سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيھر مخدوم سعيد الزمان کي سنڌي ادبي بورڊ جو چئن سالن لاءِ چيئرمئن مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن نئين نوٽيفڪيشن بعد هو مارچ 2030ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمئن طور مقرر هوندو. جڏهن ته اڳين ستن ۽ هاڻوڪن چئن سالن بعد هن کي مليل ڪل عرصو 11 سال بيھندو. جيڪڏهن مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان کي مليل بورڊ جي چيئرميني وارو ڪل عرصو ملائجي ته لڳ ڀڳ 35 سال بيھي ٿو. 1946ع ۾ اداري جي شروعات کان 2026ع تائين اداري جي ڪل عمر 80 سال بيھي ٿي، جن مان اداري جي 45 سيڪڙو عمر هڪ ئي خاندان جي هٿ هيٺ رهندو آيو آهي. البته ڄاڻايل ٽن چيئرمينن مان واحد مخدوم طالب الموليٰ هيو، جنھن جي علمي توڙي ادبي حيثيت مڃيل هئي. ان ڪري ئي هن جي دور ۾ ڪجهه اهم علمي اسڪيمن تي اڳڀرائي پڻ ٿي. جڏهن ته ٻين دورن ۾ اداري علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪي ڳڻائڻ جھڙا ڪم ناهن ڪيا. البته پارڪ ٺاهڻ، نين عمارتن جي تعمير، تزئين ۽ آرائش جي حوالي سان ڪي نظر ايندڙ ڪم ضرور ٿيا آهن.
مخدوم سعيدالزمان جي ٽيھر مقرريءَ تي سوشل ميڊيا جو ردعمل:
سنڌي سرڪار پاران مخدوم سيعدالزمان کي ٽيون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمئن طور مقرر ڪرڻ بابت پھريون ردعمل سوشل ميڊيا تي ئي ڏٺو ويو، جنھن ۾ مختلف صارفن ۽ خاص طور ليکڪن دلچسپ، طنزيه توڙي تنقيد اسٽيٽس لکيا ۽ رايا پڻ ڏنا. نامور شاعر اقبال رند ان تي پوسٽ ڪئي:”مخدوم ادبي بورڊ“. ان تي هڪ صارف تولارام سوٽھڙ لکيو:”’ادبي‘ لفظ واڌو پيو لڳي.“ واحد ڪانڌڙي ان تي راءِ ڏني:” ادبي بورڊ کي هالا منتقل ڪريو.“

سارنگا پاران مخدوم سعيداالزمان جي مقرريءَ تي ناليواري ليکڪ ۽ بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري انعام شيخ چيو ته ”مخدوم سعيدالزمان نه ڪو نالي وارو اديب شاعر آهي، نه منتظم ۽ نه ئي مدبر. کيس “هالا ڪوٽا” تي پ پ سرڪار بورڊ مٿان مڙهيو آهي. سندس ئي فرمائش تي کيس، پوڙهن ۽ موقعي پرست اديبن جو بورڊ آف گورنرس ڏنو ويو آهي، جيڪو قانون ۽ انصاف بدران خوشامدي ڪردار ادا ڪندي، پنھنجا ڪتاب ڇڀرائڻ ۽ نوڪريون وٺندي بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ بي قائدگي کي وڌائي رهيو آهي. مخدوم صاحب کي ٽيون ڀيرو بورڊ جي چيئرميني ڏيڻ بجاءِ سندس خلاف اقربا پروري، ڪرپشن ۽ غير قانوني مقررين جي الزامن تحت هاءِ پاور ڪميٽي ذريعي انڪوائري ڪرائڻ کپي ها. مان بورڊ جي اڄوڪي بري حالت جو ذميوار س ا س ۽ سنڌ جي اديبن کي به سمجهان ٿو، جيڪي مخدوم خاندان جي غير قانوني حڪمراني کي برقرار رکڻ سان گڏ، بورڊ کان مراعتون وٺي چپ سبيو ويٺا آهن.“
منصور قادر جوڻيجي سارنگا ڊجيٽل سان ڳالهائيندي چيو ته ”9 لکي گودڙي يا سروري جماعت وڏا فورم آهن، انهن جا وارث بورڊ جھڙا ننڍڙا ادارا ڇا ڪندا. کين کپي ته والنٽيئرلي بورڊ کي ٻين لائق اديبن حوالي ڪن. اهڙو ادارو ته مخدوم ذاتي پئسن يا مريدن جي چندي مان به ٺاهي سگهن ٿا. پر پوءِ به هو بورڊ الائي ڇو نٿا ڇڏين. ڪافي دورن کان هي ويٺل آهن، پر اهو ڏسجي ته هنن ڪم ڇا ڪيو آهي. اسان جڏهن سرڪار ۾ هياسين ته بورڊ جي ڪل 75 لک بجيٽ هئي، جيڪا اڪثريت پگهارن ۾ ويندي هئي. اسان 42 ملازم تعليم کاتي ۾ ضم ڪيا ۽ ڪروڙن تائين کڻي وياسين. پر هاڻ بورڊ ٻيھر نوڪرين ڏيڻ جو کاتو ٿي ويو آهي. ان سان ادارا تباهه ٿيندا.“ نامور صحافي ۽ ليکڪ نياز پنھور ادبي بورڊ جي ٽيون ڀيرو مخدوم سعيدالزمان جي چيئرمئن مقرر ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته “جيڪو سماج جو اجتماعي ردعمل آهي، اهو ئي ردعمل منھنجو به آهي. جڏهن ادارن ۾ قاعدن قانونن موجب مقرريون ناهن ٿينديون ته انهن تي ردعمل فطري آهي. ادبي بورڊ هڪ خودمختيار ادارو آهي، جنهن ۾ چيئرمئن جي مقرري لاءِ ڪي رولس هجڻ کپن. سي ايم پنھنجا اختيار استعمال ڪري ٿو، پر جديد دور جي گهرجن کي به آڏو رکڻ کپي، جيئن اٿارٽي جي سيٽ انائونس ٿئي ٿي، انٽرويو ٿين ٿا، ايئن ئي طريقئه ڪار هجڻ کپي. اسان کي ادبي بورڊ جو اسٽيٽس به چيڪ ڪرڻ کپي ته هن وقت ڪھڙي قاعدي قانون تحت پيو هلي. مان پاڻ بورڊ جو ميمبر رهيو آهيان، پر مونکي اها خبر نه آهي ته چيئرمئن جي ٽيون ڀيرو مقرري ٿي سگهي ٿي يا نه. البته ادارا قاعدن مطابق هلڻ کپن. جيڪڏهن ادارن کي ذاتي ملڪيت ڪري يا سياسي دٻاءُ تحت هلائبو ته پوءِ رزلٽ اها ئي نڪرندي،جيڪا نظر پئي اچي. “
نامور ڪھاڻيڪار پير عبيد راشدِيءَ مخدوم سعيدالزمان جي ٽيون ڀيرو مقرريءَ بابت راءِ ڏيندي چيو ته”پيپلز پارٽي ۽ زرداري ليگ هميشه اهليت جي لتاڙ ڪئي آهي. تعليمي ادارا هجن يا ادبي، اهي سياسي ڀرتيون آهن. مخدوم صاحب لاءِ ذاتي طور عزتون آهن، پر اها مقرري سنئين سڌي بيواجبي آهي. يونيورسٽين جي وي سي لاءِ به سرچ ڪميٽي ويھندي آهي، پر ادبي بورڊ جي چيئرمئن جي مقرري بنا ڪنھن ڪميٽيءَ ۽ طريقئه ڪار جي ٿئي ٿي. سائين کي ٽيون ڀيرو ٿاڦي ڇڏيو اٿن، ان سان ڇا ٿو ٿئي ته غلط فيصلا ٿين ٿا. سائين لوگو مان ڍڳو به ڪڍي ڇڏيو. هلو، سنڌ جو نقشو لوگي ۾ رکيو ويو، باب جي ايم سيد به ٺھيو، پر ان سان ڇا ٿو ٿئي. بورڊ جي ميمبرن ۾ به ڪي اهليت وارا ماڻهو ناهن.“

رابطي ڪرڻ تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ نامور ليکڪ تاج جويي چيو ته،”في الحال منھنجي طبيعت صحيح نه آهي، ان ڪري مان ڪوبه رايو ڏيڻ نٿو چاهيان.“ جڏهن ته ليکڪ گل ڪونڌر به ذاتي لاڳاپن ۽ مجبورين جو عذر ڏئي، راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جڏھن تھ سنڌي ادبي سنگت جي موجودھ سيڪريٽري احمد سولنگي بار بار فون ڪرڻ باوجود فون اٽينڊ نہ ڪئي.
بورڊ جي نئين چيئرمئن جي مقرريءَ خلاف نوٽيس جاري
هوڏانھن اڄ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي مقرريءَ خلاف آئيني پٽيشن نمبر 489 (2026) تي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي جسٽس رياضت حسين ساهڙ ۽ جسٽس ارباب هڪڙي تي ٻڌل بئنچ پاران ٻڌڻيءَ دوران نوٽيس جاري ڪندي، سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪيو ويو آهي ته آئيني پٽيشن داخل هئڻ دوران مخدوم سعيد الزمان جي ٽيون ڀيرو مقرري ڇو ڪئي وئي. ياد رهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي ريٽائر ملازم حافظ احمد الدين جي درخواست تي سندس وڪيل آصف جمال سومرو، سنڌي ادبي بورڊ لاءِ رولز آف بزنيس ٺھڻ تائين چيئرمين جي مقرري روڪڻ، سالياني ساڍا 17 ڪروڙ گرانٽ ۾ بي قاعدگين ۽ غير قانوني ترقين خلاف جاچ لاءِ استدعا ڪئي وئي آهي، جنھن تي عدالت سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، تعليم کاتي جي وزير ۽ ڪاليج کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو آهي ته ڪيس داخل هئڻ دوران مخدوم سعيد الزمان جي ٽيون ڀيرو مقرري ڇو ڪئي وئيي.
ايڊووڪيٽ آصف جمال سومري موجب ”هر سرڪاري اداري جي سربراهه توڙي ملازمن جي مقرري ۽ ترقين لاءِ قانوني لوازمات ۽ رولز آف بزنيس لازمي هوندا آهن، پر سنڌ جو هيءُ اهم ادارو بنا ڪنھن واضح قانون جي، گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان هڪ مخصوص خاندان جي حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ٻين علمي ادارن وانگر سنڌي ادبي بورڊ لاءِ رولز آف بزنيس ٺاهي، ميرٽ تي چيئرمين جي مقرري ڪري ۽ گذريل 15 سال دوران ٿيل بي قاعدگين جي جاچ ڪري.“
