Homeادبڪٿاآتم ڪٿا مان ھڪ ورق: ميلي ۾ گذاريل ھڪ ڏينھن

آتم ڪٿا مان ھڪ ورق: ميلي ۾ گذاريل ھڪ ڏينھن

عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ
عزيز گوپانگ جو نثر روايتي ڍنگ کان مختلف آهي. هن جي سوچ، هٿ ۽ قلم هڪ ئي لڙي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن سندس ذهن ۾ خيال جنم وٺن ٿا، تيئن ئي قلم پاڻمرادو انهن کي لفظن جي صورت ڏئي ٿو. ذهن کي هڪ طرف ۽ قلم کي ٻي طرف رکڻ، عزيز گوپانگ جي اندازِ تحرير سان ٺهڪندڙ نٿو لڳي. هن ڪتاب ۾ مجموعي طور 18 خاڪا ۽ 14 تاثرات شامل ڪيا ويا آهن.

ھر ويندڙو پنھنجي پيرن جا نشان ڇڏي ويندو آھي، سواءِ وقت جي. وقت نه ھئڻ ۾ موجود ۽ ھئڻ ۾ غائب رھندو آھي
ھر وڃڻ وارو، پاسي کان گذري ويندو آھي، مگر وقت ماڻهوءَ جي اندر کان ھليو ويندو آھي. وقت ھٿن مان ھليو ويندو آھي. سيني کان ٿيندو ويندو آھي. وقت روح آھي.
چوڏھن جولاءِ، اوڻويھ سئو اسي جو اھو ڏينھن مون کان نٿو وسري، جڏھن آئون پورن ارڙھن سالن جو ٿيو ھوس. ان عمر تائين مٿئين چپ کي مڇون گهيري ويون ھيون. وارن ۾ گهنگهرو پوڻ شروع ٿيا ھئا ۽ اکيون ٻيڪڙيل دروازن وانگر آھستي آھستي کلڻ لڳيون ھيون.
مون ٻارن کي ڇڏي، تارن سان کيڏڻ شروع ڪيو ھئو.
منھنجي نظر پري پري تائين وڃڻ لڳي ھئي. مون کي ھڪ بيٺل ڀت اندر ٻي ڪريل ڀت نظر اچڻ لڳي ھئي. آئون ھڪ بدن ۾ ٻئي بدن کي ڏسڻ لڳو ھوس.
مون اھا ڳالهه سمجهڻ شروع ڪئي ھئي ته، ماڻهو دل وٽان ڌڙڪندو ۽ اکين وٽان خاموش ٿيندو ويندو آھي.
مون محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو ته، سيسراٽي نانگ نه، نانگڻ آھي، جيڪا ڪنڌ کان ٿيندي، اچي پيرن وٽ ڪرندي آھي.
مون جوانيءَ کي سدائين ڪلف ٿيل ڪالر وانگر محسوس ڪيو. ۽
سانده چاليھ سال، سينو تاڻي ھلندو رھيس!
جواني تاڻيل ھوندي آھي. ھو بدن جي ڪمان ۾ آخري تير وانگر ھوندي آھي!
ارڙھن سالن جي عمر کي پھچي مون سمجهي ورتو ھو ته سياري ۾ اٺ ڇو گُڙنداُ آھن، برف کي باه ڪيئن لڳندي آھي. کنوڻ وڻ مٿان ڇو ڪرندي آھي ۽ نازبو، ڪھڙي عمر جي ڇوڪريءَ کان پگهر جي خوشبو خريد ڪندو آھي.
مون انھي عمر ۾ گمان ڪري ورتو ھئو ته وار ڏسي عورت جي عمر جو اندازو لڳائي ويندس.
مون سمجهڻ شروع ڪيو ھئو ته سنھا وار اڌڙوٽ ماين جا ٿيندا آھن، ۽ ٿلهيرا وار جوان ڇوڪرين جا.
ٿلهيرا وار ئي وٽ کائي زلف جي صورت وٺندا آھن ۽ سنها وار چوٽيءَ سان چنبڙيا پيا ھوندا آھن.
اڌڙوٽ مايون نڀائي وينديون آھن، جفا ته رڳو جواني وٽ ھوندي آھي. جفا جوانيءَ جي جاگير آھي!
عورت کي قيد ڪري رکڻ وارين زنجيرن منجهان ھڪ زنجير جو نالو ”وفا“ به آھي.
شرم ۽ حيا به عورت جي زنجيرن جا قديمي نالا آھن.
منھنجو يادگيرو شروع کان وٺي ڪمزور ھئو. جوانيءَ ۾ موت ياد ڪونه ايندو ھو ۽ ھاڻي زندگي ياد نٿي پوي.
مون کي اھو به ياد نٿو پوي ته مون ڪمائي ڇا وڃايو، ۽ وڃائي ڇا ڪمايو.
آئون اھو پورو ڏينھن گهر ڪونه ويو ھوس، جڏھن ٺيڪ ارڙھن سالن جو ٿيو ھوس.
مون حيدرآباد جو پورو شھر پيرن ھيٺان ڇڪي ٻاھر ڪڍيو ھئو. ان ڏينھن جو صبح، شام جھڙو، شام رات جھڙي ۽ رات، منجهند وانگر چِٽي ھئي. مون ڊينگلي رپئي کي ڏندن ۾ ڏيئي چَڪي ڏٺو ھو. ان جي ھڪ ٻن اکرن ۾ سَنڌو پئجي ويو ھئو. ائين آئون بعد ۾ به ڪجهه سالن تائين ڪندو رھندو ھوس، جڏھن ڪاوڙ ايندي ھئي، يا ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري. ڪڏھن ڪڏھن ته لکڻ کان تنگ ٿي پين کي به ڏندن ھيٺان ڏيئي ٽوڙي ڇڏيندو ھوس. امان روڪيندي ھئي، چوندي ھئي ته:
حيدر!
زيان ڇو ٿو ڪرين. . . . .
اولاد جي ڪيل يا ٿيل زيان جو احساس رڳو ماءُ کي ئي ٿيندو آھي، ھو سڄو سڄو ڏينھن وُسورن جي ويڙھي ۾ پيئي ويڙھجندي آھي. ٻئي پاسي پيءُ ھوندو آھي، جيڪو پٽن کي پويان پيو سڏڙا ڪندو آھي.
آئون ننڍي لاڪئون ڏنگو ٻار ھوس. جوانيءَ ۾ ته صفا پڌرو ٿي بيٺس. مون نه امان جا وُسورا محسوس ڪيا، نه بابا جا سڏڙا ٻڌا. مون سدائين، بيوفا سان وفا ۽ وفادار سان بيوفائي ڪئي. مون کي چالاڪ ڇوڪريون وڻنديون ھيون. مون کي مرڻ جو شوق جيئڻ وٽان لڳو.
مون سڄي حياتي اھو ئي ڪيو، جيڪو مون چاھيو. آئون سڄي حياتي متل ميلا ڇڏيندو، ڦٽل ميلا ميڙيندو رھيس!
ھِي دنيا مون لاءِ ڄڻ ميلو ھئي، ۽ مون پوري حياتي ڄڻ ميلي ۾ گذاري ڇڏي.
مون شادي به ميلي ۾ ڪئي.
مون دل به ميلي ۾ ڏني ۽ ورتي به ميلي مان. مون سان وفا به ميلي ۾ ٿي ۽ بيوفائي به ميلي ۾. مون وچن به ميلي مان ورتا ۽ مون سان واعدا به ميلي ۾ ٿيا. مون سوکڙيون به ميلي مان ورتيون ۽ ڳانا به ميلي جا ٻڌا.
مون کي خبر ئي ڪونه پيئي ته ميلو ڪڏھن ختم ٿيو، دل جي تختي تي رقص ڪندڙ اھي حسين ڇوڪريون الاءِ ڪيڏانھن ويون، جن مٿان آئون سڄيون پگهارون واري ڇڏيندو ھوس. موت جي کوه مان ڪير بچي نڪتو ۽ ڪير اونھايُن ۾ ھليو ويو. ڪجهه به معلوم نه ٿيو. رنگين مٺايُن جا روشن دڪان ڪنھن ويڙھي ڇڏيا، ڪا خبر ئي ڪونه پيئي.
ھو قناتون در قناتون ڪنھن اکيڙيون، جن جي پاند در پاند پويان،
منھنجا سمورا وصل ويران رکيا آھن!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا