آئون اڳي ڪنھن ٻئي ھٿ مان گذري آيل ڪتاب کڻان ٿو، جيڪو مون وٽ پراڻن ڪتابن جي ھڪ ويب سائيٽ جي ذريعي پھتو. ڪتاب جي پھرين اندرين صفحي تي اُنهيءَ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي لاءِ جنم ڏينھن جي ھڪڙي ارپنا ملي ٿي.”ميٿيو لاءِ، آئون چاھيان ٿي تہ جڏھن ھوُ ھيءُ ڪتاب پڙھي تہ کيس ھر صفحي ۽ ھر سٽ تي منھنجي سار اچي. پيار وچان سوزن“. ڪتاب جي اندر ھڪڙو ھٿ جو ٺھيل بڪ مارڪ پيل آھي، جنھن جي شفاف پلاسٽڪ جي پنيءَ ۾ انتھائي نفاست سان مختلف قسمن جان پٓن محفوظ ٿيل آھن. پيلا، ساوا، ناسي، گلابي پٓن. خبر ناھي سوزن ۽ ميٿيو ڪير ھئا؟ شايد اھي ھڪ ٻئي سان پيار ڪندا ھئا. شايد اھو بڪ مارڪ سوزن جو ٺاھيل ھئو ۽ اُنهيءَ ۾ پيل پٓن سندن ڪنھن ياد سان جڙيل ھئا. اُنهيءَ اڳ واپرايل ڪتاب مونکي اُن جي ليکڪ جي تہ واقفيت ڪرائي، پر ان سان گڏ ٻن ٻين فردن سان بہ ملاقات ڪرائي، جيڪي انهي ڪتاب سان لاڳاپيل ھئا ۽ جن جي پيار جو ھڪڙو اظھار انھيءَ ڪتاب سان بہ جڙيل ھو.

نون ڪتابن جو پنھنجو نشو ھوندو آھي. ان جي اجرن ڪنوارن صفحن جي لمس ۾ محبوب کي پھريون ڀيرو ڇُھڻ جھڙو لطف ھوندو آھي. مان ايندڙ تازي ڇپائي جي خوشبو ڪنھن اھڙي ڦوھ جوان ناري جي سڳنڌ جھڙي ھوندي آھي جنھن جي اکين ۾ تازا مجاز جا الماس جرڪندا ھجن. انھن جي ڳنڍيل صفحن کي نزاڪت سان الڳ ڪرڻ وقت ايندڙ آواز ۾ ڪنھن جي پيار مان ڪيل سُس پُس جھڙي سرشاري ملندي آھي. پر پراڻن ڪتابن جا پنھنجا اسرار ھوندا آھن. جيڪي پراڻي شراب جي سرور، ميچيوئر عورت سان عشق يا پراڻن دوستن سان ڪچھريءَ جھڙا ھوندا آھن.
پُراڻي، واپرايل ۽ پھرين بہ چاھيل ڪتاب ۾ رڳو پڙھندڙ ۽ ليکڪ جو تعلق نہ ھوندو آھي. انھيءَ تعلق ۾ ھڪ ٽيون شخص بہ ھوندو. اُنهيءَ ڪتاب ۾ رڳو ليکڪ جي دلين جي ديارن جا داستان نہ ھوندا آھن، پر ان ۾ ڪتاب جي اڳوڻي چاھيندڙ جي حياتيءَ جا قصا بہ درج ٿيل ھوندا آھن. (ھا، ڪتاب جا مالڪ نہ ھوندا آھن ڪتاب جا رڳو چاھيندڙ ھوندا آھن.) اھڙن ڪتابن ۾ مواد کانسواءِ ٻيون بہ گهڻيون شيون ھونديون آھن، جيڪي نون ڪتابن ۾ نہ ملنديون آھن ۽ سي ھونديون آھن: ڪنھن تعلق جي ياد، ڪنھن ٻئي جي وجود جي سار، ڪنھن ٻي حياتيءَ جا اولڙا. انھن ڪتابن جي ذريعي توھان پاڻ کي ڪنھن ٻئي فرد سان جڙيل محسوس ڪندا آھيو، جنھن توھان کان اڳ اُنهيءَ ڪتاب جي صفحن کي ورايو ھو. جنھن جي بہ دل شايد انهن ساڳين لفظن تي زور سان ڌڙڪي ھوندي، جن لفظن توھان جي وجود ۾ وجد اوتيو ھو. جنھن بہ اُنهيءَ ڪتاب جي ڪنھن ڪردار ۾ پنھنجو اولڙو ڏٺو ھوندو، جنھن ڪردار کي توھان بہ پاڻ جھڙو ڀاسيو ھو. جنھن بہ توھان وانگي ئي شايد ڪتاب کي ٿوريءَ دير لاءِ بند ڪري پولارن ڏي نھاريو ھوندو ۽ پنھنجي ڪنھن ماضيءَ جي واقعي کي ساريو ھوندو.
ٻئي وٽان آيل ڪنھن پراڻي ڪتاب جو جُلد ممڪن آھي تہ وقت جي دز جي ڪري ڌُنڌارو ٿي ويو ھجي. گهڻو ڪري انھيءَ جا پنا وِھانءَ کانپوءِ ھلڪي ٿي ويل مينديءَ وانگر پيلا ھوندا آھن. انھن جي يادگيري لاءِ موڙيل ۽ سنوان ڪيل صفحن تي ڪنھن ڪُراڙي جي پيشانيءَ جيان گهُنج ھوندا آھن. انهن جي ورقن تي ڀرجي ويل زخمن جيان مختلف نشان ھوندا آھن. ان جي جملن ھيٺان چيڪي مِٽيءَ ۾ مسافرن جي رھجي ويل قدم جيان ليڪيل سٽون ھونديون آھن. پر اھي مٿان ورايل صفحا، اھي نشان، اھي پيلا پنا ۽ اھي نشانبر جملا ئي ڪتاب سان محبت جا اھڃاڻ آھن. اُھي وريل صفحا ٻڌائيندا آهن تہ پڙھندڙ جو ڪتاب سان ڪو اٻھرو ۽ تڪڙو تعلق نہ ھو، پر سندن تعلق ڪيترن ئي ويھڪن تي مشتمل ھو. ڪتاب جون ھيٺان ليڪيل سٽون ٻڌائينديون آھن تہ پڙھندڙ ڪھڙي ڪيفيتن مان گذريون ھو. ڪھڙين سٽن سندس اندر ۾ لڪل پيڙائن کي نروار ڪيو. ڪھڙي ڳالھہ ھُن جي اکين کي ڀڄائي ويندي ھئي. ڪھڙو لفظ ھُن جي محبت کي پڌرو ڪندو ھو.
انھن ڪتابن ۾ رڳو اھي ھيٺيان ليڪيل سٽون ئي نہ ھونديون آھن، پر ڪتاب جي حاشين ۾، اُنهيءَ پڙھندڙ، ڪتاب جي موضوع جي حوالي سان پنھنجا مشاھدا، تجربا، احساس، اتفاق، تعريفون، تنقيدون ۽ پنھنجا رايا بہ درج ڪيا ھوندا آھن. اھي حاشيا بہ ڪتاب جي سونھن ۽ سمجهه کي اڃا ويجھائيندا آھن. اھا حاشين ۾ نہ رڳو ڪتاب جي مواد جي باري ۾ تنقيدي ۽ تشريحي راءِ ھوندي آھي، پر اُھي پنھنجي جوھر ۾ بہ علم ۽ احساسن جو گنج ھوندا آھن. انھن حاشين ۾ ڪڏھن ڪڏھن اُنهيءَ اڳوڻي پڙھندڙ جي دل جون ڳالهيون، ڪي ذاتي ڏک، ڪي لڪل احساس بہ درج ٿيل ھوندا آھن، جيڪي انهيءٓ ڪتاب جي ڪنھن سٽ انهن جي اندر جي اونداھي غفائن مان ٻاھر ڪڍي ڪتاب جي اجرن پنن تي اُپٽايا ھوندا آھن . ڪنھن مھل تہ انھن حاشين کي پڙھڻ جو لطف اصلوڪي ڪتاب کان بہ وڌيڪ ھوندو آھي. اُھي حاشيا اسان کي پڙھڻ واري جي شخصيت، علم، ڄاڻ، احساس، ڪيفيتن ۽ گھري سُڌ جي پروڙ ڏيندا آھن.

انھن پراڻن اڳ چاھيل ڪتابن مان ملندڙ گلن جون سُڪل مکڙيون، ٽرين يا جھاز جون ٽڪٽيون، گهر جي سامان جي لسٽ، خريداري جي رسيد، ڪنھن جو ڏنل ڪارڊ، ڪنھن کي نہ موڪلي سگهيل پيغام، نئين سال جا پيمان، يادگيرو رکڻ لاءِ لکيل ڪا پرچي، رکي ۽ وساري ڇڏيل ڪاڳر….. اھي سڀ اُنهيءَ جي اڳوڻي چاھيندڙ جي زندگيءَ جو ڪو قصو ٻڌائين ٿا. ڪتابن مان ملندڙ اھي شيون انهن جي سفرن، محبتن، مزاجن، واعدن، محبتن، ڪيفيتن جون ساکي آھن.
پر پراڻن ڪتابن جي ھٽن، رديءَ وارن جي گاڏن، آچر ڏينھن تي لڳندڙ فٽ پاٿ جي پراڻن ڪتابن جي پِڙين، ناياب ڪتابن جي ويبسائيٽن ۽ اڇلايل ڪچري جي ڍيرن تان ملندڙ ڪتاب ڪي ٻيا قصا بہ ٻڌائيندا آھن. اھي قصا تاريخ جي قضين، زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ٽٽل رشتن، بي قدر اولادن، بي حس دوستن ۽ بي وفا محبوبن جا ھوندا آھن. ڪنھن جي تہ بي وفائي ھئي، جو پيار سان ڏنل ڪتاب ۽ ان ۾ موجود بڪ مارڪ پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي اڇلايا ويا. اھا بي حسي تہ آھي جو ڪنھن وڏي ليکڪ يا ڪنھن طاقتور ماڻهوءَ کي پاٻوھ مان ڏنل نون ليکڪن جا ڪتاب بنان پڙھڻ جي تور جي حساب سان رديءَ ۾ ويندا آھن. اُھو بي قدر اولاد تہ ھوندو آھي جو پنھنجي والدين جي ورھين سان سانڍيل ڪتابن کي انهن جي قبر جي مٽي سڪڻ کان اڳ ئي اڇلائي ڇڏيندو آھي. اھي تاريخ جا قضيا ئي آھن جو جنگين، لڏپلاڻن ۽ ورھاڱن ۾ اجڙندڙ ماڻهن جا ڪتب خانا ڪچرن ۾ اڇلايا ويندا آھن. اُھي معاشي مسئلا ءُ زندگيءَ جا لاھا چاڙھا ھوندا آھن جو اولاد جيان پيارن ڪتابن کي پاڻ کان الڳ ڪرڻو پوندو آھي. اھي ٻين ھٿن مان گذريل، اھي واپرايل، اھي اڳ چاھيل ڪتاب اسان کي اھو بہ احساس ڏيارين ٿا تہ شايد اسان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جا ڪتاب بہ ايئن ئي فٽ پاٿن تي ھوندا. ڪو ٻيو اسان جا پڙھيل، اسان جي نشانبر، اسان جي چاھيل ڪتابن کي دڪاندار سان اگهه تي بحث ڪري خريد ڪندو. جڏھن اھو ڪتاب کوليندو تہ اسان جي وجود کي وري ياد جي مختصر حياتي ملندي. اسان جي حياتي بہ انهن جي حياتين کي ڇُھندي.

دل لڀائيندڙ نوع ۾ سيڪنڊ ھئنڊ ڪتابن کي نئين رخ ۾ ڏسڻ وارو احوال.