جڏهن انا، تڪبر ۽ جھالت انسان جي ذهن تي حاوي ٿي وڃن ٿا، تڏهن اهو ظلم کي “غيرت” جو نالو ڏئي، پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. حقيقت ۾ غيرت ڪڏهن به ظلم، قتل، جبر يا عورتن ۽ ٻارن جي استحصال جي اجازت نٿي ڏئي. اها رڳو هڪ بيمار ذهنيت هوندي آهي، جيڪا پنھنجي ڪمزورين، خوف ۽ ناڪامين کي “عزت” ۽ “غيرت” جي پردي پٺيان لڪائڻ چاهي ٿي.
اسان جي سماج ۾ غيرت جي نالي تي عورتن تي تشدد، قتل، ٻارن سان زيادتي، جنسي استحصال ۽ بي انصافيءٓ جا واقعا روز وڌي رهيا آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ڀيرا اهي ظلم ڪنھن اجنبي طرفان نه، پر پنھنجي ئي گهر ڀاتين، خاندانن ۽ برادرين جي ماڻهن طرفان ڪيا وڃن ٿا. ڀائر، چاچا، ماما، وڏيرا ۽ جرڳا ڪندڙ ماڻهو پاڻ کي “غيرتمند” ظاهر ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي پنھنجي طاقت ۽ سماجي اثر کي ڪمزور ماڻهن خلاف استعمال ڪن ٿا.
اهي ئي ماڻهو پنھنجن گهرن جي عورتن ۽ ٻارن کي بھتر تعليم، آزادي ۽ زندگيءَ جون سھولتون ڏين ٿا، پر ٻين جي ڌيئرن ۽ عورتن لاءِ سخت فيصلا ۽ پابنديون مقرر ڪن ٿا. اها ٻٽي سوچ سماج ۾ ناانصافي ۽ خوف کي جنم ڏئي ٿي.
جن ملڪن ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، اتي ماڻهو قانون جي خوف سبب اهڙا ظلم ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچين ٿا. سخت سزائون ۽ انصاف جو مضبوط نظام سماج کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو. پر جتي قانون ڪمزور هجي، اتي ظالم ماڻهو پنھنجي انا ۽ تڪبر کي “غيرت” جو نالو ڏئي، بيگناهن تي ظلم ڪندا رهن ٿا.
اسان جي گهرن ۾ به ٻارن جي تربيت ۾ فرق رکيو وڃي ٿو. ڌيئرن لاءِ اخلاق، عزت ۽ فرمانبرداريءٓ جا سخت معيار رکيا وڃن ٿا، جڏهن ته پٽن کي آزادي ۽ برتريءَ جو احساس ڏياريو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اهو ٻار وڏو ٿي پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ عقلمند، طاقتور ۽ حق تي سمجهڻ لڳي ٿو. پوءِ هو عورت جي هر اختلاف، انڪار يا آزاديءَ کي پنھنجي “غيرت” خلاف سمجهي تشدد ۽ ظلم جو رستو اختيار ڪري ٿو.

حقيقت ۾ غيرت انسانيت، احترام ۽ انصاف جو نالو آهي، نه ڪي قتل، جبر ۽ عورتن جي زندگين تي حاڪميت جو. جيڪڏهن سماج مان اهڙي ذهني بيماري ختم ڪرڻي آهي ته قانون کي مضبوط، سزائن کي سخت ۽ تعليم کي برابريءَ تي ٻڌل بڻائڻو پوندو.
رياست جي ذميواري آهي ته اها هر مظلوم جي حفاظت ڪري، ظلم ڪندڙ کي سخت سزا ڏئي، ۽ اهڙو سماج ٺاهي جتي ڪنھن کي به “غيرت” جي نالي تي انسانيت سان کيڏڻ جي اجازت نه هجي.
