Homeسنڌنيوز اسٽوريعلي ظفر پاران هتڪ عزت جو ڪيس: ميشا شفيع تي پنجاهه لک...

علي ظفر پاران هتڪ عزت جو ڪيس: ميشا شفيع تي پنجاهه لک جو ڏنڊ

سارنگا
سارنگاhttps://sarangaa.org
سارنگا لفظن وسيلي خيال، احساس ۽ سماجي مشاهدو بيان ڪري ٿو۔ 
هن جي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌيت، ثقافت، ادب ۽ روزمره جي زندگي جا رنگ نظر اچن ٿا۔

پنجاب جي هڪ سيشن ڪورٽ هتڪِ عزت جي هڪ ڪيس ۾ ناليوارِي پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع تي پنجاهه لک ڏنڊ وڌو آهي. عدالت ميشا شفيع کي حڪم ڏنو آهي ته هوءَ نامور راڳي علي ظفر تي جنسي هراسمينٽ جي ڪوڙي الزام هڻڻ جي ڏوهه ۾ پنجاهه لک روپيه ادا ڪري.

 عدالت پنھنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته اپريل 2018ع ۾  ”انسٽيپ ٽوڊي“ ۾ ڇپيل پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ الزام هنيو هيو ته علي ظفر کيس ڪيترا ئي ڀيرا جنسي طور هراسان ڪيو هو.

ان الزام کان پوءِ ساڳئي سال نومبر ڌاري علي ظفر ايف آئي اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ درخواست ڏني هئي ته ان ڪوڙي الزام سبب نه رڳو سندس عزت خراب ٿي آهي، پر سوشل ميڊيا جي مختلف اڪائونٽن تان هن جي خلاف ڌمڪين ۽ گارگند تي ٻڌل مواد لکيو پيو وڃي، جنھن سان سندس ساک تي اثر پيو آهي ۽ هن جا گهر ڀاتي توڙي پيار ڪندڙ سخت ذهني تڪليف کي منھن ڏئي رهيا آهن.

عدالت پنھنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته ميشا شفيع لڳايل الزام ثابت نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي اهو الزام عوامي مفاد ۾ آهي، ان ڪري اهي الزام هتڪِ عزت جي ذمري ۾ اچن ٿا. ان ڪري ميشا شفيع کي گهرجي ته علي ظفر کي پنجاهه لک هرجاڻو ادا ڪري.

هن ڪيس جون ڪل 284 پيشيون ٿيون ۽ 20 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.

هوڏانھن ميشا شفيع جي وڪيل ثاقب جيلانيءَ هن فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

علي ظفر طرفان ميشا شفيع پاران لڳايل ڪوڙي الزام تي هڪ ارب روپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هيو، پر عدالت پنجاهه لک جي ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا