ننڍي کنڊ جي نامور بنگالي ۽ سنڌي گائڪا رونا ليلا بابت سوشل ميڊيا تي ڪنھن خبر رکي ته اھا بنگلاديش ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ڏسندي ئي ڏسندي اھا خبر وائرل ٿي وئي ۽ ننڊي کنڊ جي اڪثر ٻولين ۾ ماڻهن ڏک ۽ افسوس جون پوسٽون رکڻ شروع ڪيون. سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ناليوارن ماڻھن به ان بابت ڏک جو اظھار ڪيو. پر رات دير سان تصديق سامھون آئي ته رونا ليلا اڃا جيئري آھي.
ياد رھي ته رونا ليلا بنگالي، ھندي، اردو ۽ سنڌيءَ سميت اڻ ڳڻين ٻولين ۾ گيت ڳايا آهن. خاص طور پلي بيڪ سنگر طور ھن تمام گهڻي شھرت ماڻي. رونا ليلا 17 نومبر 1952ع ۾ تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۽ ھاڻوڪي بنگلاديش ۾ جنم ورتو. ھوءَ 1974 ڌاري بنگلاديش منتقل ٿي وئي ھئي. ان کان اڳ ھوءَ پاڪستان جي جڳ مشهور راڳين ۾ شمار ٿيندي هئي. 1960 کان ھن پاڪستاني فلمن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، جنھن سبب ھن کي سموري ننڍي کنڊ ۾ شھرت حاصل ٿي. رونا ليلا سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيترا ئي خوبصورت گيت ڳايا، جنھن سبب ھوء سنڌي ٻڌندڙن ۾ به تمام گهڻي مقبول آهي.

