ آفريڪا جي فوٽو جرنلسٽ Kevin Carter سوڊان ۾ پيل ڏڪار دوران 1993 ۾ ورتي هئي.
هيءَ تصوير دنيا ۾ ايتري مشھور ٿي جو ڪارٽر کي ان تي Pulitzer Prize ڏنو ويو… جڏهن هو اهڙو وڏو اعزاز ملڻ جون خوشيون ملهائي رهيو هو، جڏهن دنيا جا ميڊيا چينلز سندس سڀ کان بھترين تصوير جو ذڪر ڪري رهيا هئا ۽ سندس شھرت عروج تي هئي، ان دوران ئي هڪ انٽرويو ۾ ڪنھن کانئس پڇيو:
“تصوير ته اوهان بيحد وقتائي ورتي، پر اهو ٻڌايو ته ان ٻارڙيءَ جو پوءِ ڇا ٿيو؟”
اهو سوال ٻُڌي ڪارٽر ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو، پوءِ چيائين:
“مون کي پنھنجي اڏام (Flight) پڪڙڻي هئي ۽ مونکي دير ٿي رهي هئي.”
سندس اهو جواب ٻڌي سوال ڪندڙ وراڻيو:
“اُن ڏينھن اُتي هڪ نه پر ٻه ڳِجهون موجود هيون، هڪ اُها جيڪا ٻارڙيءَ جي مرڻ جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ ٻي اُها، جنھن جي هٿ ۾ ڪئميرا هئي.”
دنيا ايئن محسوس ڪيو.

چيو وڃي ٿو ته اهو واقعو ڪارٽر جي ذهن تي ايترو گھرو اثر ڇڏي ويو جو هو سخت ڊپريشن ۾ هليو ويو ۽ آخرڪار 1994 ۾ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. ڇو ته ان تصوير کان پوءِ هڪ اخلاقي سوال ڪارٽر جو سدائين پيڇو ڪندو رهيو ته:
“تو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ بھترين تصوير ته ڪڍي، پر ڇا تو ان ٻار جي زندگي بچائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي؟”
ان ڪري ڪنھن به ڪم ۾ سڀ کان پھرين انسانيت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪيون ڪارٽر ان وقت، ان بُک ۾ نٻل ٻارڙيءَ کي گڏيل قومن جي خوراڪ مرڪز (Feeding Centre) تائين پھچائي ڇڏي ها، جتي اها پاڻ به پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته شايد هوءَ اڄ به زندھ هجي ها.
فوٽو جرنلزم رڳو تصويرون ڪڍڻ جو نالو ناهي بلڪ اهو تاريخ جي نبض تي هٿ رکڻ جو فن آهي، مدد ڪرڻ جو سڏُ آهي. هڪ سٺو فوٽو جرنلسٽ پنھنجي لينس ذريعي اهڙا لمحا محفوظ ڪندو آهي جيڪي وقت جي وهڪري ۾ زندھ رهندا آهن…
اڄ به جڏهن ماڻهو ڪنھن حادثي يا تڪليف ڏيندڙ منظر کي ڏسن ٿا ته سڀ کان پھرين سندن هٿ موبائل فون ڏانھن وڃي ٿو. هو زخمين لاءِ ايمبولينس گهرائڻ بدران سندن تصويرون يا وڊيوز ٺاهڻ ۾ لڳي وڃن ٿا ته جيئن اهي فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ ٻين سماجي ذريعن تي شيئر ڪري داد حاصل ڪري سگهن ۽ پنھنجي ايڪٽوزم منجهان گد گد ٿين…..
سوشل ميڊيا جي سيلاب کان پوءِ ايئن لڳي ٿو ڄڻ سماج مان آهستي آهستي انساني احساس ۽ همدردي ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ سوشل ميڊيا جي گهمسان ۾ اسان اڻاسي ٿيندا پيا وڃون.
اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هر ماڻهو جنھن جي تصوير ورتي وڃي ٿي، اهو صرف هڪ “فريم” نه پر مدد جو منتظر انسان آهي…
سچي صحافت جو مقصد انسان جي تڪليف کي واپار بڻائڻ ناهي بلڪ ان تڪليف کي دنيا آڏو آڻي ان جو ازالو ڪرائڻ آهي… هڪ ذميوار فوٽو جرنلسٽ اهو ڄاڻي ٿو ته ڪڏهن تصوير ڪڍڻي آهي ۽ ڪڏهن ڪئميرا هيٺ رکي زخمي جو هٿ پڪڙڻو آهي. اها سمجهه ئي کيس ٻين کان ممتاز بڻائي ٿي.
ڪئميرا اکين کي منظر ڏيکاري سگهي ٿي، پر دل کي انسانيت سيکارڻ هر فوٽوگرافر ۽ فوٽو جرنلسٽ جي پھرين ذميواري هجڻ گهرجي. بھترين تصوير اها ناهي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڏٺي وڃي پر اها آهي جنھن جي پويان انسانيت، ذميواري ۽ ضمير به زنده هجي…
اڄ جي جديد دنيا ۾ اهو منظر روز جو معمول بڻجي ويو آهي. روڊ تي حادثو ٿئي، ڪو ماڻھو رتُ ۾ وهنجي رهيو هجي، ڪا عورت دانھن ڪري رهي هجي يا ڪو ٻار مدد لاءِ سڏي رهيو هجي ته ڪيترن ماڻهن جا هٿ زخميءَ ڏانھن نه پر موبائل ڏانھن وڌن ٿا. ايمبولينس يا پوليس کي فون ڪرڻ بدران ڪئميرا آن ڪئي وڃي ٿي، مدد ڪرڻ بدران وڊيو رڪارڊ ڪئي وڃي ٿي ۽ انسان جي درد کي Content بڻائي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيو وڃي ٿو پوءِ لائيڪس، شيئرز ۽ ويورز جي انگن ۾ انسانيت جو آواز گُم ٿي وڃي ٿو.
اچو! ته ڪئميرا کان اڳ پنھنجو هٿ اڳتي وڌايون، گُم ٿيندڙ انسانيت جو آواز ٻيھر جيئاريون. تصويرون ته پوءِ به ورتيون وينديون، پر هڪ بچايل زندگيءَ جي قيمت ڪنھن به تصوير کان وڌيڪ هوندي آهي. ڇو ته انسان هجڻ ئي سڀ کان قيمتي وٿ ۽ سڀ کان وڏي انسانيت آهي.!

سٺو ليکڪ 🌹