بس ۾ ماڻهن جي چُرپُر تي اَکِ کُلي ته معلوم ٿيو ته اسانجي بس اِزمير پُڄي چُڪي ھُئي. مون اُٿي پنھنجو سامان کنيو. مَواليءَ جي گهر کي باھ لڳي ته ھن پنھنجو ڏنڊو ڪُونڊو کڻي چيو،” ھاڻي اُڪو ئي باھ لڳي.“ سو مان به سفر ۾ پنھنجي ڪتابن ۽ ڊائريءَ وارو ٿيلهو پھرين هٿيڪو ڪندو آهيان، پوءِ باقي سڀ خير آھي. اڪثر سامان گم به ٿيو اٿم. 2012 ۾ سردار شاھ ۽ مان هيوسٽن کان واشنگٽن گڏ پئي آياسون ته منھنجو سمورو سامان گم ٿي ويو ۽ اقبال ترين گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر نه جو نه مليو. سردار شاھ جا ڪپڙا پائي، مان واشنگٽن مان موٽي آيس ۽ ھو وري ڪوسٽاريڪا هليو ويو. اسان قونيا کان نَوَ ڪلاڪ ميٽرو بس ۾ سفر ڪري، اِزمير پھتا ھُئاسون. مونکي ته سفر جو پندرھون ڪلاڪ ھو، جو ڇھه ڪلاڪ قونيا جي بس اسٽاپ تي به گذريا ھئم، پر اورھان پاموڪ جو ناول ”منھنجو نالو سُرخ آھي“ پڙھندي، وقت سٺو گذريو ھو. اِھو پرھَ ڦُٽيءَ جو وقت ھو ۽ مون سوچيو، جيستائين سِجُ آرس ڀَڃيِ اُڀري بيھي، تيسين تُرڪش سيلماني چانھن جي ٻن ڪوپن جو دور ھلائجي. سيءُ ته ھتي به ھو، پر قونيا وارا قھري پارا نه ھُئا. قونيا ۾ ته سيءَ سٺي خبر چار ورتي ھئي.

مون سامان وڃي چانھن جي ھڪ عوامي ڪيفي اندر رکيو ۽ بيري کي چانھن جو چيم. ڪيفي ۾ ھلڪي موسيقي به ھلي رھي ھُئي، جيڪا ماحول ۾ وڻندڙ احساس پيدا ڪري رھي ھُئي. ڪوشش ڪيم ته ھنن کان اندر شھر وڃڻ جو ڪو ڏس پَتو يا بس جو ئي کڻي نمبر معلوم ڪيان، پر ھتي ٻوليءَ جو وڏو مسئلو آھي. ڪاڇي جي برھماڻين، غيبي ديري جي چانڊين يا ننگر جي ڪولهين سان ته وري به انگريزيءَ ۾ ڪي لفظ ڳالهائي سگهجن ٿا، پر ھتي اھو به ممڪن نه ھو. سو مون اڳتي جو سوچڻ ڇڏي، چانھن، صبح جي ٿڌي پَھرَ ۽ ھلڪي موسيقي تي ئي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ترڪيءَ ۾ چانھن ٺاهيندڙ ۽ ڪيفيز ۾ چانھيون ڏيندڙ بيرا پاڻ سڄو ڏينھن پيا اھي تُرڪش معنا سليماني چانھيون پيئندا آھن. ھتي به ڪُلَ چار ھمراھ ھُئا ۽ چارئي ھلندي ڦرندي پاڻ به چانھن جا چَسڪا وٺي رهيا ھُئا. سوچيم جي وتائي فقير جي ڳالهھ وانگر ھي ھوٽل ھنن جو ھو ته پوءِ ھنن کي به ڦٻنديون اھي چانھيون ئي. باقي جي مالڪ ڪي ٻيا آھن ته پوءِ اُھي آسرو وڃي ڪنھن ٻئي ڪم مان ڪن. اُتي ماضيءَ جو ھڪ دلچسپ قصو ياد آيو. 1992 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ ۾ ليکڪ ۽ صحافت جي استاد آغا رفيق فوٽو اسٽيٽ جو ھڪ دُڪان کوليو ھو. جاويد ڀُٽو آغا رفيق جو شڪارپور کان ننڍپڻ جو گِھرو دوست ھو. جاويد ڀُٽو جيترو گهڻ پڙهيو ۽ عالم شخص ھو، اوترو ئي زنده دل ۽ دوستن سان مستيون ۽ مشڪريون ڪرڻ وارو ماڻهو به ھو. جاويد ڀُٽو ۽ مان ڪجهھ پَنا فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ آغا رفيق واري فوٽو اسٽيٽ جي ڪارنر تي وياسون. اسان کان فوٽو اسٽيٽ ڪندڙ ڇوڪري اھو سمجهي ٿورا کُليا پئسا نه ورتا جو ھن سمجهيو ته آغا رفيق جا دوست آھن. ان تي جاويد کي مشڪري سُجهي. چيائين ته رات جو آغا رفيق کي تنگ ڪرڻو آھي. نيٺ رات جو عبدالقادر جوڻيجو، جاويد ڀُٽو ۽ مان آغا صاحب جي گهر وياسون ۽ جاويد وڏو داستان ٺاھيو ته جامي ۽ مان تنھنجي فوٽو اسٽيٽ ڪارنر تي وياسون، ۽ ڏٺوسون ته ھو ڇوڪرو اڪثر ماڻهن کان اھو چئي فوٽو اسٽيٽ جا پئسا نه پيو وٺي ته توھان سائين آغا صاحب جا دوست آهيو. توھان کان ڪھڙا پئسا وٺجن. پوءِ ته آغا صاحب جو ردعمل ڏسڻ وٽان ھو. چئي مان به چوان، دُڪانُ ڪمائڻ بدران نقصان ۾ پيو وڃي. عبدالقادر جوڻيجو ته ھونئن ئي وڏو داستان گو ھو، سو ھن به مزو وٺڻ خاطر ڪجهھ قصا اُتي جو اُتي ٺاھي ٻڌايس. ٻئي شاھد مونکي ڪيو ويٺا ھُئا. ڪيترا ڪلاڪ آغا صاحب کي تنگ ڪري نيٺ جاويد ٻڌايس ته اھو سڀ ڀوڳ ھو. آغا رفيق جاويد کي پيار ۽ پنھنجائپ ۾ ننڍپڻ کان ’جائو‘ سڏيندو ھو، سو ويتر بخيل ٿيندي چيائين ته ”جاوا! تون اندر ۾ سُرخو آهين، سو ھاڻي ڪم واري ڇوڪري تي اجايا ڪَکَ پيو رکين. منھنجو ڀل جُهڳو ئي جهَڻِ ٿئي !“ جاويد جي شرارتي کِلَ ھن جي شڪَ کي ويتر پڪو ڪري رھي ھُئي. جڏھن مون کيس پڪ ڏني، تڏھن وڃي آغا صاحب کي ويساهه آيو. ھتي ته جي ڪيفي ۾ مالڪ اچي ھا ته صدمي ۾ سندس هنيانءُ ڦاٽي پوي ھا.

ڪلاڪ کن ۾ ڏينھن ٿي چڪو ھو، سو سامان کڻي وڃي ٻاھر بيٺس ته اِزمير شھر وڃڻ جو ڪو ڏس پتو معلوم ڪجي. ڏٺم ته بسن مان لھندڙ سڀئي سياح ڏاڪڻيون لھي، اولھھ طرف وڃي رهيا ھئا. سو سمجهيم ته دَڳُ ته اھو ئي ھوندو. گهڻن ئي ماڻهن کان پُڇيم، پر وَريو ڪجهھ ئي نه. نيٺ ھڪ معتبر پوڙھِي پروفيسر، جنھن ٻڌايو ته ھوءَ استنبول مان ڌيءُ سان ملڻ آئي ھئي، نه رڳو دَڳ سمجهايو، بس واري کي پارته ڪئي ته ھو مونکي اوتوگار کان اڳيان ڪَونَڪ جي آخري ساحلي اسٽاپ تي لاھي، پر بس ۾ منھنجو ڀاڙو به هن پنھنجي ڪارڊ سان ڀريو. ايئن مون سان قونيا ۽ سِليءَ ۾ به ٿيو ھو. ان مان ظاھر ھو ته ھتي مقامي ماڻهو مسافرن يا سياحن کي نه رڳو پسند ڪن ٿا، پر ضرورت پوڻ تي سھڪار به ڪن ٿا. ترڪيءَ ۾ سفر ۾ اھو وڏو مسئلو آھي ته بس ۾ ڪرايو ڪيش نه، پر ڪارڊ ذريعي ئي ڏئي سگهجي ٿو. مٿان مصيبت ته ھر شھر جو ڪارڊ پنھنجو آھي، جو اھا آمدني لوڪل حڪومت جي ھوندي آھي. بس ھلڻ شروع ڪيو ته پھرئين ڏيک ۾ شھر جي ترقياتي ڍانچي متاثر نه ڪيو. 1922۾ ڪمال اتاترڪ ھي شھر يونانين کي شڪست ڏئي، ترڪي ۾ ٻيھر ۽ حتمي طرح ضم ته ڪري ڇڏيو، پر ھڪ صدي گذرڻ کان پوءِ به شھر جي اُھا مالڪي نظر نه ٿي آئي، جيڪا تُرڪيءَ جي ھر وڏي شھر ۾ نظر ايندي آھي. جڏھن ته استنبول ۽ انقرہ کان پوءِ ازمير ترڪيءَ جو ٽيون وڏو شھر آھي، جنھن جي آبادي اڌ ڪروڙ جي برابر آھي. مان ته ھونئن به جديد شھر لاءِ نه پر اِزمير جي قديم پاڙن ۽ انجي حَسين ساحل لاءِ وڃي رهيو ھوس. نيٺ بس وڃي اڌ ڪلاڪ اندر آخري اسٽاپ تي ڪونَڪ جي ساحل تي لاٿو. وري مسئلو ته ھوٽل ڪٿي ۽ ڪيئن وٺجي؟ اھو ته سمجهھ ۾ اچي چڪو ھو ته ٽيڪسيءَ کان سواءِ ڪو چاڙھو نه ٿيندو. پاسي ۾ ئي پنج ست ٽيڪسين وارا بيٺل ھئا. ھڪ جُهوني کي وڃي چيم ته ”آبي!“ ته پنھنجائپ مان ڏٺائين- جو تُرڪيءَ ۾ آبي وڏي ڀاءُ کي چئبو آھي. پُڇڻ تي جو ٻڌايومانس ته پاڪستان مان آيل آهيان ته سڀني ٽيڪسين وارن کي وڏی خوشي ۽ جوش مان وڏي آواز چوڻ لڳو ته ’ھي ڪاردش (معنيٰ دوست) پاچستان جو مسلمان آهي.‘ مذھب جو ٻُرڪو اڄ ڪلهھ تُرڪن تي مڙئي ڪجهھ سَرسُ آھي، سو پڇيائين ته ھوٽل مھانگو، وچولو يا بنھھ سَستو ھجي. سو چيومانس ته وچولو ھجي. اسانجي اھا سڄي گفتگو گوگل ترجميڪار معرفت ٿي رھي ھُئي. نيٺ وڏي شاھراھ ۽ نئين بازار جي کاٻي پاسي ٽيڪسي اچي ھڪ چڱي ھوٽل آڏو بيھاريائون، جنھن جو نالو علي سان لکيل ھو. سمجهيم ته اھو نالو علي جان آھي، جو تُرڪَ جيم کي سين لکندا آھن.

ڪجهه ئي دير ۾ مان پنھنجي ھوٽل جي چوٿين ماڙ جي گئلريءَ ۾ بيٺو ھوس ۽ منھنجي ساڄي پاسي اِزمير جي سَمنڊ جو ڪَونَڪ وارو حسين ساحل ھو. سامھون ازمير جو قديم شھر جيڪو جبل تي ھو ۽ کاٻي پاسي شھر جو جديد پاسو ھو. جيئن مون چاهيو ٿي، ھوٽل ۽ ڪمرو اھڙو ئي مليو ھو. لڳي ٿو ٽيڪسيءَ وارو ڪاردش پَھرُ وھي ويو ھو. مان چڱي دير تائين گئلريءَ مان شھر جي قديم پاسي کي ڏسندو رهيس. اھو ھڪ خواب ٿي لڳو ته مان قديم يوناني شھر ازمير ۾ ھوس، جيڪو ھومر جو شھر ھو. ھومر ھتي ئي ڄائو ھو ۽ سڄي ڄمار ھن ئي تاريخي شھر ۾ گذاري هئائين. ھن شھر سان ملاقات 2015 ۾ ٿيندي ٿيندي رھجي وئي ھُئي، جو ڊاڪٽر آڪاش ۽ مان استنبول مان قديم رومن شھر ايفيسس وڃي رھيا ھُئاسون، ته اسان اَسُرَ جو ناشتو ازمير ۾ ئي ڪيو ھو. جيئن ته ازمير ان ٽوئر جو حصو نه ھو، انڪري بس رڳو اڌ ڪلاڪ لاءِ ئي بيٺي ھُئي ۽ اھو ارمان دل ۾ رھجي ويو ھو ته ازمير نه گُهمي سگهياسون. اڄ ان خواب جي ساڀيان ٿي ھُئي. رڳو ھومر ڇو، يونان جي پھرئين فلسفي ٿاليس جا ٻه وڏا شاگرد اناڪساغوراث ۽ اَناڪسي يمندر به ته ھن ئي شھر جا ھُئا. زينوفينس به ھن ئي شھر ۾ ڄائو ھو. ڊايوجينس جو تعلق به ھن ئي شھر سان ھو، جنھن جو قديم نالو ازمير نه هو، پر سمائرنا ھو. ھن شھر جو نالو تُرڪن تبديل ڪيو، جيئن مسلمانن اتر پرديش جي تاريخي شھر پرياگ جو نالو تبديل ڪري، الھه آباد رکي ڇڏيو. قديم شھرن يا ماڳن جون سُڃاڻپون مذھب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي برابر آھي. ”مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي” جي مصداق منھنجي سامھون اُھو قديم شھر ھو، جنھن تاريخ جا وڏا لاها چاڙھا ۽ رنگ ڏٺا ھُئا، پر ساڍا اَٺَ ھزار سال پراڻو ھيءُ شھر وری به ڪو موهن جو دڙو نه ھو، پر ھڪ جيئرو شھر ھو.

سڄي رات جي سفر جو ٿَڪُ به ھو، پر مون سُمهڻ نه ٿي چاهيو، مون شھر جي جديد پاسي بجاءِ ان جا پُراڻا پاسا ۽ پاڙا گهمڻ ٿي چاهيا. خاص طور اِزمير جھڙن قديم تاريخي شھرن کي جديد بازارن ۽ گاڏين ۾ گهمي نه ٿو سگهجي. ٽوئرسٽ بس ۾ شھر کي گهمڻ جو ارادو ٻئي ڏينھن لاءِ ترڪ ڪيم. ڪنھن به شھر سان تعارفي سفر مان پنڌ ئي ڪندو آهيان. ڪپڙا تبديل ڪري شھر گهمڻ لاءِ هيٺ لٿاسون ته رسيپشن واري ھمراھ سَڏُ ڪري چيو ته وڃي ناشتو ڪر، جيڪو لڳو پيو آھي. اھڙو تجربو اڳ ۾ ڪڏھن نه ٿيو ھو، جو عام طور ھوٽل ۾ رھڻ دوران ناشتو ٻئي ڏينھن صبح جو ڪري سگهبو آھي. مون کي به بُکَ چڱي لڳي ھئي ۽ وري تُرڪش ناشتو ته سڄي دنيا ۾ مشھور آھي، جو ان کي خاص طور تُرڪش ناشتو چئي، اسم خاص ڪري ڇڏيو اٿن. تُرڪيءَ ۾ باقي سڄو ڏينھن ڀل ته جُڳاڙ سُڳاڙ تي ڪم ھلي، پر ناشتو اسانجي پياري دوست سائين علي دوست عاجز وانگر ھنن جي ڪمزوري آھي. علي دوست کي به تُرڪي گهمڻ جو وڏو شوق آھي. مونکي اڪثر پيو چوندو آھي، پر جي تُرڪش ناشتي جو تجربو ٿيس ته ھتي لڏي اچڻ لاءِ به سوچي سگهي ٿو. اوٻاريل بيدا، آمليٽ، چيز جا انيڪ قسم، زيتون (اولِوِ) جا اڪيچار قسم، ماکي، مکڻ، ھنداڻا، گدرا، ٽماٽا، کيرا، ڄانڀي جا پنَ، ساوا ڌاڻا، آئيس برگ، گوشت جا ساسيجز، ڊبل روٽيون، تازي ڏھي، مَھيءَ جھڙي گهاٽي لَسي، ڪافي ۽ تُرڪش چانھن. اسان جو ھڪ بزرگ مائٽ جنھن کي اسان ننڍپڻ ۾ ڏاڏو اسحاق چوندا ھئاسون، اُھو جڏھن ڪنھن ڪاڄ ۾ ويندو ھو ته پوءِ ٻه ڏينھن ماني نه کائيندو ھو. مانيءَ جو پُڇبو ھوس ته چوندو ھو، ”ابا ڪاڄ مان ھڪ ئي ڍئو ڪري آيو آهيان.“ سو اڄ مون به ايتريون شيون ڏسي ھڪ ئي ڍئو ڪيو. ھاڻي جي ٻه ڏينھن ماني نه ملي ته به خير ھو. ناشتو ڪري، لابيءَ ۾ ويھي پنھنجي استاد سائين محمد ابراهيم جويي جي روايت تي عمل ڪندي، تُرڪش سيلماني چانھن جا ٻه ڪوپ پيتم.
(هلندڙ)

تمام بھترين سفرنامو لکيو آھي جامي صاحب.
خوبصورت ❤️
تمام بهترين ڄاڻ سان ڀرپور سفرنامو ۽ جامي صاحب جي ٻوليءَ جو رس ئي نرالو آهي
It is a very informative travelogue and beautifullywritten.