عبداش پنھور جو وڇوڙو رڳو ھڪ صحافي، سياسي ڪارڪن يا دوست جي وڇوڙي جو نالو ناھي. سندس زندگيءَ کي ياد ڪرڻ جو وڌيڪ بامعنا طريقو اھو آھي ته ان سوال کي به سامھون رکجي، جيڪو سندس عملي زندگي اسان اڳيان ڇڏي وئي آھي: ڇا ھڪ صحافي پنھنجي سياسي ۽ فڪري وابستگين سان ڪميٽيڊ رھندي به صحافت جي پروفيشنل آزادي، حقيقت پسندي ۽ اڻ ڌريائي کي برقرار رکي سگهي ٿو؟
ھي سوال عبداش جي زماني کان به اڳ جو آھي، پر اڄ ان جي پيچيدگي وڌي وئي آھي. صحافت ھاڻي رڳو اخبار، رپورٽ ۽ ايڊيٽوريل تائين محدود ناھي. ڊجيٽل ميڊيا، سوشل ميڊيا، فوري خبر، الگورٿم، ڪمرشل دٻاءَ، پرسنل برانڊنگ ـ ذاتي سڃاڻپ جي مارڪيٽنگ ۽ سياسي پولرائيزيشن ـ سماج جو مختلف ڪئمپن ۾ ورھائجي وڃڻ ـ صحافيءَ جي ڪردار کي نئين سر ترتيب ڏئي رھيا آھن.
ان پسمنظر ۾ عبداش پنھور جي صحافتي زندگي ھڪ اھم ڪيس اسٽڊي طور سامھون اچي ٿي.
هو فڪري طور ڪنھن گيپ سبب صحافي نه بڻيو ھو. سندس سماجي شعور پورھيت، ھاري، جمهوريت، فڪري آزادي ۽ سنڌ جي قومي توڙي طبقاتي حقن جي سوالن سان جڙيل ھو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شھيد نذير عباسي سندس آئيڊيل ھئا، ۽ ڄام ساقي جي طويل توڙي سنڌ ھاري ڪاميٽين ء کاٻي ڌر جي مختلف پليٽ فارمن جي سياسي سرگرمين سان سندس وابستگي انھيءَ فڪري تسلسل ۾ سمجهي سگھجي ٿي.
پر سندس اصل خوبي اھا ھئي ته ھن پنھنجي نظرياتي فڪر کي صحافتي ڪرت جو متبادل نه بڻايو.
سوويت يونين کان پوءِ: سياسي روپوشي بدران ميدان تي رھڻ
عبداش جي نسل جي سياسي ڪارڪنن لاءِ سوويت يونين جو ٽٽڻ رڳو ھڪ عالمي سياسي واقعي جو نالو نه ھو؛ اھو کاٻيءٓ ڌر جي ھڪ وڏي فڪري دنيا جي بحران جو تجربو ھو. ان کان پوءِ ڪيترن سياسي ڪارڪنن پنھنجي پراڻي سياسي وابستگيءَ کان فڪري روپوشي اختيار ڪئي. ڪن پنھنجي ماضيءَ کان لاتعلقيءَ کي نئين سڃاڻپ بڻايو، ڪن وري سياست کي اھڙي طرح جاري رکيو جو نئين صحافتي پروفيشنلزم سان ٽڪراءُ پيدا ٿيو.
عبداش انھن ٻنهي انتھائن کان ٻاھر بيٺل نظر اچي ٿو.
ھو انھن چند ھمعصر سياسي سرگرم ڪارڪنن مان ھو، جن سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ صحافت ۾ روپوشي اختيار نه ڪئي. ھن پنھنجي سياسي ماضيءَ کان انڪار نه ڪيو، پر ان ماضيءَ کي صحافت جي پروفيشنل ڪريڊيبليٽي تي به حاوي نه ٿيڻ ڏنو.
سندس شخصيت جي ھڪ انوکي سڃاڻپ ڊائليڪٽڪ يا ٻن بظاھر متضاد حقيقتن جو گڏ ھلڻ ھئي: صحافي ٿيڻ لاءِ ڪارڪن ٿيڻ کان دستبردار نه ٿيو، ۽ ڪارڪن رھڻ لاءِ صحافيءَ جي ذميواريءَ کان به فرار نه ٿيو.
ان جو عملي مثال ڪامريڊ ڄام ساقي سان ڊگهي رغبت، سندس سياسي ۽ جمهوري عملن لانگ مارچ ۾ ڀرپور شموليت ۽ ھاري حقن جي جدوجھد سان سندس عملي وابستگيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. صحافتي ڪرت کيس انھن سرگرمين کان پري رھڻ جو بھانو نه بڻيو.
پر ھتي ھڪ بنيادي فرق آھي: سياسي سرگرميءَ ۾ حصو وٺڻ ۽ سياسي سرگرميءَ کي صحافتي رپورٽنگ جو معيار بڻائڻ ٻه مختلف شيون آھن.
عبداش ھن فرق کي پنھنجي عمل سان واضح ڪيو.
نظريو صحافيءَ لاءِ مسئلو آھي يا طاقت؟
صحافتي اڻ ڌريائي بابت ھڪ عام تصور اھو آھي ته صحافيءَ وٽ پنھنجي ڪا سياسي يا سماجي راءِ نه ھئڻ گهرجي. ڄڻ نيُوٽرلٽي، اڻ ڌريائي جو مطلب انساني ۽ سماجي وابستگين کان مڪمل لاتعلقي ھجي.
پر اھا سمجهه شايد اڻپوري آھي.
صحافي سماج کان ٻاھر بيٺل ڪو غيرجانبدار مشين نه آھي. ھن وٽ سماجي تجربو، اخلاقي تصور، سياسي شعور ۽ انساني ترجيحون ضرور ھونديون. اصل سوال اھو آھي ته ھو انهن کي خبر جي حقيقت تي ڪيترو مسلط ٿيڻ ڏئي ٿو.
ھتي عبداش جو تجربو اھم ٿي وڃي ٿو.
ھو پورھيت ۽ ھاريءَ حقن سان وابسته ھو، پر ان جو مطلب اھو نه ھو ته پورھيت تحريڪ جي ھر دعوا پاڻمرادو صحافتي سچ بڻجي وڃي. ھو سنڌ جي قومي سوال سان جذباتي ۽ فڪري وابستگي رکندو ھو، پر ان وابستگيءَ کي رپورٽنگ جي فئڪٽس ۽ حقيقتن جي جاءِ تي ردوبدل ٿيڻ نه ڏنائين. مختلف سياسي اسڪول آف ٿاٽ، فڪري ڌارائون، انھن جي سرگرمين کي رپورٽ ڪندي ھن پنھنجي پسند ۽ رپورٽ ڪيل حقيقت جي وچ ۾ فرق رکيو.
شايد صحافتي اڻ ڌريائيءٓ جي وڌيڪ مناسب وصف ئي اھا آھي: پنھنجي راءِ، تجزيي ۽ نتيجن کان دستبرداري بدران پنھنجي راءِ ۽ حقيقت جي وچ ۾ حدن جو تعين ڪرڻ.
صحافت جي نئين دنيا ۽ پراڻو سوال
عبداش جي زماني جي صحافت ۽ اڄ جي صحافت ۾ سڀ کان وڏو فرق ٽيڪنالاجيءَ جو نه، پر ميڊيا اڪانامي، صحافت جي معاشي ڍانچي جو آھي.
اڄ خبر صرف information يا معلومات نه رھي آھي؛ اھا attention ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مقابلو ڪندڙ پيداوار پڻ آھي. Headline سرخي، thumbnail، viral clip، تيزيءَ سان ڦھلجندڙ وڊيوز ۽ instant reaction ، فوري ردعمل ڪيترن ئي موقعن تي اصل رپورٽ کان وڌيڪ اھميت حاصل ڪن ٿا.
ان سان صحافيءَ اڳيان ھڪ نئون خطرو پيدا ٿيو آھي: حقيقت کي بيان ڪرڻ بدران اھڙي انداز ۾ پيش ڪرڻ، جيڪو وڌيڪ engagement، ماڻهن جي دلچسپي ۽ ردعمل پيدا ڪري.
ساڳئي وقت سياسي پولرائيزيشن صحافيءَ جي سڃاڻپ کي به خبر جي معيار کان اڳيان آڻي ڇڏيو آھي. صحافيءَ جي رپورٽ تي بحث ڪرڻ بدران پھريون سوال اھو ٿيندو آھي ته “ھي صحافي ڪھڙي پاسي جو آھي؟”
اھو رجحان صحافت کي evidence ثبوت کان identity ، سڃاڻپ ڏانھن منتقل ڪري ٿو.
جڏھن پڙھندڙ خبر کي ان بنياد تي قبول يا رد ڪرڻ لڳي ته خبر ڪنھن ڏني آھي، نه ته خبر ۾ ثبوت ڇا آھي، تڏھن صحافت جو بنيادي credibility ۽ ويساه وارو اصول ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو.
سياسي وابستگي ۽ سياسي ارتقا
عبداش جو ڪردار پراڻي سياسي نسل جي ارتقا جي سوال سان پڻ جڙيل آھي.
جنھن نسل سياست کي commitment ، اصولي وابستگي طور ڏٺو. ان مان ڪيترائي وقت سان مختلف سياسي رستن تي ويا. ڪي اقتداري ڍانچن ۾ شامل ٿيا، ڪن پنھنجي پراڻي سياسي زبان تبديل ڪئي، ۽ ڪن نئين حالتن مطابق پنھنجا سياسي موقف نئين سر ترتيب ڏنا.
سياسي ارتقا پاڻ ۾ ڪا غيرمعمولي ڳالهه ناھي. سماج، حالتون ۽ انسان تبديل ٿيندا رھن ٿا. پر سوال اھو ضرور رھي ٿو ته ارتقا ۽ اصولي تسلسل جي وچ ۾ حد ڪٿي آھي؟
عبداش جو تجربو ھن سوال کي خاموشيءَ سان سامھون رکي ٿو.
ڪراچيءَ جي ميٽروپوليٽن ماحول ۾ صحافتي رسائي کيس اقتداري ايوانن تائين وٺي وئي، پر ان رسائيءَ سندس سادگيءَ ۽ سچائيءَ واري شناخت کي تبديل نه ڪيو. اقتدار جي ويجهو رھندي به اقتدار جي زبان اختيار نه ڪرڻ شايد سندس ڪردار جو اھو پاسو ھو، جيڪو سندس سياسي پسمنظر ۽ صحافتي پروفيشن جي وچ ۾ سڀ کان خوبصورت پل بڻيو.
پروفيشنلزم ڇا ٿو گهري؟
پروفيشنلزم، پيشي ور ذميواري جو مطلب سياسي بي حسي يا لاتعلقي نه آھي.
ساڳئي طرح سياسي وابستگي جو مطلب صحافتي جانبداري به لازمي نه آھي.
اصل امتحان ڪجهه وڌيڪ سخت آھي:
ڇا صحافي پنھنجي پسنديده سياسي ڌر کان به اھي ئي سوال ڪري سگهي ٿو، جيڪي مخالف ڌر کان ڪري ٿو؟
ڇا ھو پنھنجي نظرياتي ساٿين جي غلطيءَ کي به غلطي چئي سگهي ٿو؟
ڇا ھو مخالف جي درست ڳالهه کي صرف ان ڪري رد ڪرڻ کان بچي سگهي ٿو جو اھا مخالف ڌر جي ڳالهه آھي؟
ڇا ھو رپورٽنگ ـ واقعو ۽ حقيقت بيان ڪرڻ ۽ ڪمينٽري، راءِ يا وضاحتي جسٽيفڪيشن جي وچ ۾ فرق برقرار رکي سگهي ٿو؟
۽ ڇا ھو اقتداري رسائيءَ کي پنھنجي صحافتي آزاديءَ جو متبادل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو؟
عبداش جي ڪردار کي اھڙن سوالن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ سان سندس اهميت وڌيڪ واضح ٿئي ٿي.
عبداش جي اصل ميراث
عبداش کي ياد ڪرڻ جو مطلب سندس شخصيت کي بي عيب يا مثالي بڻائي پيش ڪرڻ نه آھي. پر سندس زندگيءَ مان ھڪ اھم صحافتي ۽ سياسي اصول ضرور پڙھي سگهجي ٿو:
سياسي وابستگي صحافتي غلاميءَ ۾ تبديل ٿيڻ ضروري ناھي، ۽ صحافتي پروفيشنلزم سياسي ضمير کان فرار جو نالو به ناھي.
ھو انھن چند ھمعصرن مان ھو، جن پنھنجي سياسي ماضيءَ کي لڪائڻ بدران ان سان گڏ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ھن صحافت کي پنھنجي پراڻي فڪر کان روپوشيءَ جي پناهه گاهه نه بڻايو ۽ صحافتي ڪرت کي ھاريءَ حقن، پورھيت جدوجھد يا ڄام ساقي سان عملي سياسي وابستگيءَ کان بچڻ جو بھانو به نه بڻايو.
ساڳئي وقت، مختلف سياسي فڪرن جي سرگرمين کي رپورٽ ڪندي ھن پنھنجي نظرياتي پسند ناپسند کي صحافتي ذميواريءَ جي جاءِ نه ڏني.
شايد ھن توازن کي ئي سندس اصل صحافتي ميراث legacy، ورثو چئي سگهجي ٿو.
اڄ جڏھن پرسنل برانڊنگ ـ ذاتي شھرت جي تعمير سياسي پولرائيزيشن، ڪمرشل مفاد، سوشل ميڊيا ۽ فوري ردعمل صحافيءَ جي ڪردار کي مسلسل تبديل ڪري رھيا آھن، تڏھن عبداش پنھور جي زندگي ھڪ پراڻو جواب نه، پر نئون سوال ڇڏي وڃي ٿي:
ڇا اسان فڪر سان ڪميٽيڊ رھندي به حقيقت سان ايماندار رهي سگھون ٿا؟
عبداش جي زندگيءَ کي شايد اُنهيءَ ھڪڙي جملي ۾ سموئي سگهجي ٿو:
ھن پنھنجي نظرئي کان دستبردار ٿيڻ کي صحافت نه سمجهيو، ۽ پنھنجي نظرئي کي صحافت تي مسلط ڪرڻ کي به سياسي وابستگي نه سمجهيو.
اڄ سندس ياد جو سڀ کان بامعنا پاسو شايد اھو ئي آھي ته صحافت لاءِ فڪر ضروري ٿي سگهي ٿو، پر فڪر کي صحافت جو متبادل بڻائڻ صحافت کي ئي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو.
