Homeادبتنقيدسنڌي ناول جا مسئلا ۽ حل_4: سنڌي ناول تي تنقيد

سنڌي ناول جا مسئلا ۽ حل_4: سنڌي ناول تي تنقيد

ممتاز بخاري
ممتاز بخاري
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور ليکڪ آهي، جنھن فڪشن، ڊرامي ۽ ادبي تنقيد جي موضوع تي اهم ڪتاب لکيا آهن. هو سنڌيءَ جو نامور صحافي به آهي، جنھن ڪيترن ئي اهم موضوعن تي دستاويزي فلمون ۽ اسٽوريز به ٺاهيون آهن. وڏي عرصي کان وٺي هو مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا لاءِ منفرد موضوعن تي مضمون ۽ بلاگ لکندو رهي ٿو.

هاڻ اچون ٿا ته سنڌي ناول بابت جيڪا تنقيد ۽ راءِ آهي، سا ڪھڙي آهي؟ سنڌي ناول تي ٿيل تنقيد سان مسئلا ڪھڙا آهن؟ سنڌي ناول تي سنڌ ۾ مختلف قسمن جي تنقيد ٿيندي رهي آهي. جڏهن ته تبصرا ۽ رايا الڳ آهن.
• ڪنھن به ناول جي ڪھاڻي بيان ڪئي وڃي ٿي، ان جو پلاٽ، منظر نگاري، ڪردار نگاري ٻڌائي وڃي ٿي. ايئن کڻي چئجي ته ان جا مُک عنصر Elements يا پاسا Aspects بيان ڪيا وڃن ٿا. ناول ۾ موجود ڪجهه تضاد ٻڌايا وڃن ٿا، اسلوب تي ڪجهه ڳالهايو وڃي ٿو.ان قسم جي تنقيد علمي يا نصابي وڌيڪ هوندي آهي.
• اهڙي علمي يا نصابي تنقيد سان گڏوگڏ ڪجهه صلاحون رکيون وڃن ٿيون ۽ ڪجهه جاين تي نقاد پنھنجي خواهش جو به اظھار ڪري ٿو ته هتي هي نه هجي ها، هونئن نه هجي ھا. اهڙيون صلاحون به ٺيڪ هونديون آهن. ڪٿي وري نقاد جون دلي خواهشون ڪجهه جهجهيون هونديون آهن. سنڌي نقاد ڪيترن ئي ناولن بابت اها ڳالهه ته درست انداز ۾ بيان ڪندو آهي ته ناول جي سطح ڇا آھي يا ان ۾ گھرائي ڪيتري آھي، ناول ڪيئن ۽ ڪھڙي انداز ۾ لکيل آهي… ان دوران ئي ڪو سٺو نقاد ان ناول جا مسئلا به بيان ڪندو آهي ۽ موضوع بابت به ٻڌائيندو ٿو.
• پر ناول جي جيڪا اندروني بيھڪ آهي، انهن رمزن جي اکيل نه ٿي ڪئي وڃي. سنڌي ناول تي فڪري يا وري لاڙن ۽ ادبي تحريڪن تي ٿيندڙ تنقيد ۾ ڳچ حصو ته انهن تحريڪن، لاڙن يا تنقيدي فڪرن کي ٻڌائڻ کان پوءِ انهن وسيلي ناول تي عملي تنقيد ڪئي ويندي آهي، جيئن عام طور ڪنھن تحقيقي ٿيسز وغيره ۾ ٿيندو آهي، سواءِ اڪبر لغاري ۽ شايد هڪ ٻه ٻيا به هجن. ڪجهه نوجوان نقاد ڪنھن حد تائين ڪامياب نظر اچن ٿا. ڪجهه سال اڳ تائين ته سنڌيءَ ۾ موجود تنقيد وارو اڪثريتي مواد رڳو تنقيدي علم بابت ھوندو ھيو. عملي تنقيد جو ان ۾ حصو گهٽ رهيو آهي. ان ڪري ناول اندر موجود رمزن جي اکيل (Decoding) گھرائيءَ سان ناهي ٿي. ان حوالي سان مان مثال طور هتي پنھنجو هڪ اڳ لکيل بلاگ به شامل ڪيان ٿو، جنھن جو عنوان هو، ”ڇا نقاد به پنھنجي پسند جي اثر هيٺ اچي ويندو آ؟“:
”دنيا ۾ ادب بابت تنقيد ڪندڙ، راءِ ڏيندڙ ۽ تبصرو ڪندڙ تي ان جي ڪنھن به ادبي ڌارا/لاڙي ۽ تحريڪ سان وابستگي هجڻ سندس متن تي اثر انداز ٿيندي آهي. سنڌ مان ٻه ننڍڙا مثال: ويھين صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز کان انٽرويو ڪندي جڏهن فقير محمد لاشاري پڇيو ته گارشيا مارڪيز کي 1982ع ۾ نوبل پرائيز ڏنو اٿائون، توهان ڇا ٿا چئو ته اياز صاحب گارشيا کي رواجي ليکڪ قرار ڏئي، سندس ميجيڪل ريئلزم (جادوئي حقيقت نگاري) وارين لکڻين کي ڪم جو نه سمجهيو ھو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته اياز صاحب انهن ڏينھن ۾ سوشلسٽ اسڪول آف ٿاٽ يا وري ڪميونزم سان سلهاڙيل هو، جنھن ۾ سوشل ريئلزم جي لاڙي کي پسند ٿي ڪيو ويو. اياز صاحب جي اها راءِ سندس ”خطن، تقريرن ۽ انٽرويو“ واري ڪتاب ۾ موجود آهي. ساڳيءَ ريت ويجهڙ ۾ سنڌي ۾ آيل رسول ميمڻ جي ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ تي هن وقت ناول جي تنقيد ۾ اھم حيثيت رکندڙ اڪبر لغاري صاحب جي فيس بوڪ تي ڪمينٽس جي صورت ۾ آيل راءِ موجب اهو ناول گهٽ آهي. منھنجي راءِ موجب اڪبر لغاري ريئلزم ۽ جديديت واري ادب کي گهڻو پسند ڪندڙ آهي، ان ڪري ھو ناول ۾ ان جي فارم (اڻت)، پلاٽ جي وڌيڪ اهميت ۽ ناول ۾ ڪرائيسز، ڪانفليڪٽ سان گڏ تخليقيت جي هجڻ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، جيڪي شيون برابر آهن به. پر هو نج جديديت ۽ جديديت کان پوءِ واري ناول يا ادبي لکڻيءَ ۾ موجود عنصرن جي ڏس ۾ کين اهميت نه ٿو ڏئي. ڇو ته رسول ميمڻ جي ناول ۾ پلاٽ تي اهميت ڏيڻ بجاءِ حڪمران طبقي جي دورن تي سماجي ۽ سياسي زندگي وسيلي طنز Satire ٿيل آهي ۽ ناول ۾ هڪ ئي وقت سريئلزم، علامت نگاري ۽ ريئلزم موجود آهي. جڏهن ته سيٽائر وسيلي آمر حڪمرانن کي پورٽري ڪيل آهي. اهڙا مثال فيمنزم، ايبسٽرئڪٽ، قومپرستي جي اثر هيٺ لکيل ادب ۽ ٻين حوالن سان موجود آهن. اهڙي قسم جا تنقيدي حوالا ٻين سنڌي نقادن توڙي پرڏيھي نقادن جا به آهن، جن کي علمي انداز ۾ ڏسڻ گهرجي.“
• جڏهن ته اهو به رويو سامهون آيو آهي ته سنڌي ناول تي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي به تنقيد سامهون اچي ٿي ۽ گهڻي حد تائين اجائي تعريفي تنقيد به ڪئي وڃي ٿي، ان حوالي سان هيرو شيوڪاڻي موجب سنڌ ۾ خاص طور سنڌي فڪشن ۾ ”شاهڪار“ چوڻ جو رواج عام رهيو آهي.
• هڪ ٻي، جيڪا ڳالهه اهم آهي؛ اها نظر انداز ڪئي وڃي ٿي. اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا به هڪ اهڙي ليبارٽري آهي جتان عوامي طرز جي تنقيد کي سھيڙي ان جو فڪري جائزو نه ٿو ورتو وڃي ۽ نه ئي ان کي عملي يا علمي تنقيد ۾ آندو وڃي ٿو. دنيا ۾ ان پھلو تي به سٺو ڪم ڪيو وڃي ٿو. ادبي تنقيد ۾ ان کي ڪچي مال طور استعمال ڪري، ناول جي اندروني ۽ ظاهري پاسن بابت گهڻا ئي فڪري پاسا اڀاري سگهجن ٿا. پر مسئلو اهو آهي ته هُن پار هن ڀر جي مجموعي سنڌي ناول وارو دروازو ڪيئن کلي!
• دنيا ۾ ناول جي اندروني بيھڪ تي جڏهن تنقيد ٿيندي آهي ته ان سان سادو ناول به پنھنجي پر ۾ اهميت اختيار ڪندو آهي. دنيا ۾ اهڙا گهڻا مثال به آهن، ڀارت ۾ جديديت واري سنڌي ناول تي اهڙي تنقيد ٿي آهي. اندروني بيھڪ يعني Internal Structure and Form يا وري Subtext کي چٽو ڪيو ويندو آهي. ناول جي فڪري ۽ فلسفياڻي پاسي کي به نروار ڪيو ويندو آهي. اهڙي تنقيد سان ناول جي اندر واري فني اڻت کي به ٻاهر آندو ويندو آهي، جيئن گارشيا مارڪيز ميڪسيڪو جي ناول نگار خوان رولفو جي ناول ”پيدرو پارامو“ جي سب ٽيڪسٽ تي ڪيو. جنھن ۾ ناول نگار کي ڌار ڪري، فارملزم يا اسٽرڪچرلزم جي بنياد تي ڏٺو ويو آهي. ناول جي اُونهي ۽ ڳجهي اڻت ظاهر ڪئي وئي آهي.
• جڏهن ته فارم ۾ ناول جي متن ۾ ان جي اسلوبيت وارن پاسن، جھڙوڪ: تشبيھن، علامتن مبالغن، استعارن وغيره کي به ڏٺو ويندو آهي. ان حوالي سان مون پنھنجي ڪتاب ”ادب جي تخليقي دنيا“ ۾ تفصيلي لکيو آهي.
• ادبي لاڙن ۽ تحريڪن آڌار ادبي تنقيد سان گڏ نفسياتي تنقيد به ڪئي ويندي آهي. پر اسان وٽ ڪردارن بجاءِ ليکڪ وڌيڪ سامهون هوندو آهي ۽ ان جي وابستگي به تنقيد ڪندڙ جي نفسيات تي اثر ڪندي آهي، اهڙو رويو ڪجهه نقادن ۾ ٻنهي پاسي آهي. (Psychoanalytic Criticism) ۾ نقاد ناول جي ڪردارن جي اندروني ڪيفيت، لاشعور، ڀؤ، خواهش وغيره کي سامهون آڻيندو آهي. جيئن ھڪ حد تائين ڪلا پرڪاش، لعل پشپ، ماڻڪ ۽ رسول ميمڻ جي ناولن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪجهه نقادن ڪم ڪيو آهي، اصولي طور اهو ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ليول تائين ٿيڻ گهرجي. ڇو ته ڪردار جي نفسيات ۽ ان جي نفسياتي مونجهارن کي، ان جي چرپر، ڪرت، گفتگو ۽ ناول ۾ حيثيت، مان ڪڍي اچڻ سولو ڪم ناهي.
• سنڌي ناول سان اهو به مسئلو رهيو آهي ته ان ۾ موجود پنھنجي وقت جي سچائيءَ کي ڪڍڻ وارو اهم ڪم ڪنھن به ناهي ڪيو، جنھن سان ناول ۾ ڏنل زندگيءَ جو معاشي ۽ معاشرتي پاسو پنھنجي اندروني بيھڪ سان ظاهر ٿئي. اهڙو ڪم موهن ڪلپنا جي ڪجهه ناولن تي ضرور ٿيو آهي. باقي اسان وٽ رڳو ”سماجي سماجي“ چئي ناول تان ارواح کڻائڻ جھڙو ڪم ٿيو آهي. وارث علوي جي بقول: ”ناول ۾ سماج پاڻ ايترو موجود ئي ناهي هوندو جيڪو اسان ان مان ڪڍندا آهيون.“ ها باقي مارڪسزم جي بنياد تي سماجي تضادن واري تنقيد به ناول جي اندروني بيھڪ مان به ڪڍي سگهجي ٿي، جيڪڏهن آهي ته.
• اهڙي ريت دنيا جي مختلف ادبي لاڙن ۽ تحريڪن بابت به سنڌيءَ ۾ محدود تنقيد ٿي آهي. يا ڪجهه نقادن جي ٿيوريز کي سامهون رکي به معمولي قسم جي پرک ٿي آهي. ان جو ورجاءُ نه ٿو ڪجي.
اهم نٓڪتي واري ڳالهه اها آهي ته سنڌي ناول تي انهن جي ڪمزورين تي کُليءَ طرح تنقيد ناهي ٿي. جنھن ۾ ذڪر ڪيل ڳالهيون به شامل آهن ۽ نه وري معياري ادبي عملي ۽ علمي طرح جي تنقيد ٿي آهي. رڳو ٻه ٽي نالا آهن جن پاران ڪنھن حد تائين سنڌي ناول تي اهڙي تنقيد ٿي آهي. ان حوالي سان سنڌي ناول جي نقاد اڪبر لغاريءَ جو ليک ”موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا“ هڪ زبردست مضمون آهي، اهي نُڪتا هتي نٿو ورجايان، پر ان مضمون کي به جيڪڏهن هن نڪتي کي سمجهڻ لاءِ پڙھجي، ته وڌيڪ چٽائي سامهون ايندي.

سنڌي ناول ۽ سرحدن جھڙي ليڪ:
سنڌ ۾ لکجندڙ سنڌي ناول کانسواءِ ڀارت ۽ برطانيا ۾ لکيل سنڌي ناول جو ويھين صديءَ وارو دور ته انتھائي عاليشان هو، جنھن ۾ رام پنجواڻي، گنو سامتاڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا، چندو لال جئسنگهاڻي، موتي پرڪاش، گرڌاري لال ڏوڏيجا، لعل پشپ، اتم، ريٽا شھاڻي، ڪلاپرڪاش سميت ٻيا ڪيئي نالا ملندا، جن سنڌي ناول کي جديد فارم پٽاندڙ لکيو، نوان تجربا ڪيا ته موضوعن جي چونڊ ۾ اڪثر شھري زندگي يا ناسٽلجيا رهي. مزاج ۾ به سنڌي ناول نئين پڻي جو احساس ڏيندڙ هو، ان جو سبب اهو به آهي ته سنڌي ناول ۾ ماحول ۽ جايون اهي آيون، جيڪي سنڌ کان ٻاهر جون هيون ۽ انهن ۾ وري سنڌي ڪردارن جي اڪثريت هجڻ سبب سنڌي ناول کي نئون چٓس مليو.
ايئن وري جڏهن اتان جي ناول تي تنقيد ڏسون ٿا ته اها ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جيئن ناول ٻن حصن ۾ هو. ويھين صديءَ دوران سنڌ جي ناول ۾ جتي ٻھراڙي جي زندگيءَ وارو ناول هو ته اتي وري قومي ثقافتي موضوعن وارا ناول به هئا ته آغا سليم ۽ ماڻڪ جديديت وارا ناول به لکيا. ڀارت ۾ هڪڙا ناول وطن جي وڇوڙي ان سان لاڳاپيل يادگيرين، ڪئمپن جون زندگيون، سنڌيت جو جذبو، نئون سماج ۽ وري شھري زندگيءَ جي مسئلن تي آڌاريل هئا. موضوعن جي گهڻي تفصيل ۾ نه ٿو وڃجي. انهن تي جديديت پسندن ليکڪن جي تنقيد هئي ته اهي انساني اندروني بحرانن تي لکڻ بجاءِ رڳو انهن بحرانن تي لکن پيا جيڪي عام زندگيءَ جي سماجي وهنوار وارا آهن يا وري ترقي پسنديءَ واري سياسي تحريڪ يعني سماجوادي نظريئي جي اثر وارا ناول آهن. انهن تي جديديت پسند نقادن جو وڌيڪ اعتراض هو ته اهي جمود پيدا ڪري رهيا آهن ۽ نئين حقيقت کي نه ٿا تسليم ڪن ۽ نه ئي نئين فڪر کي دڳ ڏين ٿا يا وري هڪ سياسي نظريي جي ڦھلاءُ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٻيا جديديت وارا ليکڪ جديد ادبي لاڙن پٽاندڙ لکي رهيا هئا. جن تي وري روايتي يا ترقي پسندي (منھنجي نظر ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ ناهي، اهو موضوع الڳ لکبو، پر جيئن ته ادبي ڪتابن ۾ اهو ٽيگ آهي، ان ڪري مان ان بنياد تي لکان پيو.) جي طرز وارا ناول لکندڙن جي حمايت ڪندڙ نقادن جو خيال هو ته سڃاڻپ جو بحران ڀارت جي سماج جو وڏو موضوع آهي ۽ ان جي ڪري ئي شخصي بحران آهن جيڪي سڃاڻپ واري الميي کان وڏا ناهن. جديديت وارن جا خيال، ڪردار ۽ موضوع هوا ۾ ترندڙ آهن. حقيقت ۾ اهي تنقيدي بحث سنڌي ناول جي بھترين اکيل آهن، جن ۾ علمي ۽ ادبي تنقيد به شامل آهي. ان ڪري انهن اتي اهڙي تنقيد توڙي ناولن کي ترقي پسند بمقابلا جديديت پسند سڏيو ويو آهي. يعني هڪ پاسي گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي هئا ته ٻي پاسي اتم، لعل پشپ ۽ موهن ڪلپنا جھڙا هئا. مون ٻنهي پاسن جي سنڌي ناول جي موضوعن جي حوالي سان تفصيلي بحث پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ناول جو سفر“ ۾ ڏنو آهي.
وري پاڻ ايڪويھين صديءَ جو هُن پار لکجندڙ ناول ڏسون ٿا، ان مان هاڻ ناسٽلجيا نڪري ويئي آهي، سڃاڻپ جي بحران بجاءِ وڌيڪ شخصي بحران يا انساني نفسياتي مونجهارن کي بيان ڪيو وڃي ٿو. ميٽرو پوليٽن زندگي، معاشي دٻاءُ، نفسيات، عالمي انساني بحران به ناولن جو حصو آهن. ايڪويھين صديءَ ۾ گذريل صدي وارن ڪجهه ناول نگارن مان ريٽا شھاڻي، آنند کيماڻي، ڪلا پرڪاش، گوبند خوشحالاڻي، واسديو موهي، جئسنگهه آڏواڻي ۽ ٻين جا ناول بلڪل ئي مختلف ۽ الڳ نوعيت جا آهن جيڪي پنھنجي فارم ۽ مزاج ۾ جدا محسوس ٿين ٿا. مسئلو اهو آهي ته ٻنهي پاسي جو سنڌي نقاد سنڌي ناول وچ ۾ به سرحدن جھڙي ليڪ ڪڍي ڇڏي آهي. ڪجهه نوان لکندڙ وري سنڌي ٻوليءَ ۾ هندي ۽ انگريزيءَ جو گهڻو استعمال ڪري جھڙوڪر هڪ ٻيو ڊڪشن جوڙي رهيا آهن، جن تي به تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ناولن ۾ ادبي لاڙن جي بنياد تي پيدا ٿيل صورتحال باوجود سٺي ناول جا گڻ به ظاهر ٿين پيا ۽ اوگڻ به. جتي لعل پشپ ۽ ان جھڙن ناول نگارن کي سنڌي ماڻهن کان ڪٽيل سمجهندي چيو ويو ته اهي ناولن ۾ نفسياتي انتھا پسندي، جنسي مونجهارن، ماڻڪ جيان ذاتي فراريت ۽ ذهني خلل کي مرڪز بڻايو اٿن، اتي سندس ناولن جي ادبي ڇنڊڇاڻ به ڪئي وئي آهي. ڀارت جي سنڌي ناول جي انهن پاسن تي ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، پريم پرڪاش، هريش واسواڻي ۽ ڪي ٻيا اکيل ڪندڙن ۾ شامل آهن. ڪجهه ڀارتي نقادن ۽ ادب جي تاريخ لکندڙن لاءِ ته وري سنڌ ۾ لکجندڙ ادب لڳي ئي نه ٿو. مثال 2004ع ۾ چندو لعل جئسنگهاڻي جو 1982ع ۾ لکيل پي ايڇ ڊي جو مقالو ”سنڌي ناول جي ارتقا“ ڇپيو. ان ۾ ڪٿي به 1947ع کان پوءِ واري سنڌ ۾ لکيل ناول جو ذڪر ناهي. تاثر اهو آهي ته سنڌي ناول آهي ئي ڀارت ۾. باقي انهن ناولن جو ذڪر وڏي شان سان ٿيل آهي، جن ۾ سنڌ ۽ ان جا شھر آهن. نه رڳو اهو پر سنڌي ناول کي سنڌيءَ جي لپين واري لکڻ جي بحران تي به پريشان آهن ته ديوناگري، عربي_فارسي يا رومن اسڪرپٽ ۾ لکجي. هن وقت ڀارت ۾ لکجندڙ سنڌي ناول ڏهه سال اڳ تائين واري صورتحال کان گهڻو هيٺ هليو ويو آهي. ٻيو مسئلو اهو به اڀري آيو آهي ته ڀارت ۾ سنڌي ناول پڙهندڙ تمام گهڻو گهٽجي درجنن کي اچي پھتو آهي.
سنڌي ناول سان وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته ان جي وچ ۾ سرحدن جي لڪير اچڻ جي ڪري ادبي نقاد هڪ ٻئي جي ناول کي نه ٿا پرکين. ايڪڙ ٻيڪڙ ته ڪم ٿيو آهي، جيئن ممتاز مھر لعل پشپ جي ناولن تي لکيو آهي. هيري شيوڪاڻي سنڌ ۽ ڀارت جي فڪشن يا ادب تي لکيو آهي. سندس مضمون ”ادب جا معيار“ به هڪ اهڙو ئي مضمون آهي، جنھن ۾ ادب جا معيار ڏسڻ تي زور ڏنل آهي. سچ ته هڪ بھتر نقاد آهي. جنھن نسيم کرل سوڌو ٻنهي پاسي جي سنڌي افسانوي ۽ ٻي ادب تي ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي، سندس سنڌي ناول تي تنقيدي ڪتاب ”سنڌي ناول ڪٺگهري ۾“ به لکيل آهي. ”ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب“ ۾ به هن سنڌي ادب جي بھترين اکيل ڪئي آهي. سندس ماڻڪ جي ناول ”ساهه مُٺ ۾“ تي تنقيدي مضمون ”سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير“ هڪ الڳ طرح جو ليک آهي. هيرو شيوڪاڻي به ڀارت ۽ سنڌ ۾ لکجندڙ ادب بابت ماڻڪ واري ناول جي مضمون ۾ لکي ٿو: ”سرحد جي ٻنهي طرف، ڀارت توڙي سنڌ ۾، ادب جي سنجيده اڀياسين ۽ نقادن کي انهيءَ حقيقت جو چٽو احساس ٿيندو پيو وڃي ته عالمي چاهي برصغير هند – پاڪ جي فني معيارن تي اسان جو سنڌي ادب نسبتي طور ان احساس جو ردعمل ــ شايد ڌار ڌار چڱو هيڻو آهي، البت تنقيدي سطح تيِ نظامن ۾- عجب کائڻ جي حد تائين مختلف آهي. هت ڀارت ۾ سنجيده سنڌي تنقيد، عالمي ماپن ۽ ماڻن تي پنھنجي ساهتيه کي ضرورت کان گهٽ ۽ هيڻو ٿي سمجهي، ته سنڌ ۾ تنقيد يا ته آهي ئي ڪانه يا جيڪڏهن آهي ته تخليقي ڪاوشن کي هڪدم عظيم، شاهڪار وغيره جا لقب ڏيڻ جي حد تائين مروت پسند آهي.“
ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر لکيل ناول جو گڏيل اڀياس، علمي ۽ عملي تنقيد ٿيڻ سان سنڌي ناول جي جڳھه ايئن نه رهندي جيئن بيان ڪئي وڃي ٿي. يا ٻنهي پاسي جا بھتر سمجهيا ويندڙ ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي عالمي پڙهندڙ ۽ نقاد تائين نه ٿا پھچن. پر وري به مسئلو ساڳيو آهي ته هڪ ٽنگ تي بيٺل ڪڪڙ کي ”هُش!“ ڪير ڪري، جو سنڌي ناول ٻنهي ٽنگن تي ڊوڙڻ لڳي (پورو ٿيو) ….!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا