Homeادببلاگڪرسٽوفر نولن جي فلم اوڊيسي ۽ جديد انسان جو وجودي بحران

ڪرسٽوفر نولن جي فلم اوڊيسي ۽ جديد انسان جو وجودي بحران

جيڪو اسان لفظ ناسٽلجيا استعمال ڪندا آھيون، اھو ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آھي: ”ناسٽوس“ جنھن جي معنا گهر ڏانھن واپسي ۽ ”الگوس“ جنھن جي معنا آھي پيڙا. ٻين لفظن ۾ ناسٽلجيا گهر واپس ورڻ جي تڙپ ۽ پيڙا آھي. ادب ۾ جيڪي ناسٽلجيا تي ٻڌل تخليقون آھن، پوءِ اھي پنھنجي گهر، پنھنجي ماضي يا پنھنجي وطن جي سڪ تي ٻڌل ڇونہ ھجن، تن جو بنياد يوناني شاعر ھومر جي اوڊيسي مان آيو آھي. اھو چيو ويندو آھي تہ اڻويھين صديءَ تائين اولھہ جي فڪشن جو ھر ڪتاب يا تہ اوڊيسي مان اتساھيل ھوندو ھيو يا وري اليئڊ مان. پر خاص طور تي ھومر جي اوڊيسي، اڃا تائين مغربي اجتماعي ادبي بيانيي جي پاڙ ۾ ويٺل آھي.
اوڊيسي جو داستان، ڏھہ سال پنھنجي وطن کان پري ٽراءِ واري جنگ ۾ وڙھندڙ سورمن جو پنھنجي گهر واپس ورڻ واري تڙپ جو داستان آھي. يوناني سورمي اوڊيسس ۽ سندس ساٿين جو اھو سفر اڃا ٻيا ڏھہ سال جاري رھيو. اُنهيءَ سفر ۾ کين پاڻ کان وڏين قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻو پيو، جو ديوتا کانئن ناراض ھئا. انهن ۾ ھڪ اک وارو راڪاس بہ ھو تہ انسانن کي سوئرن ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏائڻ بہ. انهن ۾ ڪنول جا گل کائي، پنھنجي مقصد کان غافل ٿيڻ وارا ماڻهو ھئا تہ پنھنجي موسيقيءَ ذريعي پاڻ ڏي ڇڪي ھڙپ ڪرڻ واري مخلوق بہ ھئي. اتي ستن سالن تائين پنھنجي موھ ۾ ڦاسائيندڙ جل پري ڪيلسپو ھئي تہ غوراب کي غرق ڪرڻ وارا ڪُن بہ. پر ھر قسم جي رنڊڪ ۽ مصيبت ھوندي بہ پنھنجي مقصد جي ويجهو وٺي ويندڙ جنگ جي جدوجھد جو فڪر، جيڪو اڄ کان ٽي ھزار سال اڳ جي ماڻهن لاءِ اتساھيندڙ ھو، سو اڄ جي جديد انسان جي لاءِ بہ ايترو ئي اتساھيندڙ آھي. اوڊيسي، انسان جي جدوجھد جي استعاري طور ھر دور ۾ زندہ رھي آھي.
اھو ئي سبب آھي تہ اوڊيسي کي شاعرن، ناول نگارن، ڊراما نويسن ۽ فلم سازن هر دور ۾ نئين سر تخليق ڪيو آهي. ھر دور جي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ اوڊيسي کي نئين نموني جنم وٺڻو پوندو آھي. سفر، مھم جوئي ۽ ڪردار جي آزمائش واري هومر جي روايت کي ورجل، سروانٽيس، شيڪسپيئر، ملٽن ۽ اڻ ڳڻين ليکڪن اڳتي وڌايو. جديد ادب ۾ جيمس جوائس ”يوليسس“ ۾ هن رزميائي سفر کي ڊبلن جي هڪ ئي ڏينھن ۾ سمائي ڇڏيو. مارگريٽ ايٽوڊ ”دي پينيلوپيڊ“ ۾ اوڊيسس جي وفادار زال پينيلوپي ۽ ڦاسي ڏنل ٻارهن ٻانهين جي نظر سان ڪھاڻي ٻيھر بيان ڪئي. جڏهن تہ ميڊلين ملر ”سرسي“ ۾ هومر جي دنيا جي هڪ اهم عورت ڪردار کي پنھنجو آواز ڏنو.
ڪرسٽوفر نولن جي فلم ”اوڊيسي“ کي بہ هومر جي ان ڊگهي ۽ مسلسل نئين تخليق ٿيندڙ روايت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڪرسٽوفر نولن هڪ قديم رزميائي داستان کي ايڪويھين صديءَ جي نفسياتي ۽ وجودي مسئلن کي ڦلھورڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي.
نولن جو اوڊيسس، رڳو ٽراءِ جي جنگ کان پوءِ پنھنجي وطن، اٿاڪا ڏانھن موٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو فاتح جنگجو ناهي، پر ھُو جنگ ھٿان نفسياتي طور ڦٽيل انسان آهي. سندس سفر رڳو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين جو سفر نہ، پر وجودي سفر پڻ آھي. اھو سفر پڇتاءُ ۽ ٻيھر اصلوڪي معصوميت ڏانھن موٽڻ جو سفر پڻ آھي.
ھومر جي اوڊيسي ۽ اليئڊ ۾ اوڊيسس ھڪ انتھائي پيچيدہ ۽ نقص واري ڪردار طور ڏيکاريو ويو آھي. اھو روايتي سورمن وانگي ڪو ڪامل انسان ناھي. اھو بھادر تہ آھي، پر سندس اصل خاصيت دولاب ۽ ڪوڙ آھي. سندس جنگ ۾ اھم ڪردار اھو بہ آھي تہ ھُن ئي ٽراءِ وارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ دولاب جو سھارو ورتو. جڏھن ڏھن سالن کان پوءِ بہ يوناني فوجي، ٽراءِ کي شڪست ڏئي نہ سگهيا تہ ھنن اعلان ڪيو تہ اھي واپس وڃي رھيا ھئا ۽ ٽراءِ جي لاءِ تحفي طور ھڪڙو وڏو ڪاٺ جو گهوڙو ڇڏي پيا وڃن. اصل ۾ اُنهيءَ گهوڙي ۾ اوڊيسس سوڌو ڪجهه يوناني فوجي لڪي ويٺا ھئا. ٽراءِ وارا اُنهيءَ گهوڙي کي پنھنجي شھر جي اندر کڻي ويا. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪاٺ جي ان گهوڙي جي پيٽ مان اوڊيسس نڪري ٿو. سندس ساٿي، چوري شھر جا دروازا کولي ٿا ڇڏين. رات جي اوندھہ ۾ يوناني فوجي شھر ۾ داخل ٿي، ٽراءِ جي شھرين جو قتل عام ڪن ٿا. نولان جي اوڊيسي ۾ اوڊيسس اُنهيءَ پڇتاءُ جو شڪار ھوندو آھي تہ سندس دولاب جي ڪري ايڏو وڏو قتل عام ٿيو. کيس اُنهيءَ جو بہ افسوس ھوندو آھي تہ ھُن پنھنجي تھذيب جي روايتن کي پائمال ڪيو. جڏھن اوڊيسس آخر ۾ پنھنجن سڀني ساٿين کي وڃائي، اڪيلو پنھنجي ملڪ اٿاڪا ۾ ھڪڙي فقير جي ويس ۾ پھچي ٿو، تہ اتي بي خبر پينيولوپي جي اڳيان اُنهيءَ پڇتاءُ جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو:
” جيڪڏهن اهو اوڊيسس، جنھن کي تون سڃاڻيندي هئينءَ، پنھنجو رستو وڃائي ويٺو هجي تہ؟ جيڪڏهن… هڪ رات، ڪنھن اجنبي شھر ۾، هُن اهڙيون شيون ڏٺيون هجن، جن کيس اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو هجي تہ جنھن گهر سان سندس واقفيت ھئي، اتي هاڻي ھُو رهي ئي نٿو سگهي. جڏهن هُو گهوڙي جي پيٽ مان ٻاهر نڪتو ۽ ھُن ٽراءِ جا دروازا کوليا، تڏهن هُن ڏٺو هجي تہ ڏهن سالن جي ڪاوڙ ۽ غضب هڪ ئي رات ۾ ان شھر تي ڪاهي پيئي ھئي. اسان انهن لاءِ امن جي نذراني طور هڪ تحفو ڇڏيو هو ، جيڪو هُو پنھنجي گهر اندر کڻي ويا. اسان ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجهہ بہ مقدس هو، اسان انھن سڀني جي ڀڃڪڙي ڪئي. اسان جنگ کي شڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ٽراءِ جي ڀتين کي ساڙڻ، پنھنجي گهر سوڌو سڄي دنيا کي ساڙڻ برابر هو. ڪاش! جيڪڏهن کيس اُنهيءَ رات، باهہ، افراتفري ۽ اذيت مان گذرندي، ۽ پوءِ پگهر سان ڀريل جشن جي هُل ۾، اھو احساس ھجي ھا تہ هن ڇا ڪيو ھو.“

ڪرسٽوفر نولان جي ٻين فلمن وانگر ھيءَ فلم بہ نھايت شاندار آھي. آئي ميڪس ٽيڪنالاجيءَ سان فلمايل هيءَ فلم ڏسڻ ھڪڙو خوبصورت تجربو آھي. فلم جا جنگي منظر، ٻيڙيون، راڪاس، قدرتي منظر ۽ سفر جا مختلف مرحلا صدين کان انسان جي تخيل ۾ رهندڙ ڪھاڻيءَ کي ھڪڙو وجود ڏين ٿا.
پر جنھن ڳالهه مونکي حيران ڪيو، سا اُنهيءَ جي موسيقي آھي. نولان ھن فلم لاءِ موسيقي لاءِ اھي ساز استعمال ڪرڻ پئي چاھيا، جيڪي ٽي ھزار سال اڳ يونان جي اُنهن علائقن ۾ وڄايا ويندا ھئا. اُنهيءَ ۾ مکيہ ساز آيولوس آھي، جيڪو ٻن بانسرين تي مشتمل آھي. ھاڻ اھو ساز يونان مان ختم ٿي ويو آھي. مون جڏھن اُنهيءَ تي ڪجهه تحقيق ڪئي تہ خبر پئي تہ اھو ساز اسان جي الغوزي جھڙو آھي، جيڪو اسان وٽ اڃا زندھ آھي. ڇا قديم سنڌ ۽ يونان جا پاڻ ۾ ايترا لاڳاپا ھئا جو ھنن ٻنھي ديسن ۾ ساڳيا ساز استعمال ٿيندا ھئا، جيڪي ٻي دنيا ۾ استعمال نہ ٿيندا ھئا؟ اھو سوال منھنجي لاءِ اسرار آھي. سڄي فلم ۾ توھان کي قديم الغوزي جھڙو اھو ساز ٻڌڻ ۾ ايندو، جيڪو توھان جي روح ۾ گهڙي ويندو. خاص اُنهيءَ منظر ۾ جڏھن اوڊيسس، جبلن جي ڏانئڻ سائرن جي موسيقي ٻڌندو آھي، جيڪا کيس اندر ۾ موجود پڇتاءُ کي جاڳائيندي آھي ۽ جنھن کي ٻڌي ھُو بي قابو ٿي ويندو آھي. اھو منظر، اُنهيءَ جي موسيقي ۽ انھن تي ميٽ ڊيمن جي اداڪاري، فلمي فن جو شاھڪار آھي.
فلمن تي ڪلاسيڪي اسڪالرن، ھومر کي ترجمو ڪندڙ ايملي ولسن ۽ فلم جي نقادن جي تنقيد باوجود ھومر جي اُنهيءَ دنيا کي ٻيھر زندہ ڪرڻ ۽ اُنهيءَ کي اڄ جي دور جي وجودي بحران سان ڳنڍڻ نولان جي ھڪ ساراھ جوڳي ڪوشش آھي. ھيءَ فلم ھڪڙي تھذيب کي وري جيئارڻ ۽ انهن گيتن کي وري ڳائڻ جي ڪوشش آھي. جيئن فلم جي آخر ۾ پينولوپي ۽ اوڊيسس چوندا آھن:
پينيولوپي: رڳو قصا ڇو ڳايا ويندا آھن؟
اوڊيسس: ڇاڪاڻ تہ اسان جيڪي ڪجهه لکي سگهندا آھيون، انهن مان رڳو گيت ئي زندھ رھندا آھن.
پينولوپي: تھذيب وري زندھ ٿيندي.
اوڊيسس: ھن اونداھي دنيا تي وري پرھ ڦٽندي.“

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا