ننڍي کنڊ جي نامور گلوڪاره آشا ڀوسلي 92 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ وفات ڪري وئي آهي. آشا ڀوسلي ننڍي کنڊ جي عظيم ڳائڻي لتا منگيشڪر جي ننڍي ڀيڻ ھئي. آشا ڀوسلي فلمي موسيقيءَ ۾ پنھنجي جدا ۽ دل کي ڇهندڙ حيثيت ٺاھي.جڏھن ته پلي بيڪ سنگنگ کان سواء ھن مختلف فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. آشا ڀوسلي لڳ ڀڳ 8 ڏھاڪا انڊين فلمي صنعت ۾ ھڪ جڳ مشھور شخصيت طور گذاريا. آشا ڀوسلي 8 سيپٽمبر 1933 تي برٽش انڊيا جي سانگلي اسٽيٽ جي گوئر واري علائقي ۾ ڄائي. جڏھن ته اڄ 12 اپريل 2026 تي گذاري وئي. ھوءَ ھندي سان گڏ اٽڪل 20 ٻولين ۾ ڳائي سگهندي ھئي. سندس ھزارين گيت ٻڌندڙن جي دلين ۽ ذھنن تي نقش آھن. آرٽ ۽ فلمي دنيا جي اڻ ڳڻين ايوارڊن سان گڏ 2000 ۾ کيس انڊيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ پڻ مليو
