سنڌ يونيورسٽيءَ جي پڙھائي دوران جيئي سنڌ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي تنظيمن ۾ شديد
خوني جهيڙا ٿيندا هيا. اهڙي زماني ۾ ھڪ دفعو اسان پنھنجي رهبر رسول بخش پليجي کي فون
ڪري چيو ته توھان سان ملڻو آھي. حڪيم زنگيجي کي فون ڪري چيائين ته تون ۽ حسين صبح
گهر ناشتو اچي مون سان ڪريو. اسان جو خيال ھيو ته اسين پليجي صاحب کان مدد گهرنداسين، ته
ھٿيار ڏيو، پئسا ڏيو، دوست ڏيو ته جيئي سنڌ وارن سان جهيڙو ڪريون. ڇو ته جيئي سنڌ وارن
سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ سڄي سنڌ ۾ رڻ تپائي ڏنو ھيو. ھر ھنڌ اسان جا مڙس
زخمي ٿيا پيا ھوندا ھيا، پر خيرپور يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، ميھڙ، ميرپورخاص ۾ اسان جي
دوستن پڻ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان مھاڏو اٽڪايو. ھر روز ڪٿان نه ڪٿان ڪنھن ڦڏي ٿيڻ،
ڪنھن جي زخمي ٿيڻ يا زخمي ڪرڻ جون خبرون پيون اينديون ھيون. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسان
جي دوستن جي ھاسٽل جي ڪمرن تي پڻ جيئي سنڌ وارن قبضا ڪري ڇڏيا ھيا. رات جو فائرنگ،
اسان جي ڪارڪنن کي ھيسائڻ، دٻائڻ جون ڪارروايون روز ٿينديون ھيون. اسان جا بينر، پوسٽر
سڀ ڦاڙي کڻي ويندا ھيا. اسان سڄو داستان پليجي صاحب کي ٻُڌائي دنگ ڪيو ته ھيترا ھيترا،
اسان جا ساٿي زخمي ٿيا پيا آھن، ته پاڻ نوڪر کي چيائين، فلاڻو ڪتاب ته کڻي اچ. ڪتاب مان
ٽُڪر جيڪي ويڙھ جي فن بابت ھيا، پڙھندو ويو ۽ اسان جو ذھن تبديل ڪندو ويو. چيائين: بابا،
سڄو ويڙھ جو فن، انگريزي ڪتابن ۾ پيل آھي، سو ته توھان کي اچي ئي ڪا نھ- پاڻ ڪيئن جنگ
فتح ڪنداسين. سندس جونيئر(نالي ۾ ته جونئير ھيو، پر بزرگ وڪيل ھيو) کي چيائين ته ھي دوست
شام جو روزانو پاڻ وٽ انگريزي پڙھڻ ايندا، پاڻ گڏجي ھنن کي انگريزي سيکارينداسين، جيئن ھو
جنگ جي فن ۾ ڀڙ ٿي سگهن. ائين، وڏا رجسٽر اچي ويا. حڪيم زنگيجو، آئون، راشد دائودپوٽو،
ذرياب خاصخيلي ۽ ٻيا دوست، ھاڻ روز شام جو رجسٽر کڻي، انگريزي سکڻ ايندا ھياسين. جيسين
جنگ جو فن اچي، تيسين جيئي سنڌ وارن جو قصو اتي ئي ڇُٽو.
