Homeادبڪالمچمبڙ مدرسي ۾ زيادتي بعد فوت ٿيل معصوم عمران جو نوحو

چمبڙ مدرسي ۾ زيادتي بعد فوت ٿيل معصوم عمران جو نوحو

چمبڙ کان سنجر چانگ طرف ٿورو اڳتي زرداري وارو پڪو(روڊ) آھي. ان تي نئين دمبالي کان ٿورو پھريان گشڪورين جا ڳوٺ اچن ٿا. انھن ڳوٺن وٽان ھڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو، جنھن جي ٻنھي پاسي مرچن ۽ چھچ ساون وونئڻن جا فصل پوکيل آھن.
ھي ان ئي سائي ستابي علائقي جي اذيتناڪ ڪھاڻي آھي، جتي مدرسي ۾ الزام ھيٺ آيل ساٿي کٿاڀي نور علي ٻٻر ھٿان مسلسل زيادتي جو شڪار ٿيندڙ ٻارنھن سالن جو عمران ڪورائي چمبڙ جي بنيادي صحت مرڪز اندر وحشتن جو ھيءُ جھان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ويو.
ھيءُ اھو علائقو آھي جتي ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جا روڊن تي تصويرن وارا بورڊ نظر اچن ٿا. ڳوٺ سونو خان ڪورائيءٓ واري رستي تي ھڪ ھنڌ ڄام عبدالواحد ھاليپوٽي جي اوطاق جو بورڊ به نظر ايندو ھي اھو ئي عبدالواحد ھاليپوٽو آھي جنھن وٽ بلاول ڀٽو اچي رات رھيو ھو. سنڌ حڪومت ۾ وڏي وزير جي خاص معاون جون ذميواريون به ڄام صاحب حوالي آھن. ميڊيڪل رپورٽ ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر راڻي مطابق فوتي ٻار جي جسم تي اھڙا نشان ۽ شاھديون مليون آھن، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ھو ڪنھن وحشيءٓ جي چنبي ۾ ھو. پوليس جاچ مطابق گرفتار ملزم نور علي ٻٻر مدرسي ۾ عمران جو ساٿي طالب آھي ۽ ان فوت ٿيل ٻار سان پندرنھن ڏينھن کان زيادتي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي.
ٽنڊي الھيار اندر 2023 دوران به ھڪ ٻار نريش ڪمار سان زيادتي بعد قتل جو واقعو پيش آيو ھو. انھن ملزمن به ڏوھ لڪائڻ جي وڏي اٽڪل ڪئي ھئي، پر پوليس کين پڪڙي ورتو. عمران جي ڪيس ۾ مدرسي جي منتظم ملان رياض ڪاريو خبر ھئڻ باوجود ڏوھ تي پردو وڌو. زيادتي ڪندڙ ساٿي کٿاڀي(ملزم) نور علي به ماٺ ۾ رھيو، پر ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاھ مدرسي جي ھر ٻار سان ملي، ڏوھاريءٓ خلاف اھڙيون ان ڳڻيون شڪايتون وصول ڪري، ثابتين سان ان نتيجي ۽ ملزم تائين پھتو. ٻن ڏينھن تائين ملزم جاچ ڪندڙن وچ ۾ ساڌ ٿي گهمندو رھيو.

مينھُن جي ڌراڙ علي نواز ڪورائي ٽوال سان اکيون اگهندي ميار پئي ڏني ته منھنجي ٻچي جو اسان وٽ اڃا تائين راڄ جي چونڊيل ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن مان ڪوئي ڏک ونڊڻ به ناھي آيو. جيڪي ڏکيءَ ويل ڪم نه اچن، انھن سان اسان جو ڪھڙو رشتو.
ٻارن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ساحل مطابق گذريل سال پاڪستان اندر 3036 ٻار زيادتيءَ جو شڪار ٿيا آھن.
گهر ۾ عمران جي ٽن ڀينرن ۽ ھڪڙي ننڍي ڀاءُ کي گڏ ويھاري زارو قطار روئندڙ ماءُ زيب النساء چيو پئي ته منھنجو مور ويو ھليو، منھنجو ٻچو ويو ھليو… چوندو ھو، آئون حافظ ٿيندس ۽ پڙھندس. ھو سومر ڏينھن ٺيڪ ٺاڪ مدرسي ويو ھو ۽ ٽن ڏينھن بعد ھن کي الائي ڇا ٿيو، منھنجو ٻچو مونکان کسجي ويو.
انصاف ۽ قانون جون تقاضائون پنھنجيءَ جڳھ تي آھن، اھڙن والدين جون آھون ۽ دانھون مجرمن ۽ ظالمن کي يقينن سک جو ساھ کڻڻ نه ڏينديون.
ھيءُ ڪيس چمبڙ ۽ ٽنڊي الهيار سان لاڳاپيل ھڪ سنگين ڏوھ جو ڪيس آھي. مجرمن کي قانون مطابق سزا اچڻ گهرجي، جيڪي ڪافي چالاڪ به معلوم ٿين ٿا. علائقي جي باشعور ماڻهن کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ وارثن کي وڪيل ڪري ڏيڻ کان خرچ پکي تائين جي ھمت ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ھو ڪيس جي لازمي پوئيواري ڪري سگهن. ڪيس جي فريادي ۽ ٻار جي والد علي نواز ڪورائيءٓ جي اھا مالي پھچ ناھي جو ھو نئين دمبالي کان ٽنڊوالهيار اچي شنواين تي عدالت پھچي.
ڳوٺ وارن مطابق عمران نعت شريف ڏاڍي سھڻي انداز ۾ پڙھندو ھو، اھو مٺو مرسل صہ ئي مجرمن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪارو ڪندو ۽ سزا ڏياريندو، جنھن جي نالي اچڻ تي عمران اکيون چمندو ھو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا