Homeادبسفرناموپئسفڪ ڊائري -1

پئسفڪ ڊائري -1

نياز نديم
نياز نديم
نياز نديم ھڪ ليکڪ ۽ ڪلچرل ايڪٽوسٽ آھي. ھو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مادري ٻولين جي ادبي ميلي جو باني پڻ آھي. پاڻ ڪيترين ئي ملڪي توڙي عالمي خانگي تنظيمن سان ھم عھدن تي ڪم ڪندو رھيو آھي. ھڪ ليکڪ طور ھن ڪيترا ئي ڪتاب ترجمو ڪيا آھن ۽ مضمون پڻ لکيا اٿس.

سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ سبب سمنڊ سان سڱ ته پراڻو هو، پر سمنڊ جي سنگت ۾ رهڻ جو موقعو ملڻ کان اڳ
ئي مان پھاڙن کي پيارو ٿي چڪو هوس. جوڀن جا جيڪي ڏينھن پريالوءِ جي پاند ۾ گذرڻا هئا، اهي
خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪڏهن ڄامشوري جي پٿريلن پَٽن جي حوالي ٿي ويا. وري جڏهن ڄامشوري
مان جلاوطنيءَ جو جواز بڻيو ته مارگلا جي مٽي ماڳھين اهڙي راس اچي وئي، جو اٽڪل عمر جو
اڌ اسلام آباد جي اجنبي سيڪٽرن ۾ ئي گذري ويو. اسان جي نسل تائين ته اهو مشھور هو ته اسلام
آباد جو ڪوئي ناهي ۽ نه ئي وري اسلام آباد ڪنھن جو آهي. پر اسان جا ٻار اهو چئي سگهن ٿا ته
اهي اسلام آباد جا آهن، جو اهي اتي ئي وڏا ٿيا ۽ سندن ڊوميسائل به شايد اتان جا ئي ٺھن. خير،
زندگي بيٺل پاڻي ناهي، روانيءَ جو نالو آهي، سفر جو نالو آهي. پريالوءِ کان ڄامشوري، ڄامشوري
کان اسلام آباد جي احوالن کي فاسٽ فارورڊ ڪري، اسان هڪ نئين ۽ نرالي سفر تي ٿا هلون. وقت
مھلت ڏني ته فاسٽ فارورڊ ڪيل احوال به ڪٿي اوري وٺبا. پر ڳالهه سمنڊ کان شروع ٿي، ته سمنڊ
جي ذڪر کي ئي کڻي اڳتي ٿا وڌون.
منھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات (ڪمائڻ ۽ روزگار) ته ٻاروتڻ کان ئي ٿي وئي هئي، پر سنڌ
يونيورسٽي جي زماني ۾ صحافت جو رڻ جهاڳڻ کان پوءِ، جنھن شعبي ۾ سانتيڪو ٿيس، اهو
ترقياتي شعبو هو. ترقياتي شعبي ۾ منھنجي روزگار جو وسيلو جمهوري حڪمرانيءَ جو شعبو بڻيو.
2005ع کان اڄ تائين پيٽ پالڻ جو وسيلو جمهوري حڪمرانيءَ جي شعبي ۾ قومي ۽ عالمي ادارن
سان ڪم ڪرڻ رهيو آهي. 2020ع تائين اسلام آباد ۾ ئي مختلف ادارن سان چونڊن جي عمل کي
بھتر ڪرڻ، پارلياماني نظام جي اوسر، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي استحڪام وارن
موضوعن تي ڪم ڪندو رهيس. جڏهن پاڪستان ۾ انهن شعبن اندر امداد ڏيندڙ ملڪن جي دلچسپي
گهٽجي وئي، ته مون کي ڪووِڊ جي زماني ۾ پنھنجي شعبي کان مختلف شعبي ۾ نوڪري ملي،
جنھن ۾ اڃا پير کوڙي ئي رهيو هوس ته اوچتو هڪ اهڙي ملڪ ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، جنھن
جو نالو مون پاڻ به نه ٻڌو هو. ان ملڪ جو نالو آهي ونواٽو (Vanuatu). درخواست ٿي وئي
قبول ۽ اسان کي ملي وئي ونواٽو جي ٽڪيٽ.
هاڻي سوال اهو هو ته اهو ونواٽو آهي ڪٿي. ابتدا ۾ ته ان جو نالو به اچارڻ نه پئي آيو. ڪڏهن
وناٽو ته ڪڏهن ونٽائو ته ڪڏهن وانوٽو پئي چيم. اڄ ڪلهه ڪاغذي نقشن جو رواج ته آهي ڪونه،
سو ونواٽو کي گوگل ميپ تي ڳولڻ شروع ڪيم. گوگل نقشي ۾ ونواٽو جو نالو ڇا لکيم، ته ديوَ
جيڏي ملڪ آسٽريليا جي ويجهو هڪ ٽٻڪو اڀرندي نظر آيو. ٽٻڪي کي زوم ڪندي ڪندي، ڏٺم ته
ڪجهه ٽڙيل پکڙيل ٻيٽن جي وچ تي ونواٽو بيٺل آهي- ايئن ونواٽو جي گاديءَ جي هنڌ پورٽ ولا جا
نشان به ملي ويا. ان وقت خبر پئي ته هي پئسفڪ سمنڊ (جنھن کي اردوءَ ۾ ’بحرالڪاهل‘ سڏين ٿا)،
جو هڪ ننڍڙو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ مان 2010ع ۾ آسٽريليا مان پڙهيو هوس ۽ اها خبر هئي ته
آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي آسپاس کان ويندي آمريڪا جي ’هوائي‘ تائين، ڪيترائي ننڍا ننڍا ملڪ
آهن، جن کي پئسفڪ جا ملڪ سڏيو وڃي ٿو- پر پوءِ به ونواٽو جو نالو نه ٻڌو هيم. پئسفڪ جي
جن ملڪن جا نالا مون ٻڌا هئا، انهن ۾ سالومن آئلينڊ ۽ پاپوا نيو گني شامل هئا، جتان جا ٻه دوست
منھنجا ڪلاس فيلو به هئا. ٽيون ملڪ جيڪو مون ٻڌو هو، اهو هو فِجي هو، جتي منھنجو پراڻو
يار حسن ناصر ميربحر يو اين ڊي پي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. منھنجي نئين نوڪري پڻ يو اين ڊي
پي ۾ ئي ٿي هئي، پر ونواٽو مون لاءِ نئون نالو هو. البته حسن ناصر ٻڌايو ته ڏکڻ پئسفڪ جي

Sarangaa پئسفڪ ڊائري -1

ملڪن ۾ فِجي کان پوءِ جيڪڏهن ڪو رهڻ جوڳو ملڪ آهي ته اهو ونواٽو آهي. اها ڳالهه ٻُڌي، دل
کي ٿوري آٿت ملي.
هاڻي اڳيون مرحلو هو تيارين جو. ملڪ جي باري ۾ ٿوري گهڻي جاچ جُوچ ڪرڻ جو ۽ آخرڪار
سفر جو. اوهان جيتري به تحقيق ڪريو، پر ڪنھن به نئين ماڳ بابت اوهان کي جيڪي تجربا اتي
وڃي ٿيندا، اهي ڪنھن به تحقيق مان حاصل ٿي نه ٿا سگهن. سفر کان اڳ پھرين خوشگوار حيرت
اها ٿي ته ونواٽو دنيا جي انهن ٿورن ملڪن منجهان هڪ آهي، جتي پاڪستان جھڙي ٿڪل
پاسپورٽ لاءِ به ويزا آن ارائيول آهي، مطلب اوهان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پھچي وڃو، رڳو
واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڏيکاريو ۽ ٽن مھينن تائين گهمڻ ڦرڻ واري ويزا حاصل ڪريو. پر مان جيئن
ته نوڪريءَ جي سانگي پئي ويس، ان ڪري هڪ اسپيشل ڪيٽيگري ويزا گهربل هئي، جنھن جو
بندوبست اداري طرفان ڪيو ويو. پر پاڪستان جو پاسپورٽ بھرحال ايترو سڀاڳو آهي، جو ونواٽو
پھچڻ لاءِ جن ملڪن مان گذرڻو ٿو پوي، انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن ملڪن جي ويزا گهربل آهي.
سڀني کان سولو رستو آسٽريليا ذريعي وڃڻ جو آهي، جتان جي رڳو ايئرپورٽ استعمال ڪرڻ لاءِ
پڻ پاڪستانين کي ويزا وٺڻي پوي ٿي. مان جيئن ته آسٽريليا ٻه ٽي ڀيرا وڃي چڪو هوس ۽ اتان
جي ڊگري پڻ آهي، سو لڳم ته آسٽريليا جي ويزا جلدي ملي ويندي. آسٽريليا جي ويزا جي درخواست
ته ڏئي ڇڏيم، پر ويزا وقت سِر نه آئي. ونواٽو وڃڻ جو ٻيو رستو فِجي ذريعي هو، جتان گذرڻ لاءِ
پڻ ويزا گهربل هئي. فِجي جي ويزا لاءِ آفيس وارن جو سھڪار ۽ اتي اڳ ۾ موجود هڪ سنڌي
دوست علي منصور چانڊئي جي مدد ڪم آئي. علي منصور سان اڄ تائين مُنھن سامهون ملاقات
ناهي ٿي، پر دوستن جي معرفت تعارف ٿيو هو ۽ بعد ۾ خبر پئي ته اهو اسان جي پياري، ’ڪاوش‘
جي دور جي ساٿي ڀائو بشير چانڊيي جو ڀائٽيو آهي. فِجي جي ويزا اچڻ ۾ به ايتري دير لڳي، جو
جنھن رات اسلام آباد مان منھنجي فلائيٽ هئي، ان رات تائين به خبر نه هئي ته اڄ سفر ڪري
سگهبو يا نه.

Sarangaa پئسفڪ ڊائري -1

خير ويزا ملي ۽ سفر تي نڪري پيس.
پاڪستاني پاسپورٽ تي هونءَ ته هر سفر امتحانن سان ڀرپور هوندو آهي، جو اسان جي پاسپورٽ
جو ”نام هي ڪافي هي“. پر هن سفر تي پتو پيو ته جيڪو سفر ويھن ڪلاڪن ۾ ممڪن هو، اهو
گهربل ويزائون نه هئڻ سبب (ويزائون پاڪستاني پاسپورٽ سبب ئي گهربل هيون) 83 ڪلاڪن ۾
طئي ٿيو. جيڪڏهن آسٽريليا جي ٽرانزٽ ويزا نه گهربل هجي ها يا سولي طريقي سان ملندي هجي
ها، ته اهو سفر ويھن ڪلاڪن ۾ پورو ٿي سگهيو پئي. (بعد ۾ مون کي آسٽريليا جي ويزا ملي وئي
۽ ان کان پوءِ جا سفر آسان ٿي ويا). منھنجي پھرين فلائيٽ اسلام آباد کان قطر جي هئي، ٻي فلائيٽ
قطر کان سنگاپور جي. هاڻي اوهان کي اهو ٻڌايان ته قطر کان سنگاپور وڃڻ لاءِ جھاز واپس
پاڪستان جي مٿان گذري سنگاپور ويندو آهي. پوءِ مون کي پھرين قطر ۽ پوءِ سنگاپور ڇو وڃڻو
پيو؟ ان جو سبب اهو آهي جو پاڪستان کان سنگاپور جي سڌي فلائيٽ گهڻي وقت کان بند آهي ۽
سنگاپور سولي نموني وڃڻ جا ٻيا رستا گهٽ آهن. سنگاپور ان ڪري وڃڻو پيو، جو سنگاپور کان
فِجيءَ جي فلائيٽ هئي ۽ فجيءَ کان وري ونواٽو جي. جي سنگاپور جي سڌي فلائيٽ هجي ها ته
مان شايد پنجن کان ستن ڪلاڪن ۾ سنگاپور پھچي وڃان ها- پر سڌي فلائيٽ نه هجڻ ڪري مون
کي سنگاپور پھچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويھه ڪلاڪ لڳي ويا. جي آسٽريليا جي ويزا هجي ها ته مان
ويھن کان پنجويھن ڪلاڪن ۾ آخري منزل معنا ونواٽو پھچي چڪو هجان ها. پر سنگاپور تائين ته
اڌ سفر به پورو نه ٿيو هو. سنگاپور ۾ مون کي اٺن ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ فِجي جي فلائيٽ
وٺڻي پئي، جنھن وڌيڪ ڏهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ فجيءَ جي شھر نندي پھچايو. ننديءَ ۾ مان
منجهند ڌاري پھتو هوس، جتي مون کي هڪ رات رهي ايندڙ ڏينھن منجهند ڌاري ونواٽو جي
گاديءَ واري هنڌ پورٽ ولا جي فلائيٽ وٺڻي هئي. نندي پھچڻ تائين مون کي ٻه ڏينھن ۽ هڪ رات
لڳا. جيتوڻيڪ سفر جو ٿَڪ هو ۽ جيٽ ليگ (جھاز جي سفر ۾ وقت اڳيان پويان ٿيڻ سبب ٿڪ ۽

بي آراميءَ جي ڪيفيت) پڻ هو، پر پوءِ به هڪ نئين ملڪ ۽ نئين شھر کي ڏسڻ جي خواهش
ضرور هئي- سو هوٽل ۾ سامان اڇلائي، نندي جي مشھور ماڳن جي سير لاءِ نڪري پيس. نندي جا
ان کان پوءِ ٻيا سفر به ٿيا، پر في الحال انهن جي تفصيل ۾ نه ٿا وڃون. نندي جي هڪ رات
بھرحال غنيمت هئي، جو ان رات ڪجهه ساهه پٽڻ ۽ آرام ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ايندڙ ڏينھن
ونواٽو جي سفر لاءِ هڪ نئون اتساهه ۽ صرف ٻن ڪلاڪن کان پوءِ حتمي منزل تي پھچڻ جو
آسرو هو.


نندي کان پورٽ ولا ٻن ڪلاڪن جو سفر اي ٽي آر جھاز ۾ ٿيو. پر هن سفر مان مون کي اندازو
ٿيو ته مان ڪيڏي نه خوبصورت خطي ۾ رهڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. ٻن ڪلاڪن جي اها اڏام وڏن
جھازن جي ابتڙ ڪجهه گهٽ مٿانھين تي هئي، ۽ اهي ٻه ڪلاڪ خوبصورت ترين ٻيٽن جي هوائي
نظاري سان ڀرپور هيا. فِجي کان ونواٽو تائين جي اڏام دوران اوهان ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي
خوبصورت ٻيٽن جي هوائي نظاري جا مزا ماڻي سگهو ٿا، جن ۾ اڻ ڳڻيا ڊيلٽا، چمڪندڙ ۽ رنگين
coral reefs به اچي وڃن ٿا.
جڏهن جھاز مان نڪري اميگريشن آيس ته هڪ وڏو بورڊ نظر آيو، جنھن تي لکيل هو
“welcome to the Paradise”. اميگريشن کان ٻاهر نڪتس ته پتن ۽ ڦرهن مان ٺھيل روايتي
لباس پھريل هڪ گروپ گٽار تي آجياڻي جا گيت ڳائي رهيو هو. مون کي آفيس جي ساٿي ڪرسٽل
يو اين ڊي پي جي گاڏيءَ ۾ کڻي هوٽل تائين پھچايو ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو اتان ئي کڻڻ جو وقت
ٻڌائي رواني ٿي. هوٽل ته وچٿرو هو، جيڪو مون بنا ڪنھن معلومات جي بڪ ڪرايو هو، پر ان
جي دريءَ کان سمنڊ جو نظارو ڏسي، دل ڪمري ۾ رهڻ تي نه چيو. 83 ڪلاڪن جي ٿَڪ
باوجود مان ٻاهر نڪري آيس، ۽ سمنڊ جي ڪناري ويھي، سج لھڻ جو انتظار ڪندو رهيس. سج
لھڻ جو هيءُ منظر دنيا جي خوبصورت ترين منظرن مان هڪ هو، جنھن کي ٽن سالن تائين لڳ
ڀڳ روز ڏسڻ جي باجود پيٽ نه ٿي ڀريو ۽ ايئن هڪ جنت جي ٽڪري تي منھنجي ٽن سالن تائين
رهڻ جي شروعات ٿي. اهي ٽي سال ڪيئن گذريا. ونواٽو مونکي ڇا ڏنو، اهو سڀ هوريان هوريان
اوهان سان ونڊيندو رهندس. هي هڪ خواب جو سفر آهي، ۽ خواب خوبصورت ئي ٿيندا آهن.

2 COMMENTS

  1. پِيارو نياز اسان کي ونوا ٽو جو سفر ڪرائڻ م ڪامياب ٿي ويو.هب سفر ۾ سنڌي ء وارو سفر به اهي ته انگريزي ء وارو Suffered اھی۔جيئن زندگي پياري نياز کي هڪ ٽڪيٽ ۾ کوڙ مزا ۽ڪن حالتن ۾ مشڪلاتون بلڪ مصيبتون چکايون اهن’تيئن لڳي ٿو ته سنگت پڙهندڙ ن کي هڪ ٽڪيٽ ۾ کوڙ دنيائون گھمائيندي.لکڻي ء جي دلربائي پڙهندڙ کي جڪڙي ٿي .سارنگا سنڌي ادب لاء وڄ وراڪا بڻجي رهيو اهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا