حسن جو فون ايندو هو، ”گهٽي ۾ انتظار پيو ڪريان، ٻاهر اچ.“
آئون ڪار ۾ چڙهندو هئس ته مصنوعي ڪاوڙ ۾ چوندو هو، ”منھنجو فون ون وي ڇا ٿيو تو کي ته بُل ملي ويو.“
”ڇو ڇا ٿيو؟“ ڄاڻي بي خبر ٿي پڇندو هئس.
”اڙي اسان کي هرو ڀرو رولي ماريو اٿئي ۽ ڪو فون به نٿو ڪرين.“
پوءِ، ڦاٽل گٽر لائنون، لٿل پٿرن جا ڍير ۽ کوٽيل رستا ڏسي پڇندو هو، ”اوهان جي پاڙي ۾ سر جان مارشل آيو هو ڇا؟“
هو پاڻ به هن پاڙي ۾ رهي ويو هو پر تڏهن اسين هڪ ٻئي کي سڃاڻندا نه هئاسين. هڪ ڏينھن منھنجو نمبر هٿ ڪري فون ڪيائين ته ملڻ ٿو اچان.
ٽڙندو هو آيو، گل جي موسم وانگر ۽ مليو ائين جو ڄڻ ته هميشه جو واقف!
هن جي وڃڻ کان پوءِ مون سوچيو، قد ۾ ڊگهو آهي پر بيوقوف نٿو لڳي. زور سان ڳالهائي ٿو ته ڇا ٿيو، نيت جو خراب ڪونهي. رنگ جو سانورو ۽ من جو بانورو آهي. پاڙي ۾ عزت ملي ٿي ۽ سوسائٽي ۾ چار ماڻهو سڃاڻن ٿا. جتي ڪاميابي جي اميد ناهي اتي به ناڪامي کان نٿو ڊڄي. ماڻهو ٺيڪ آهي.
ماڻهو سدائين پاڻ جھڙو ٻيو ماڻهو ڳوليندو آهي. هو خود مون کي ڳوليندي هتي اچي پھتو هو. ان کان پوءِ تقريبن هر شام هن جي نالي ٿي ويئي. روز سج لٿي کان پوءِ، آهستي ڪار هلائيندا، پنھنجي مام ۾اک ٿڌي ڪندا ۽ ڳالهيون ڪندا ويندا هئاسين. ڳالهيون نون ڪتابن جون، پراڻين شرابن جون ۽ حسين عورتن جون.
مون چيو، دنيا ۾ سڀني کان گهڻو عورت جي چيلهه تي لکيو ويو آهي، اکين، لبن، ڳلن ۽ زلفن جو نمبر پوءِ ٿو اچي.
هن اختلاف ڪيو، ليکڪن کي سڀ کان وڌيڪ سيني تي لکڻ گهرجي، مرد جي نگاهه پھرين اتي پوي ٿي!
دڪان تان شام جو سامان وٺي واپس فليٽ ڏي روانا ٿيندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس گهر ڪچھري ڪندا هئاسين. ننڍڙو چيزل گيٽ کوليندو هو. اوطاق واري ڪمري ۾ سجايل صندل تي مون کي ويھاري اندران پاڻي کڻي واپس موٽندو هو ته آئون چوندو هئس، ”يار هي واهيات ڪاٺ کڻائي ڇڏ هتان.“
هو ڪاوڙبو هو، ”اڙي توکي پنھنجي تخت طائوس تي ويھاريو اٿم، هن تي آئون ڪنھن کي به ويھڻ نه ڏيندو آهيان. پر تڏهن به توکي قدر نه آهي.“
مگر آئون بي قدرو هجان ها ته سندس شاعري تي ڪيئن موهجان ها! اها مون کي ان ڪري به وڻندي آهي جو هن جي واتان ٻڌندو هئس. کيس لفظن جي ادائيگي جي جادوگري جي خبر هوندي هئي.
آئون کيس افلاطون جي شاعرن تي تنقيد ۽ ارسطو جا بچاءُ ۾ جوابي دليل، نظريا ۽ دنيا جي اعليٰ ادب جون خبرون ٻڌائيندو هئس. هومر، شيڪسپيئر، ڪيٽس کان وٺي موجوده دور تائين جي تخليق ڪارن جي شعرن جا مثال ڏيندو هئس. هو چوندو هو، ”مون کي انهن سڀني جي خبر ناهي ۽ نه ئي مون تي ڪنھن جو اثر آهي. آئون پنھنجي ڳوٺ جي زمين چيري، زوري ڦٽي نڪتو آهيان، رلي ڌڪا کائي سکيو آهيان!“
واقعي هن هيستائين پاڻ کي پاڻ سيکاريو ۽ نالو ڪمايو هو. مگر اهو ڪافي نه هو. تمام تر حسناڪين ۽ خوبين جي باوجود هن جي شاعري ۾ اهي سڀ خاميون هيون جيڪي اڀرندڙ شاعرن جي ڪلام ۾ هونديون آهن. هن جا اڪثر ڪردار ڪمزور، ڄٽڪي حد تائين لاعلم ۽ غير پرڪشش لڳندا هئا تنهنڪري انهن لاءِ محبت نٿي پيدا ٿي! برابر، هن جي ڪلام ۾ جا بجا اهڙيون سٽون ضرور هيون جيڪي دل چورائي وٺنديون هيون. مگر اهي نظم مڪمل شاهڪار جي بجاءِ حسين اتفاق لڳندا هئا.
کيس عالمي حالتن جي ايتري گهٽ ڄاڻ هئي جو الجيريا جي ملٽري ڊڪٽيٽر حواري بومدين کان وٺي ڪرڪيٽ جي داڳي رانديگر هينسي ڪرونيي تي به نظم ٺوڪي ڇڏيندو هو!
کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته جن موضوعن تي هن لکيو پي تن کان اڳتي ٻيا جھان هئا جنھن تائين هن کي پھچڻو هو. اياز جي ڀرسان اچي بيھڻو هو.
ان زماني جي ڪچھرين جي نتيجي ۾ هن جي دماغ ۾ خيالن جون ڄڃون لھڻ لڳيون هيون، پر انهن کي ترتيب ڏيئي ڪنھن لافاني تخليق لاءِ کيس اڃا وقت گهربو هو.
منھنجون ڳالهيون ٻڌي هو حيران ٿي ويندو هو. پوءِ اصرار ڪرڻ لڳو ته انگريزي سيکار. کيس عالمي ادب پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو. هن ڊگهي حياتيءَ جا خواب ڏٺا هئا. مون چيو، پھرين تون بنيادي شيون سک پوءِ اڳتي مون وٽ پڙهجان. هڪڙي سٺي ٽيچر جو بندو بست ڪيوسين. پڙهائي شروع ٿي. هو انگلش پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. رات جو ڪاپي چيڪ ڪرائيندو هو ۽ ٽيچر سان ٿيل گفتگو موبائل تي رڪارڊ ڪري اچي ڏيکاريندو هو. جي هو عالمي ادب پڙهي ها ته اڃا به وڌيڪ سٺو شاعر ٿئي ها! عظيم اديب ٿيڻ لاءِ جيتري ڊگهي ڄمار کپندي آهي، اها کيس نصيب نه ٿي پر تڏهن به جيڪا زندگي هن کي ملي، انهي کي هن سٺو ماڻيو.
ٻين رائٽرز وانگر هو ڪنھن به سنڌي ادبي گينگ جو ميمبر نه هو جتي ليکڪ پنهنجون سنگتون نڀائين ٿا ۽ واري سان هڪٻئي جون تعريفون ڪن ٿا. بي جا تعريفون اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو تخليق ڪارن کي منجمد ڪري ڇڏي ٿو، هو پنھنجي حال تي مطمئن ٿي وڃن ٿا.
دنياوي حساب سان ڏسجي ته هو ڪو سياڻو شخص نه هو. ماڻهو ڌنڌا، واپار ۽ نوڪريون ڪندا آهن، هو صرف شاعري ڪندو هو! جڏهن ڪو ماڻهو ڇڏي سڀ ضرور، هٿ ڌوئي ڪنھن ڪم جي پويان لڳندو آهي ته ڪمال ڪندو آهي. هو نه صرف شاعري لکندو هو پر ان کي پروموٽ به ڪندو هو. جتي ڪي چار ادب دوست سُجهندا هئا، اتي وڃي پھچندو هو.
هو خود دار به هو، پرائي شراب پي پنھنجي شاعري نه ٻڌائيندو هو. کيس اورئين پاسي واري اڌ سنڌ سڃاڻندي هئي. هر شھر ۾ هن جا ڪي يار هوندا هئا. ”هي پنهنجو دوست آهي،“ منھنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو، مگر پنھنجي لھجي ۾ فخر کي لڪائي نه سگهندو هو. هو ڏاڍو معصوم هو!
طارق عالم ابڙي کي آخري سفر تي روانو ڪري هو موٽيو. فون ڪيائين ڪٿي آهين ۽ ڇا پروگرام آهي. مون چيو هتي آهيون ۽ چانھه پيڻ جو پروگرام آهي. هن وراڻيو ٺيڪ آهي، ٿڪل آهيان سمهان ٿو. اڌ ڪلاڪ پوءِ وري سندس فون آيو، چيائين سنگت ڏي هلڻو آهي. اسين انڪار نه ڪري سگهياسين. اها ساڻس آخري ملاقات هئي.
جنھن گهوڙي جي ٽاپولي جو ذڪر هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي سا سندس من ۾ به هئي. کيس هڪڙي جاءِ تي گهڻي دير سک نه ايندو هو. هو جيئن رات جو گاڏي هلائيندو تيئن ماڻهو ڏينھن جو موت جي کوهه ۾ به نه هلائيندا آهن. کيس اندازو ڪونه هو ته سندس زندگي جي گاڏي هڪڙي ٽڪر سان بيهي رهندي. سوجهاڪي کان ٿورو پھرين، روڊ تي حادثي کان پوءِ کيس احساس ٿيو ته وقت هاڻي هن لاءِ هميشه بيھڻ وارو آهي! جيئن سهڻي ٻڏڻ وقت ميھار کي سڏ ڪيا تيئن هو به رات جي پوئين پهر گهر ڪالون ڪندو رهيو، مگر ڪا وراڻي ڪانه ملي!
حسن جو ڪلام انهن کي مايوس ڪري ٿو جيڪي شاعري ۾ پھرين ميسيج ڳولين ٿا. اڃا تائين هو اهو محسوس نه ڪري سگهيا آهن ته سندس ڪويتائن ۾ سڀ ڪنھن لاءِ سڀ ڪجهه نه آهي! نجي ڪچھرين ۾اسان وٽ جڏهن به سنڌ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن جو ذڪر سدائين گڏ نڪري پوندو آهي ۽ پوءِ انهي جو حل تلاش ڪبو آهي شاعري ۾! ان ڪري اسان جي ماڻهن کي عادت پئجي ويئي آهي ته سئين سڌي شاعري ۾ هروڀرو به ڪانه ڪا لڪل معنيٰ يا پيغام ڳوليندا. ان کان سواءِ هاري مزور جو درد، وڏيري جو ظلم، صوفي ازم ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه تلاش ڪندا آهن. مٿان وري لقب ڏيڻ جو مانوس سلسلو! غزل جو شھنشاهه، بيتن جو بادشاهه، وائي جو فلاڻو.
گهٽ پڙهيل نقاد سوال ڪن ٿا ڇا سنڌ جي هر شي ايتري سھڻي آهي جيتري هن جي شاعري ۾ نظر اچي ٿي؟ ان ڳالهه جي باوجود ته سندس نئين سامايل شاعري اڃا ته گونچ ٿي ڪڍيا ۽ اها اڪثر ماڻهن کي پوري طرح سمجهه ۾ نه آئي پر تڏهن به ان کي زبردست مڃتا ملي! ٻڌڻ کان پوءِ جيڪي خمار چڙهن ٿا تن مان خبر پوي ٿي ته اهو هڪ جام نه پر پورو مئخانو آهي جيڪو ميچوئر ٿي رهيوآهي، جنهن جا ڪيف چڙهندا ئي وڃن پيا. تڏهن ئي ته ڪتاب پڙهندي، وڻن هيٺان واڪ ڪندي، بستري تي ليٽندي سمهڻ کان اڳ ان جون سٽون بار بار ياد ٿيون اچن!
هن جھڙي نموني خوبصورتي کي آئڊيلزم سان ڳنڍي تخليقي عروج تي پهچايو ان کي انجوائي ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي وقت ۽ دماغ کپي. اها نازڪ شاعري لوهارڪو ڌڪ نٿي پچائي سگهي، ان کي انتظار آهي ڪنهن سونارڪي ڪاريگري جو جيڪو انهي گهڙاءُ جي سونھن کي توري تڪي ۽ سمجهي سگهي. اڳتي هلي جڏهن هن ڏات خزاني جا اصلي وارث جيڪي جمالياتي اشوز، تجريدي سچ، ارتقائي اخلاقيات، لامحدود انساني خواهشن ۽ ٻين پاسن کي سمجهندا ته هو هن جينيس فنڪار جي ڏات تي فدا ٿي ويندا. خواب ۽ جاڳ، آدرش ۽ حقيقت، درد ۽ لطف جي اظھار کي نيون معنائون ملنديون! هن پنھنجي زندگي شاعريءَ کي ڏني جتان کيس امرتا عطا ملي. هن کي وئي ڪيترائي سال گذري ويا پر ماڻهو اڄ به سندس ڳالهيون ڪن ٿا ڇو ته هن جهڙو ٻيو شاعر نئين ٽھي ۾ اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي!
ڪينجهر ڪناري جهمپير ۾ رسول بخش درس جي اوطاق هن جو ٻيو گهر هو، جتي روح رھاڻيون ڪندو ھو. سارنگ درس وٽ هن جون جيتريون ڳالهيون ۽ يادون آهن اوتريون سنگت ۾ ٻي ڪنهن وٽ به ناهن. انھي ئي اوطاق تي هن لھندڙ سج، موٽيل جواني ۽ ويندڙ وهي جا افسانا ٻڌا هئا. اهي سڀ سھڻيون جن راڄن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون، اهي جوان جن لارا لپا ڏئي پنھنجو سانگ سجايو ڪيو هو، سي خاڪ ٿي ويا. اهي سڀ داستان ۽ ڪهاڻيون جن تي هن لکڻ لاءِ سوچيو هو، سي اڻ چيون رهجي ويون. سندس لفظ، ڳالهيون ۽ ٽھڪ اڏامي ويا.
يارن سان گهاريل پل ڪيترا به خوبصورت ڇو نه هجن پر وقت گذرڻ کان پوءِ ياد ڪرڻ سان هميشه وڃائڻ جو احساس ٿيندو آهي. هن کان سواءِ هيترا سارا ورهيه خبر ناهي ڪيئن لنگهي ويا، ٻيا سال به ائين ڪٽجي ويندا. پن ڇڻي وري ڦٽي اچن ٿا. گل به موسمن سان ٽڙي پون ٿا پر ماڻهو هميشه لاءِ وڃي ٿو. هو جو زمين اوڍي ستو آهي ته وري اک نه پٽيندو. پوءِ ڪوئل الائي ڪنھن لاءِ ٿي ڪوڪي!
husainkapri@yahoo.com
