Homeسنڌسياستسنڌو ۽ سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي

سنڌو ۽ سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي

سنڌ جي ماڻهن لاءِ سنڌو درياهه، پاڻي ۽ ڌرتي ٽي الڳ وجود ناهن، بلڪ اهي پاڻ ۾ ملي، سنڌ جي مڪمل سڃاڻپ ٺاهين ٿا. سنڌوءَ کان سواءِ سنڌ جي ڌرتيءَ جو تصور اڌورو آهي. سنڌو پاڻي ارپي ٿو، پاڻي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ زنده رکي ٿو، ۽ اها ئي ڌرتي هتان جي تھذيب، سماج، زراعت، ٻيلن، ڊيلٽا ۽ ماڻهن جي بقا جي ضامن بڻجي ٿي. ان ڪري سنڌ واسين لاءِ درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، زمين رڳو ملڪيت جو ٽڪرو ناهي ۽ پاڻي رڳو ورڇ جو ڪو مادي سامان ناهي؛ درياهه، پاڻي ۽ ڌرتي گڏجي سنڌ جو وجود آهن.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌوءَ جي وهڪري بابت ٿيندڙ هر بحث کي رڳو پاڻيءَ جي ورڇ جو انتظامي يا فني مامرو سمجهڻ، سنڌ جي اجتماعي احساس ۽ فڪر کان اڻواقفيت ھجڻ برابر آھي. جڏهن سنڌ جو ماڻهو سنڌوءَ جي بقا جي ڳالهه ڪري ٿو، ته ان مان مراد رڳو پنهنجي حصي جي پاڻيءَ جو بچاءُ ناهي. ان جو مقصد پنھنجي زراعت، ڊيلٽا، ٻيلن، آبي جيوت، سامونڊي پٽي، ڳوٺن ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائڻ آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو گهٽجڻ، سنڌ جي نظر ۾ رڳو درياهه ۾ پاڻيءَ جو گهٽجڻ ناهي، پر سنڌ جي وجود مان زندگيءَ جي روانيءَ جو رڪجي وڃڻ آهي.
ڪجهه سرحدون سياسي هونديون آهن جيڪي نقشن تي چٽيون وينديون آهن؛ ڪجهه انتظامي حدون هونديون آهن جن کي قانونسازيءَ ذريعي بدلائي سگهجي ٿو؛ پر ڪجهه حدون فطرت، تاريخ ۽ درياهي وهڪرا طئي ڪندا آهن. سنڌو اهڙو ئي هڪ اڻ کٽ قدرتي نظام آهي، جيڪو صوبائي سرحدن، سياسي ترجيحن يا انتظامي سھولتن جو پابند ناهي. اهو پنھنجي مٿاهين علائقن کان وٺي عربي سمنڊ تائين هڪ مڪمل ۽ ڳنڍيل درياهي طاس جي صورت ۾ وهي ٿو. سنڌ، جيڪا هن طاس جي آخري ڇيڙي تي آباد آهي، صدين کان انهيءَ وهڪري سان گڏ پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب گهڙيندي آئي آهي. تنھن ڪري ”سنڌو درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي، ان ڪري سنڌ به ورهائجي نٿي سگهي“ رڳو ڪو سياسي نعرو ناهي، پر ان جي پٺيان هڪ پختي آبي، تاريخي، ماحولياتي ۽ ثقافتي حقيقت موجود آهي.
خود ”سنڌ“ جو نالو به سنڌوءَ مان ئي جنم وٺي ٿو. زمين ۽ درياهه جو اهو رشتو موجوده صوبائي حدن، جديد رياستي جوڙجڪ ۽ اڄوڪي سياسي نظام کان تمام گهڻو قديم آهي. درياهه اها جاگرافي جوڙي، جنھن جي هنج ۾ سنڌي سماج ارتقا جون منزلون طئي ڪيون. ان ڪري درياهه جي وهڪري ۽ فطري ترتيب ۾ ڪا به هٿرادو تبديلي آڻڻ اصل ۾ سنڌ جي بنيادن ۾ ڏار وجهڻ برابر آهي.
درياهه هڪ مسلسل ۽ متحرڪ آبي نظام هوندو آهي، جتي مٿئين وهڪري ۾ ٿيندڙ ڪنھن به دخل اندازيءَ جا اڻٽر اثر سڌو سنئون هيٺين وهڪري تائين پھچن ٿا. مٿان پاڻيءَ جو انحراف رڳو مقامي نوعيت جو فيصلو ناهي، بلڪه اهو پڇاڙيءَ تائين پاڻيءَ جي مقدار، پھچڻ جي وقت، لٽ جي رواني، زيرِ زمين مٺي پاڻيءَ جي سطح، لوڻياٺ جي واڌ، ٻيلن، آبي ماڳن ۽ سامونڊي ماحولي نظام کي سختيءَ سان متاثر ڪري ٿو. سنڌ جھڙي پوڇڙيءَ واري خطي لاءِ هي ڪو نظرياتي بحث ناهي، پر نسلن جي مادي ۽ ماحولياتي بقا جو معاملو آهي.
تاريخي طور تي سنڌو رڳو پاڻي ئي نه، پر هر سال وڏي پيماني تي زرخيز لٽ به عربي سمنڊ تائين کڻي ايندو رهيو آهي. اها لٽ سامونڊي ڪناري کي فطري ڪٽاءَ کان بچائڻ ۽ زمين جي ڌٻڻ واري عمل کي روڪڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي هئي. مستند تحقيقي دستاويزن موجب، ماضيءَ ۾ سنڌوءَ جو ساليانو وهڪرو 150 ملين ايڪڙ فوٽن کان مٿي ۽ ڊيلٽا ڏانهن لٽ جي منتقلي لڳ ڀڳ 400 ملين ٽن هئي. اڄ صورتحال اها آهي جو ڊيلٽا تائين پھچندڙ لٽ تمام گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو انتھائي غير يقيني ٿي ويو آهي ۽ سخت ڏڪار واري حالتن ۾ 1.5 ملين ايڪڙ فوٽن کان به گهٽجي وڃي ٿو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڊيلٽا پنهنجي جنم ڏيندڙ ٻنهي بنيادي وسيلن يعني مٺي پاڻيءَ ۽ زرخيز لٽ کان محروم ٿي رهيو آهي.
انگ اکر هن ماحولياتي تباهيءَ جو چٽو ثبوت آهن. تاريخي سنڌو ڊيلٽا جيڪو لڳ ڀڳ 12,900 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هو، اڄ ان جو فعال حصو گهٽجي هڪ هزار چورس ڪلوميٽرن کان به گهٽ بچيو آهي. لٽ 400 ملين ٽن مان ڇڄي ڇڻي رڳو 26 کان 30 ملين ٽن وڃي بيٺي آهي. تمر جا وسيع ٻيلا لڳاتار سڪڙجي رهيا آهن، جڏهن ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌي لکين ايڪڙ زرعي زمينون ۽ مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا ڳڙڪائي چڪو آهي. مٺي پاڻيءَ جي اڻاٺ سامونڊي ماحولي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سبب مقامي ماهيگيري ۽ روزگار تباهه ٿي رهيا آهن.
ان ڪري سنڌوءَ جي مسئلي کي رڳو صوبن وچ ۾ معمولي ”پاڻيءَ جي کوٽ“ جو مامرو سمجهڻ تاريخي حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ برابر هوندو. هن تڪرار جون پاڙون اڻويھين صديءَ ۾ انگريز بيٺڪي دور تائين وڃن ٿيون، جڏهن وڏي پيماني تي واهن جي اڏاوت ذريعي مٿئين سنڌوءَ جي رخ ۽ وهڪرن کي موڙڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مقصد چٽو هو ته زراعت مان محصول وڌايو وڃي ۽ نيون زرعي بیٺڪي علائقا قائم ڪیا وڃن. پر مٿئين وهڪري ۾ هر نئين کڻت هيٺئين وهڪري تي اثرانداز ٿي. سنڌ مسلسل احتجاج ڪندي رهي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف ڪميشنون قائم ٿيون ته جيئن درياهه جي ورڇ جا انصاف تي ٻڌل اصول طئي ٿي سگهن.
اهي تاريخي رڪارڊ ظاهر ڪن ٿا ته پوڇڙيءَ جي حقن جو تحفظ ڪو اڄوڪو سياسي موقف ناهي. 1921ع جي انڊس ڊسچارج ڪميٽي، 1930ع واري ڏهاڪي جي اينڊرسن ڪميٽي ۽ خاص طور تي 1941ع کان 1945ع تائين ڪم ڪندڙ رائو ڪميشن مٿئين وهڪري جي منصوبن جا سنڌ تي پوندڙ اثر ماپيا. رائو ڪميشن واضع طور تسليم ڪيو ته مٿئين وهڪري جا منصوبا سنڌ جي قديم آبپاشي حقن کي نقصان پهچائيندا، تنھن ڪري هيٺين حصي جي مفادن جو تحفظ ۽ ممڪن نقصانن جو ازالو لازمي آهي.
1947ع جي ورهاڱي هن آبي نظام کي بين الاقوامي سطح جي بحران ۾ وجهي ڇڏيو. درياهي طاس نئين سرحد ذريعي ورهائجي ويو ۽ پنجاب جي مکيه واهن جا هيڊ ورڪس ڀارت وٽ رهجي ويا. 1948ع جي پاڻي تڪرار کان پوءِ 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدو عمل ۾ آيو، جنھن تحت ٽي اوڀر وارا درياهه يعني راوي، بياس ۽ ستلج ڀارت جي حوالي ڪيا ويا ۽ ٽي اولھه وارا درياهه يعني سنڌو، جهلم ۽ چناب پاڪستان جي حصي ۾ آيا. اوڀر وارن درياهن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر لنڪ واهن ۽ وڏن ڊيمن جو هڪ وسيع ڍانچو تيار ڪيو ويو.
اهڙيءَ طرح هڪ عالمي تڪرار جي حڪمت عمليءَ پاڪستان اندر پاڻيءَ جي انتظام جي سڄي جوڙجڪ بدلائي ڇڏي. اولھه وارن درياهن جو پاڻي انهن علائقن ڏانهن موڙيو ويو جيڪي تاريخي طور اوڀر وارن درياهن تي ڀاڙيندا هئا. ان سموري انجنيئرنگ مداخلت سنڌوءَ کي مصنوعي لنڪ واهن ۽ بئراجن جي هڪ پيچيده نظام ۾ قيد ڪري ڇڏيو، جنھن جا سڀ کان هاڃيڪار اثر سڄي نظام جي پوڇڙيءَ تي واقع سنڌ تي پيا۔
لنڪ واهن، ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال، چولستان ۽ جلالپور ڪئنال جھڙن منصوبن بابت سنڌ جا خدشا هن تاريخي پسمنظر مان ئي جنم وٺن ٿا. سوال رڳو اهو ناهي ته ڪو نئون واهه ڪيترو پاڻي کڻندو، اصل معاملو وهڪري جي مقدار، ان جي وقت ۽ ان جي رخ تي سياسي توڙي انتظامي ڪنٽرول جو آهي. جيڪو خطو اڳ ئي درياهي پاڻيءَ جي غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هجي، ان لاءِ مٿئين وهڪري تي وڌيڪ قبضو ماحولياتي ۽ معاشي بقا لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي. مٿان کان ڏسندڙن لاءِ اهو زرعي ترقيءَ جو نقشو ٿي سگهي ٿو، پر پڇاڙيءَ وارن لاءِ اهو پنھنجي وجود جي خاتمي جو اڻٽر سبب بڻجي ٿو.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مامرو رڳو معاشي ناهي، پر ان کي گهري جذباتي ۽ روحاني حيثيت به حاصل آهي. سنڌو ساڳئي وقت معيشت جو بنياد، ماحولياتي لنگهه ۽ ثقافتي علامت رهيو آهي. درياهه شاهه، جهولي لال ۽ خواجه خضر جون روايتون دراصل ان اجتماعي يادگيريءَ جو حصو آهن، جن صدين کان سنڌ واسين کي جاگرافيائي ۽ روحاني تسلسل بخشيو آهي. تنھن ڪري جڏهن سنڌو سڪي ٿو ته رڳو فصل نه ٿا مرن، پر ان خطي جو تھذيبي جوهر، گڏيل سڃاڻپ ۽ هزارين سالن جي تاريخي تسلسل جو توازن به ٽٽي پوي ٿو.
تاريخ جو بنيادي سبق اهو آهي ته سنڌوءَ جو حل رڳو کرڪڻي واري سياسي بيان بازيءَ يا رڳو سخت انجنيئرنگ ڍانچن ۾ ناهي. ڊيم، بئراج ۽ ٽيلي ميٽري نظام محض انتظامي اوزار آهن، اهي ڪنھن جامع قدرتي فلسفي جو متبادل نٿا ٿي سگهن. اصل سوال اهو آهي ته ڇا رياست درياهه کي الڳ الڳ ٽڪرن ۽ ترقياتي منصوبن جو ميڙ سمجهي هلائيندي يا ان کي هڪ مڪمل جاندار طاس طور تسليم ڪندي، جنھن جو زنده رهڻ هر صوبي ۽ ڌر جي پنھنجي بقا لاءِ ناگزير آهي.
هن نئين سوچ جو پھريون بنيادي نُڪتو اهو هجڻ گهرجي ته درياهه جي عربي سمنڊ تائين رواني بحال رکي وڃي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ وهندڙ ماحولياتي وهڪري کي ”واڌو پاڻي“ سمجهڻ جي روش مڪمل غلط آهي. اهو وهڪرو درياهه جي پنھنجي ماحولي نظام جي بنيادي ضرورت آهي. سائنسي اڀياس ٻڌائين ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ مسلسل وهڪرو سمنڊ جي اڳڀرائي روڪڻ، زميني پاڻي مٺو رکڻ ۽ تمر جي ٻيلن کي جيئارڻ لاءِ لازمي آهي. اهو حق بنا ڪنھن سوديبازيءَ جي رياستي پاليسين جو مرڪزي اصول تسليم ڪيو وڃي.
ٻيو قدم مڪمل شفافيت جو هئڻ گهرجي. انگن اکرن جي لڪ لڪوٽيءَ ۽ اڻ برابريءَ ڏهاڪن کان صوبن وچ ۾ اعتماد جو وڏو بحران پيدا ڪيو آهي. پاڻيءَ جي آمد، اخراج، واهن جي منڍ تي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ ڊيمن جي آپريشن جو سمورو رڪارڊ گڏيل ۽ پاڻمرادي ٽيلي ميٽري نظام ذريعي عوام آڏو پڌرو هجڻ گهرجي، جيئن فني حقيقتون شڪ شبهن کان مٿانھيون ٿي سگهن. اها رڳو ٽيڪنالاجي جي ڳالهه ناهي، پر نيت ۽ ڏاهپ جو امتحان آهي.
ٽيون اصول اهو هئڻ گهرجي ته طاس بابت فيصلاسازيءَ ۾ پڇاڙيءَ جي هارين، ماهيگيرن ۽ ڊيلٽا جي مقامي آباديءَ جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي. مقامي ماڻهن جو صدين وارو عملي تجربو اهڙو سچ آهي، جنھن کي رڳو آفيسن ۾ ويٺي تيار ڪيل انجنيئرنگ ماڊلن سان رد نٿو ڪري سگهجي. درياهي طاس رڳو سيمينٽ ۽ سرن جو نقشو ناهي، پر اهو ماڻهن ۽ فطرت جي سھڪار سان ڌڙڪندڙ هڪ جيئرو جاڳندو وجود آهي.
وفاق لاءِ به هتي هڪ اهم آئيني ۽ اخلاقي سبق موجود آهي. فيصلو پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه يا بلوچستان جي وچ ۾ ترقيءَ جي ورهائڻ جو ناهي. ڪنھن به هڪ خطي جي اڏاوت ٻئي خطي جي ماحولياتي تباهيءَ جي قيمت تي ممڪن نٿي ٿي سگهي. مٿئين وهڪري جي پائيدار خوشحالي ڪڏهن به هيٺئين وهڪري جي موت مان جنم نٿي وٺي سگهي. سنڌو ڊيلٽا جو مڪمل ناس ٿيڻ رڳو سنڌ جو الميو نه هوندو، پر اهو سڄي ملڪ جي گڏيل ماحولياتي ۽ معاشي نظام جي ناڪامي ثابت ٿيندو.
”درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي“ جو مطلب بنيادي ڍانچي يا حقيقي ترقيءَ جي انڌي مخالفت ناهي، پر ان جو مقصد فطرت جي قانونن کي تسليم ڪرڻ آهي. انجنيئرنگ وسيلي پاڻي موڙي ته سگهجي ٿو، پر اها ڪششِ ثقل، لوڻياٺ، لٽ ۽ طاس جي ماحولياتي توازن کي نٿي بدلي سگهي. درياهه جو وهڪرو پڇاڙيءَ تائين برقرار رکڻ ئي زمين جي حياتياتي بقا جي واحد ضمانت آهي.
سنڌ جو مستقبل سنڌو درياهه سان لازم ملزوم آهي. درياهه ڪنھن هڪ جي ملڪيت ناهي، پر اهو سڄي طاس، ان سان لاڳاپيل مخلوق ۽ سمنڊ تائين ڦھليل سموري ماحولياتي زنجير جو گڏيل ورثو آهي. رياست جو امتحان اهڙن منصفاڻن ادارن جي قيام ۾ آهي، جيڪي پاڻيءَ جي ان فطري وحدت کي تسليم ڪن. اصل چونڊ درياهه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڏسڻ ۽ ان کي هڪ مڪمل طاس سمجهڻ واري روين جي وچ ۾ آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان فطرت کي نقشن تي ورهائيندا رهنداسين، ته ان جو حتمي نتيجو اسان جي معيشت، ماحول ۽ سماج جي گڏيل تباهيءَ جي صورت ۾ ئي نڪرندو. سنڌو ڪنهن انساني لڪير جو محتاج ناهي، ۽ نه ئي سنڌ ان درياهه کان سواءِ پنھنجي وجود کي برقرار رکي سگهي ٿي. درياهه کي ورهائي نٿو سگهجي، ۽ جڏهن درياهه ڪنھن تھذيب جو روح هجي، ته ان جي وهڪري کي ٽوڙڻ دراصل ان تھذيب جي حياتيءَ تي وار ڪرڻ برابر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا