Homeادبڪردارتعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب

تعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب

اسان دل سان سوچڻ وارا ماڻهو، ھُو دماغ سان غور ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو ھو. اسان احساسن تي ڀاڙڻ وارا ماڻهو، ھُو تجربن، عقل ۽ منطق تي ٻڌل سوچ رکڻ لاءِ جاکوڙيندو ھو. اسان شاعريءَ جي طلسماتي دنيا ۾ جيئڻ وارا ماڻهو، ھُو سائنس جي حقيقتن کي قبول ڪرائڻ لاءِ پتوڙيندو ھو. اسان سندس ڳالهه ڪڏھن بہ ڪونہ ٻڌي ۽ ھُو بنان انھيءَ جي پرواھ ڪندي پنھنجي ڪم ۾ رُڌل رھيو. نيٺ ھُو بيماريءَ سان جهيڙيندي، اسان کان پري ويو ھليو ۽ پويان اسان لاءِ علم، ڏاھپ، سائنس ۽ سمجهه جو ورثو ڇڏي ويو.

Sarangaa تعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب


سائين علي مرتضيٰ ڌاريجو جديد سنڌ جي چند ماڻهن مان ھو، جيڪو روشن خيالي، سائنس، ماحوليات جي سمجهه ۽ عقلي فڪر کي عام ماڻهن منجهه سندن ئي ٻوليءَ ۾ پکيڙڻ لاءِ اڌ صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصي کان مصروف ھو. سندس سائنس تي تحقيقي مقالا بين الاقوامي جرنلن ۾ ڇپجندا تہ ھئا پر ڌاريجي صاحب جي اھا مٓت ھئي تہ علم رڳو پنھنجي لاءِ مان، عھدا ۽ حيثيت پرائڻ لاءِ ناھي. پر علم، پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ڌڻين جي امانت آھي ۽ اُنهيءَ علم کي نہ ونڊڻ، خيانت آھي. اُنهيءَ لاءِ ھُن ڪيترن ئي اھم سائنسي موضوعن تي طبعزاد ڪتابن يا ترجمن جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شاھوڪار ڪيو. ھُن لغتون جوڙيون ۽ ادارا ٺاھيا ۽ مختلف حيثيتن ۾ پتوڙيندو رھيو. ھُن سائنس ۽ ماحول تي رسالا ڪڍيا ۽ سائنس سوسائٽي کي وري متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھُن ٽن نسلن کي پڙھايو ۽ تربيت ڪئي. ڌاريجي صاحب کيس مليل زندگيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪيو، جو ھينئر سندس حياتي جي وھي کاتي جو پوتا ميل ٿا ڪريون تہ اسان سڀ سندس قرضي ٿا لڳون. پر انهيءٓ قرض کي واپس ڪرڻ لاءِ اسان ڪڏھن بہ نہ سوچيو.

Sarangaa تعزيت نامو: ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو خواب

منھنجي ڌاريجي صاحب جي ڪتابن سان پھريون ڀيرو واقفيت شايد 1991 واري سال ۾ ٿي ھئي. نئين نئين جواني جا سال ھئا. جڏھن جنس جي منع ڪيل ميوي ڏانھن ڪشش فطري ھئي. انهي پراسرار موضوع جي حوالي سان ذھن ۾ ھزارين سوال ھئا پر انھن جي خاطري وارن جوابن جو ڪو وسيلو نہ ھو. جنس جي موضوع تي ڪوڪ شاستر باتصوير ۽ شاديءَ جي پھرين رات جھڙا ڪتاب ھئا، جيڪي لڪ ڇپ ۾ نوجوانن جي ھٿن ۾ ايندا ھئا، جنھن ۾ ڏنل ليڪيل تصويرن مان اُھي لطف وٺڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. انهن ڪتابن ۽ مٿان ھڪ جيڏن وٽان مليل جنس جي باري ۾ ڏند ڪٿائن نوجوانن جي ذھنن کي بيمار ڪرڻ ۽ منجهن وھم پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو. تن ڏينھن ۾ سنڌيڪا پاران ڌاريجي صاحب جو ڪتاب ”جنس جي سائنسي ڄاڻ“ مارڪيٽ ۾ آيو. اھو ڪتاب جنس جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد پھريون سائنسي ڪتاب ھو، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولي ٻوليءَ ۾ جنسيات جي موضوع تي انتھائي واضح طريقي سان ڄاڻ ڏني. انھيءَ ڪتاب ذريعي اسان جي نسل کي اُنهيءَ اھم موضوع تي پھريون ڀيرو سائنسي ڄاڻ ملي ۽ اسان جي ذھنن ۾ موجود ڪيترن ئي سوالن جا پھريون ڀيرو جواب مليا. اُنهيءَ کانپوءِ 1994 ۾ سندس ڪتاب ”ڇـاتـين جـي سائنسي ڄاڻ“ پڻ آيو. انھن ڪتابن سنڌيءَ ۾ انهن موضوعن تي پيل ٽيبو کي ٽوڙيو ۽ کلئي ذھن سان انهن تي ڳالهه ٻولهه کي ممڪن بڻايو.
اُنهيءَ کان اڳ ۽ اُنهيءَ کانپوءِ بہ ڌاريجي صاحب ”انوکا گره“،” ڪينسر“، ”اسانجون اکيون“،” ڪينسري بيماريون“، ”سـريـر جـي آتم ڪھاڻي“ ، ۽ ” ، جت ويڄ نه طبيب “ سوڌو ٻيا ڪتاب بہ ڏنا، جن ۾ وايومنڊل کان وٺي انسان جي بدن، ان سان لاڳاپيل مسئلا ۽ طب جي باري ۾ ڄاڻ ھئي.
ڌاريجو صاحب سنڌ جو شايد پھريون ليکڪ ھو، جنھن کي اھا سمڪ ھئي تہ ايندڙ وقت ۾ ھن ڌرتيءَ کي پيش ايندڙ سڀ کان وڏو مسئلو ماحولياتي تبديليءَ جو ھوندو. اُنهيءَ لاءِ ھو مسلسل لکندو رھيو ۽ ھُن اُنهيءَ موضوع تي ”مـوسـمـي تـبديـلــي ڇـا آهـي؟“ ۽ ”تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون“ جھڙا ڪتاب ڏنا. ھتي آئون خاص طور تي سندس شايع ٿيل آخرين ٻن ترجمو ڪيل ڪتابن جو ذڪر ڪندس. ھڪ ڊارون جي جيوڻي ھئي، جنھن ۾ ڌاريجي صاحب انتھائي سولن لفظن ۾ سندس ارتقا جي نظريي کي پڻ کولي سمجهايو. اھو ارتقا جو نظريو آھي، جيڪو ھن ڪائنات جي اسرڻ، ھن ڌرتيءَ جي موجود سڀني جيون جي موجودہ صورت ۾ ھئڻ، انهن ۾ آيل تبديلين ۽ ماضيءَ ۾ انهن جي ختم ٿيڻ جي وضاحت ڏئي سگهي ٿو ۽ جنھن کي سمجھڻ کانسواءِ پنھنجي چوڌاري ڪنھن بہ لقاءٓ جو مفھوم ۽ سمجهاڻي ڏيڻ ممڪن ناھي.
سنڌ لاءِ سندس آخري پورھيو جديد سائيڪلوپيڊڪ ميڊيڪل ڊڪشنري ھئي. دنيا جي انتھائي معتبر ۽ جامع برٽش ميڊيڪل ايسوسيئشن جي ترتيب ڏنل السٽريٽيڊ ميڊيڪل ڊڪشنري کي بنياد ٺاھي، مرتب ڪيل 850 صفحن تي مشتمل انھيءَڊڪشنري ۾ 7000 کان وڌيڪ اصطلاحن جي انسائيڪلوپيڊيا جي معيار تي تشريحي وضاحت ڏنل ھئي. اُنهيءَ ۾ بيماريون، انھن جا سبب، انھن جي سڃاڻپ، تپاس، علاج، احتياط ، مختلف دوائون، انھن جو استعمال پڻ شامل آھي. جيڪڏھن ڌاريجو صاحب ٻيو ڪجهه نہ ڪري ھا تہ رڳي اھا ڊڪشنري ئي سندس اسان تي احسان ھو.
سندن اڻڇپيل ڪتابن جو بہ ھڪڙو چڱو انگ آھي. اُھي ڪتاب ڪو پبلشر ڇاپڻ لاءِ تيار نہ ھو، ڇاڪاڻ تہ انهن بہ ڄاتو ٿي تہ سنڌ ۾ سائنس تي ڪتاب ڇاپڻ ھڪڙو گهاٽي جو سودو آھي. اُنهيءَ لاءِ ھن پاڻ سائنس جي ادب جي واڌاري لاءِ ’سائنس پبليڪيشن‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو، جنھن ذريعي مختلف سائنسي ڪتاب ڇپرايائين ۽ ماحول جي نالي سان رسالي کي پڻ جاري ڪيائين.
ڌاريجي صاحب جي وڏي ڪوشش ھئي تہ سنڌ سائنس سوسائٽي وري ٻيھر متحرڪ ٿئي. ھُن اُنهيءَ لاءِ ڪوششون بہ ورتيون. سندس اھو تصور ھو تہ سنڌي سماج جي ڀلائي اُنهيءَ ۾ آھي تہ اتي جي واھڻن ۽ شھرن ۾ سائنس ڪلب کلن، جن ۾ ٻارن کي ڪچي کان پنھنجي ٻوليءَ ۾ سائنسي طريقن جي سکيا ڏجي. سنڌ جي ھر اسڪول ۾ سائنسي ميلا ٿين ۽ شاگردن ۾ سائنسي سوچ پيدا ڪجي. اڳ وانگي سنڌ ۾ ٻيھر ”سائنس“ جو رسالو نڪري، جنھن ۾ سنڌيءَ ۾ سائنس جي نين کوجنائن تي مضمون ھجن. يونيورسٽين ۾ سائنس تي مذاڪرا ٿين ۽ سنڌ جي نوجوانن کي فڪري طور تي باقي دنيا سان ڳنڍجي. پر سندس خواھش، ديواني جو خواب ئي ثابت ٿي.
جتي ٻيا اديب ڏھاڪا اڳ لکيل ڪجهه تخليقن جو قرض اسان کان اڃا مڃتا ۽ اعزازن جي صورت ۾ وصول ڪن پيا، اتي ڌاريجو صاحب سخت بيماريءَ جي ھوندي پنھنجي آخري گهڙين تائين پنھنجي ڪم ۾ مصروف رھيو. جيستائين ساھ جي تند ثابت ھئي، تيستائين ھُو سنڌ کي ڏيندو رھيو. مڃتا ۽ مان جي تِڇ خواھشن کان پري، سنڌ جو ھيءُ عاشق پنھنجي آخري لمحي تائين سنڌ کي علمي طور سگهارو ڪرڻ واري خواب کي ساڀيان ڏيڻ ۾ مصروف رھيو.

5 COMMENTS

  1. Late Sir Ali Murtaza Dharejo was great personality in science and Environmental preservation world.

  2. پراثر لکڻي ۽ شاندار پڻ ـ ڊاڪٽر ڌاريجو عام ۽ لو پروفائيل ٿي ڪم ڪيو ھن ڪڏهن به ڪنهن تمغي يا پئسي جي تمنا نـ ڪئي ۽ سائنسي قلندر جنهن ڌرتي ۽ ان جي نسل کي ڄاڻ ڏيڻ پنهنجين ذاتي شين جي قرباني ڏئي بـ ڪتاب ڇپرايا ۽ عام ماڻهوَن تائين پھچايا تـ جيئن قوم انڌ مان نڪري روشني طرف اچي, اسان پئ ۽ پٽ ڪيتريون راتيون ويھي مئگزين ماحول تي ايڊريس لکي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو ۽ وقت سر تـ جيئن ماڻهون پڙھن سوچين ۽ پو۽ سوال ڪن, بحرحال ڊاڪٽر ڌاريجو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ويو ۽ ثابت ڪيو ته بنا ڪنهن رنڊڪ جي اگر نيت آهي ته گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو جيڪو ڊاڪٽر علي مرتضي ڪري ڏيکاريو

  3. Late Dr. Ali Murtaza Dharejo was not only a remarkable scientist but also a source of inspiration for many. His dedication to knowledge, research, and the betterment of society will always be remembered. He leaves behind a legacy of wisdom, hard work, and passion for science that will continue to guide future generations. May his soul rest in peace, and may his contributions never be forgotten.

  4. ڌاريجي صاحب جي ڪم بابت سٺي تعارفي ۽ تاثراتي لکڻي. يقيني طور ڌاريجي صاحب بابت گهڻيون ڳالهيون ۽ يادگيريون آهن جيڪي وقت بوقت لکجي آڏو اينديون. ھيءَ ھڪ سٺي شروعات آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا