سائبر ڪرائم ڪيس جي روداد ”نفرت ڪي دريافت“ متعلق اڪثر سوال ٿيندو آهي ته ان ڪتاب لکڻ جو مقصد؟ جواب آهي ته پاڪستاني عدالتي نظام ۾ ”ڊجيٽل ايويڊنس“ جي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪيل هڪ ڪوشش.
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد وٽ گهر ڀاتين سامهون گاڏي مان لاهي بيھاري گولين سان پروڻ ڪيل عاقب شاهاڻيءٓ جي قتل ڪيس جو جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان فيصلو آيو ته ”ڊجيٽل ايويڊنس“ جي اهميت جو سوال بحث هيٺ آيو هو. ملزم ڊجيٽل ايويڊنس هوندي به بري ٿي ويو.
هاڻي جڏهن نائلا رند ڪيس جو سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي مان ملزم جي حق ۾ فيصلو آيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ”ڊجيٽل ايويڊنس“ تي بحث جاري آهي. سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي مطابق نائلا رند ڪيس ۾ شاهدي گهڻي ڀاڱي آهي ئي موبائل نمبرس تي آيل ۽ ويل ڪال رڪارڊ جي، واٽس ايپ تي آيل ويل نياپن ۽ تصويرن جي.
ڊجيٽل ايويڊنس کان وڌيڪ ڪا ٻي ٺوس شاهدي ٿي نٿي سگهي. اهڙي شاهدي جنھن ۾ انساني عمل دخل تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن اهڙيون شاهديون به ڪمزور ۽ ضعيف آهن، ملزم شڪ جي فائدي سان بري ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ڪرمنل ڪيسن ۾ سواءِ قدرت جي شاهديءَ جي ٻي ڪا سچي شاهدي بچي ئي نٿي. اهڙي شاهدي جيڪا شڪايتي ڌر عدالت سامهون پيش ڪري سگهي. ڇو تہ بندي سان مسئلو نيت جو آهي، ارادي ۽ بدنيتيءٓ جو آهي، اهو مسئلو مشين ۽ سافٽ ويئر سان ناهي.
اهڙي شاهدي جنھن ۾ ارادي، نيت ۽ بدنيتيءٓ جو سوال گهٽ بحث هيٺ اچي، انهي شاهديءَ کي عدالتي نظام ۾ سون جھڙي شاهدي مڃيو وڃي ٿو. انهي سون جھڙي شاهديءَ کي اڄوڪي دور ۾ چئبو آهي ڊجيٽل ايويڊنس(مشيني ۽ سافٽ ويئر جي شاهدي). پاڪستان اندر ويجهي ماضيءَ ۾ عدالتن مان اهڙي شاهديءَ جي بنياد تي نور مقدم قتل ڪيس جو فيصلو مظلوم ۽ متاثر جي حق ۾ آيو آهي. هيٺين عدالت کان عدالت عظميٰ تائين اسلام آباد ۾ مجرم ظاهر جعفر هٿان بيدرديءَ سان ڪٺل نور مقدم جي مقدمي متعلق آيل فيصلا پڙهڻ جھڙا آهن.
ڊجيٽل ايويڊنس جا ڪيس پاڪستان اندر جاچ ڪندڙ ادارن جي عملدارن، وڪيلن ۽ ججن جي مھربانيءَ سان ملزمن جي حق ۾ هليا ويندا آهن. ڊجيٽل ايويڊنس گڏ ڪرڻ، سنڀالڻ ۽ ان کي شاهديءَ طور عدالت تائين پھچائڻ لاءِ جيڪي لوازمات آهن، جيڪو قانون ۾ طريقيڪار طئـ آهي، جاچ آفيسر اهو پورو ڪرڻ جو خيال گهٽ رکندا آهن. وڏي ڳالهه ته شاهديون گڏ ٿيڻ کان عدالت پھچڻ تائين وارو جيڪو مدو هوندو آهي، اهو به هڪ سال کان گهٽ ناهي هوندو، اڌ گواهي ان مدي دوران ئي خراب ٿي ويندي آهي.
سي ڊي آر (ڪال ڊٽيل رڪارڊ)، سي سي ٽي وي فوٽيجس، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائل جي فارينزڪ رپورٽ عدالتن ۾ شاهديءَ طور پيش ڪري جاچ آفيسر وڏو ڪم ڪري ويندا آهن, پر جڏهن گھرائيءَ ۾ سوال ٿيندا آهن ته جاچ آفيسر طئـ طريقيڪار مطابق نه شاهديون گڏ ڪيون هونديون آهن نه وري عدالت ۾ پيش ڪيون هونديون آهن. لازمي آهي ته ان جو فائدو قانون مطابق عدالت جي لاڏلي ٻار کي ئي ٿيڻو هوندو آهي ۽ اهو لاڏلو ٻار هوندو آهي ملزم.
نائلا رند ڪيس ۾ قانون جي وڏين ناليوارين شخصيتن سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي جي قانوني معاونت ڪئي آهي، جن ۾ جناب فيصل صديقي، محترمـ ساره ملڪاڻي، مليحـ ضيا ۽ محمود اختر قريشي جا نالا شامل آهن.
نائلا رند ڪيس ۾ تقريبن 16 شاهدن جا بيان رڪارڊ تي موجود آهن، جن جو عدالتي فيصلي ۾ تذڪرو پڻ آهي.
ڊجيٽل ايويڊنس هوندي جيڪڏهن ملزم بري ٿي وڃي ٿو ته ان جو مطلب آهي، شاهدي جيئن پيش ٿيڻ گهرجي ها، ائين پيش نـ ٿي، جاچ آفيسر انهي جو ڌيان نه رکيو.
هتي ظلم اهو آهي جو سي ڊي آر، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ فارينزڪ رپورٽس جھڙيون شاهديون ٽرائل ڪورٽس ۾ جمع ٿي وڃن ٿيون، اتان ملزم سزا کائي جڏهن اپيل ۾ مٿئين عدالتن ۾ پھچن ٿا ته خبر پئي ٿي ته سي ڊي آر جي رڪارڊ تي رڪارڊ مھيا ڪندڙ جو ٺپو ناهي لڳل. ملزم ان ۾ بري. يا وري سي سي ٽي وي فوٽيجز جتان جا آهن اهي فوٽيجز مھيا ڪندڙ جي عدالت ۾ گواهي ناهي ٿيل. انهي ۾ ملزم بري. جي فارينزڪ رپورٽ آهي ته اها ڊوائيس يعني ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، موبائل فون فارينزڪ ليب جاچ آفيسر ڪيترن ڏينھن ۾ جمع ڪرايا. جمع ڪرائڻ کانپوءِ ليبارٽري فارينزڪ رپورٽ ڪيترن ڏينھن ۾ پڌري ڪئي؟ جي مرحلي ۾ ڪٿي دير ٿي ته ملزم جو شڪ جو فائدو پڪو ٺھيو ته بس پڪ سمجهو بري ٿيڻ جي گنجائش به پڪي. جي اتان قصو اڳتي وڌيو ته سوال اٿندو ملزم کان جڏهن ڊوائيسز ضبط ڪيون ويون ته اهي سيل ڪيئن ڪيون ويون؟ انهن کي ڪھڙي بيگ ۾ رکيو ويو آهي… ضبط ڪرڻ کان وٺي ٿاڻي تائين انهن کي ڪيئن پھچايو ويو؟ جناب جاچ آفيسر کي هوندو آهي سامان کڻائي هلي ٿاڻي تي ڦٽو ڪرڻو، اهو انهن احتياطي تدبيرن ۽ قانوني طئـ طريقيڪار جو ڌيان ئي ناهي ڪندو. لازمي آهي ته پوءِ ان جو اڳيان هلي فائدو ملزم کي ئي ملندو آهي.
پوءِ خبر پوندي آهي ته جيڪي اسڪرين شاٽس، فوٽوز جمع ڪرايا ويا، اهي فوٽو ڪاپي هئا، جيڪا فارينزڪ رپورٽ هئي، انهي رپورٽ کي ليبارٽري ۾ تيار ڪندڙ عملدار عدالت ۾ شاهد طور پيش ئي نـ ٿيو. رپورٽ ۾ جيڪي ننڍيون ننڍيون فني ڳالهيون هيون، اهي شاهدين ۾ بيان ئي نه ٿي سگهيون. جي بيان ٿيون ته انهن جو دفاع ئي نه ٿي سگهيو. ائين ڪيس خراب ٿين ٿا ۽ بيرحم ملزم شڪ جي فائدي تي سزائن کان بچي جيلن مان ٻاهر اچي فتح جا هار پائي گهمن ٿا. معاشري ۾ اها ڳالهه زور وٺي وڃي ٿي ته ڏوهارين کي ٿئي ڪجهه ئي ڪونه ٿو. انصاف جي نظام تي شھرين جو ويساهه گهٽ هجڻ ڪري، انهي شڪ جي فائدي جو مزو به مجرم ئي وٺن ٿا.
