Homeادبسفرناموپولش پورهيتن جي پنھنجائپ ۽ ميونخ جي ھڪ اڻ وسرندڙ رات!

پولش پورهيتن جي پنھنجائپ ۽ ميونخ جي ھڪ اڻ وسرندڙ رات!

جامي چانڊيو
جامي چانڊيو
جامي چانڊيو سنڌي ٻوليءَ جو نامور ليکڪ ۽ دانشور آھي. ھن سياست، ادب ۽ سماجي سائنس تي ڪيترا ئي اھم ڪتاب لکيا آھن. پاڻ ھڪ ئي وقت اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ جي مشھور اخبارن ۾ ڪئين سالن کان لکندو رھي ٿو.

پرڏيھي سفرن جون يادگار ڪَٿائون-۴))

ميونخ ۾ سخت ٿَڌِ ھئي، شام جا سَتَ ٿَي چڪا ھئا ۽ مون لاءِ ھاڻي وڌيڪ ٻاھر گهمڻ ممڪن نه ھو. ايتري ٿَڌِ اسان سنڌ ۾ ڏٺي ئي ناھي، انڪري اُھا برداشت ڪرڻ اسانجي وَسَ کان ٻاھر آھي. شھر به اٺين بجي کان اڳ بند ٿي ويندو آھي، پر ڇنڇر جي رات سبب ميونخ جي مُک بازار اڃا به مقامي ماڻهن ۽ سياحن سان ڳتيل ھئي. مان ته حيران ھتي جي ماين تي پيو ٿيندو آهيان جو مرد پاڻ کي ويڙهي سيڙهي پيا ھلندا، پر ماين جون پِنيون اھڙي ظالم سيءَ ۾ به ويڙهيل ناھن هونديون. ھونئن کين وڏا ڪوٽَ، جَرسيون ۽ مفلر پاتل ھوندا، پر پِنيون ڍڪيل نه هونديون. ميونخ ھونئن ته صنعتي شھر آھي، ھفتي جا پنجَ ڏينھن لڳندو ڄڻ ھتي ماڻهو رھندا ئي ناھن، پر ڇنڇر ۽ آچر تي بازارون ۽ رونقون آباد هونديون آھن. منھنجي يورو يوٿ ھاسٽل شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن جي سامهون ھئي، سو تڪڙو تڪڙو بيئر، ووڊڪا ۽ فروٽ وٺي ھاسٽل تي موٽي آيس جو اھو ھاسٽل ۾ منھنجو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو ئي پاڪستان جو ناميارو سماجي علمن جو اسڪالر ڊاڪٽر محمد وسيم پاڪستان موٽي ويو ھو ۽ مان ھن کي سڄو ڏينھن ياد ڪندو رهيس. اسان ٽي يعني ھو، منھنجو پيارو دوست ظفرالله خان ۽ مان وفاقيت جي موضوع تي ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ آيا ھئاسون. ظفر ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ تي واپس موٽي ويو ھو ۽ وسيم صاحب منھنجي ڪري ٻه ڏينھن وڌيڪ رھي پيو ھو. اسان گڏجي ميونخ خوب گهميو.

Sarangaa پولش پورهيتن جي پنھنجائپ ۽ ميونخ جي ھڪ اڻ وسرندڙ رات!

منھنجي ڊوميٽري ۾ ڇھن ماڻهن جي رھائش ھئي. مان جيئن ئي اندر گهڙيس ته ڏٺم ته ٽي ماڻهو پنھنجو کاڌو رڌڻ جي تياري ڪري رهيا ھئا. ھو پنھنجي لباس ۾ ڳوٺاڻا ۽ پورهيت ٿَي لڳا. مون داخل ٿيندي کين ڏسندي ئي سلام ڪيو، جنھن جي موٽ ۾ ھنن به قربائتي انداز ۾ گرمجوش جواب ڏنو، پر مونکي ھنن جي ٻولي سمجهھ ۾ نه آئي. ان سان ڪو فرق به نه ٿي پيو. ھنن جو موٽ ۾ قربائتي انداز سان کِلي ھٿ لوڏڻ ئي ڪافي ھو. اسانجي وڏي ڪمري ۾ بس ھو ٽي پورهيت ۽ مان ھُئاسون. لڳو ٿي ته ھو سڄي ڏينھن جو ڪم ڪار لاھي ھتي آيا ھئا. ٽئي پنھنجو پنھنجو ڪم شروع ڪري چُڪا ھئا. ھڪَ گئس جو چُلهو ٻاريو، ٻئي گوشت پئي ڌوتو ۽ ٽئين بصر ۽ ٻيو سامان پئي ڪٽيو. منھنجي سلام جي گرمجوش موٽَ سان ئي اسانجو دوستاڻو ماحول جُڙي چڪو ھو. مون به کين بيئر ۽ فروٽ آڇيو ته انھن مان جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اُنَ اشارن سان چيو ته ھو ان شرط تي منھنجو ڏنل بيئر ۽ فروٽ وٺندا، جڏھن مان ماني ھنن سان گڏ کائيندس. ھنن پورهيتن جي پنھنجائپ ۾ جيڪا نمرتا ۽ سچائي ھئي، ان مونکي سوچڻ جي مُھلت به نه ڏني ۽ مون کين ھائوڪار ڪئي. ھنن وٽ ھڪ وڏي صندوق ھئي، جنھن ۾ وٽن ھر سامان پيل ھو. ھنن پيتيءَ مان ھڪ ٻي به صندلي ڪڍي ۽ مونکي پنھنجي ڀَرِ ۾ ويھڻ جو چيو. ھڪ لحاظ کان اھا به ھڪ مچ ڪچھري ھئي، جو گئس جو چُلهو ٻريو پئي. دلچسپ ڳالهھ ته اسانکي ھڪ ٻئي جي ٻولين جو اکر به سمجهھ ۾ نه ٿي آيو. سندن ڳالهائڻ مان اُھا پڪ پيم ته سندن ٻولي جرمن نه ھئي، جو جرمنيءَ ۾ گهڻو گهمڻ ۽ تعليمي سفرن، اُتي مختلف ھنڌن تي رھڻ جي ڪري جرمن لھجي ۽ لفظن سان ڪجهھ سُڃاڻپ ٿي وئي ھئي. بنا ٻولي سمجهڻ جي ڪچھريءَ جو اھو منھنجو ڪو پھريون تجربو نه ھو. دنيا جي ڪيترن ماڳن تي ايئن ٿي چڪو ھو ۽ ھر ڀيري اھو تجربو مونکي شاندار لڳو ھو. اوپرائپ ختم ڪرڻ لاءِ ٻولي ڪافي ناھي ھوندي، ان لاءِ پنھنجائپ جي رويي، قُربَ ۽ انساني جذبن جي ٻوليءَ جي گهرج ھوندي آھي.
ھنن ٽنهي مان جيڪو وڏو ھو، اُھو وڌيڪ قربائتو ھو ۽ ڪچھري به گهڻي ڀاڱي اُھو ئي ڪري رهيو ھو. ٻيا ٻه پنھنجي قرب ۽ پنھنجائپ جو اظھار بس کلڻ ۽ مرڪڻ سان ئي ڪري رهيا ھئا. اُھا قديم لوڪ چوڻي مونکي بيحد وڻندي آھي ته پرديس ۾ پنھنجائپ جو احساس ٿڌي ڇانوَ جيان ھوندو آھي. فارسيءَ ۾ چوندا آھن ته “همدلي از هم ‌زباني بهتر است” معنا دل جو رشتو، ٻوليءَ کان به وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. مون اَڌُ دنيا گهمي آھي، پر مونکي ته ڪٿي به اوپرائپ جو احساس ناھي ٿيندو. اوپرائپ ٻاھر نه پر دراصل انسان جي اندر ۾ ھوندي آھي. ھنن مان مُک دوست جو نالو اليڪسيندر ھو، جيڪو ھن مونکي گوگل ترجمي ذريعي پنھنجي فون تي ڏيکاريو، جنھن تي حيرت به ٿيم ته ھنن وٽ سڪندر جو نالو عام آھي. ھاڻي اسان ڪچھري پنھنجي پنھنجي فون تي گوگل ترجمي معرفت شروع ڪئي. ان دوران سخت ٿَڌِ ۾ ٿَڌو بيئر به پي رهيا ھئاسون. باھ تي ھَٿَ به سيڪي رهياھئاسون ۽ ترجمي ذريعي حالي احوالي به ٿي رهيا ھئاسين. ھن ٻڌايو ته ھو جرمن نه پر پولش مزدور ھئا، جن جو تعلق پولينڊ جي تاريخي شھر پوزنان سان ھو، جيڪو اولھائين پولينڊ ۾ وارتا درياهه جي ڪناري تي آباد ھو. اھو شھر ھٽلر زوريءَ جرمني ۾ 1939 ۾ شامل ڪري ڇڏيو ھو ۽ شھر جو نالو به مٽائي ڇڏيو ھئائون ۽ اھو شھر تيستائين نازي جرمني وٽ رهيو، جيستائين 1945 ۾ روس ان کي پنھنجي ھٿ نه ڪيو. مون کانئس پڇيو ته روسي تحويل بابت سندس ڇا راءِ ھئي؟ ته ھن سادي پورهيت چيو ته پولينڊ تي قبضو اھو به ناجائز ھو پر ان وقت نازي جرمني مان جندُ ڇڏائڻ جي ٻي ڪا واھَ نه ھئي. ٻيو ته روسين اسانجي مقامي تاريخي سُڃاڻپ بحال ڪرائي ۽ ھنن جي تحويل کي نازي جرمني جي قبضي سان نه ٿو ڀيٽي سگهجي. مونکي لڳو ته ھن پولش پورهيت جو سياسي شعور پختو ھو ۽ ھن تي پولش وطن دوستيءَ جو جذبو غالب ھو. ساڻس گڏ ٻه نوجوان ھمراھ بس رڳو مرڪي ۽ کِلي رهيا ھئا، جيڪي اليڪسيندر جا ڀڻيجا هيا ۽ ساڻس گڏ ڪنھن ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندا ھئا. سندس پُڇڻ تي مون کين ٻڌايو ته مان 2001 ۾ جرمني جي شھر ميگديبرگ کان سرحد لڳ پولينڊ جي شھر اسٽوبائيس گمرسباخ اڪيڊمي ۾ گڏ پڙھندڙ دوستن سان گڏ گهمڻ ويو ھوس. اسانکي ميگديبرگ کان اسٽوبائيس پُڄڻ ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳا هيا. اھو شھر به جرمني جي مشھور شھر فرينڪفرٽ ويجهو اودر نَديءَ جي ڪناري تي واقع ھو. اُنَ نديءَ کي جرمني ۽ پولينڊ جي سياسي حد به سمجهيو ويندو آھي. ان نديءَ جو ڊيلٽا سڄي يورپ ۾ مشھور آھي، جنھن جي نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جانورن جي ھڪ وڏي دنيا آباد آھي. اسٽوبائيس جي پراڻي روايتي عوامي بازا اڄ به منھنجي يادن ۾ جيئري ۽ تازي آھي. مان اڪثر تصورن ۾ ان ۾ پيو رولاڪيون ڪندو آهيان. پولينڊ جي سڀ کان حسين ڳالهھ مونکي سندن قدآور عورتن جي ڳاڙھسري ڳوري رنگَ تي ڀنئور ڪارا وارَ ۽ سندن نيريون، سايون ۽ سُرمئي اکيون لڳنديون آھن. لڳندو آھي، پولش عورتون ڪنھن رومانوي مصور جي ڪئنواس تان تيار ٿي اُڏري اينديون آھن.

Sarangaa پولش پورهيتن جي پنھنجائپ ۽ ميونخ جي ھڪ اڻ وسرندڙ رات!

ھاڻي اسان فون بجاءِ ليپ ٽاپ تي گوگل ٽرانسليٽر ذريعي ڪچھري ڪري رهيا ھئاسون. پنھنجي ديس جون ڳالهيون ۽ تعريفون ٻُڌي ھو اصل ٻَھڪي پيا.ھنن چيوته ھو اصل ۾ پوزنان شھر لڳ ھڪ ڳوٺَ ۾ رھندا آھن ۽ ڪمپنيءَ طرفان ھتي ڪم ڪار لاءِ پيا ايندا آھن. ھنن جي رسمي تعليم گهڻي نه ھئي، پر سندس سياسي شعور پختو ھو. مون جڏھن کانئس پڇيو ته پولينڊ جي حالت سوويت يونين جي دور ۾ بھتر ھئي يا ھاڻي ان کان پوءِ؟ ته سندس جواب دلچسپ ھو. ھن چيو ته پوڙھو نسل سوشلسٽ نظام کي اڃا به ساري ۽ پسند ڪري ٿو، پر نئون نسل سرمائيداريءَ ڏانھن لاڙو رکي ٿو. اليڪسيندر جا ٻئي ڀاڻيجا گوشت رڌڻ ۽ ووڊڪا پيئڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيا ھئا ۽ ھنن جي ڪچھريءَ ۾ شرڪت بس کلڻ ۽ معصوميت سان مُرڪڻ ذريعي ئي ھئي. مان سفر ۾ هميشه پاڻ سان ننڍا اسپيڪر کڻندو آهيان ۽ ڪچھريءَ جيئن جيئن مَچڻ شروع ڪيو ۽ ووڊڪا خُمار چاڙھڻ شروع ڪيا ته ليپ ٽاپ تي موسيقي ھلائڻ شروع ڪيم. موسيقي کان سواءِ مونکي زندگي ٻُسي لڳندي آھي. ھاڻي اسانجي وڏي ھال نما ڪمري ۾ ھونئن به قربائتي ڪچھري، سوادي کاڌي جي خوشبو، پھرين بيئر ۽ پوءِ ووڊڪا جي ڪيفَ ماحول شاندار جوڙي ڇڏيو ھو. وري جو موسيقي ھلي ته ويتر ماحول بيحد وڻندڙ ٿي ويو. ايتري ۾ ڏٺم ته اليڪسيندر جي ننڍي ڀاڻيجي اُٿي جهُومڻ شروع ڪيو. لڳ ڀڳ ساڳيو اسان واري جهُمر وارو انداز هيس. اصل ۾ ٻھراڙين جي ماڻهن جو مزاج، رويو ۽ ڪلچر گهڻي ڀاڱي ساڳيو ٿئي. مون اھو سڄيءَ دنيا اندر ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي. ھن ٻئي نوجوان کي به اشارو ڪيم ته ھو به اُٿيو ۽ ساڻس جُهمر ۾ شامل ٿيو. بي خوديءَ جو رقص آھي به ايئن جو ڪيفيت، خيال ۽ جسم ھڪ وحدت ۾ پوئجي ويندا آھن. بي خوديءَ جو رقص زماني جي مڙهيل بندشن کان آزاد ٿيڻ جو نالو آھي. اليڪسيندر پنھنجن ٻنهي ڀاڻيجن کي ايئن بي خوديءَ ۾ رقص ڪندي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ته سندس ننڍو ڀاڻيجو گهڻو لَڄاڙو آھي ۽ ڳالهائيندو ئي گهٽ آھي. مون کيس چيو ته ھو ھاڻي “مي رقصم” جي ٻوليءَ ۾ دل کولي ڳالهائي رهيو ھو. ھن کي پنھنجي باطن جون دريون کولڻيون هيون، سو ھن لاءِ اُھا گهڙي اچي وئي ھئي. اسان به ڪجهھ دير ھنن سان گڏ ھَٿَ کنيا ۽ ان گهڙيءَ ۾ داخل ٿياسون، جيڪا اھڙي ماحول ۾ پاڻَ مُرادو اچي وئي ھئي.
اليڪسيندر گوشت بلڪل ايئن ٺاهيو ھو جيئن اسان وٽ گوشت کي ڀُڃبو آھي. ماني ھاڻي تيار ھئي ۽ سڀ چُلهي جي چوڌاري ننڍين صندلين تي ويھي رهياسون، جيڪي ھنن پاڻ سان صندوق ۾ آنديون هيون. دلچسپ ڳالهھ اھا ھئي جيڪا مونکي وڻي ته گوشت سان گڏ ماني نه ھئي، پر ھنن سفيد اوٻاريل چانور ٺاهيا هيا. مون کين ٻڌايو ته منھنجو اصل تعلق سنڌ ۾ جنھن علائقي سان آھي، اُھو به چانورن جو علائقو آھي ۽ اسان وٽ ايئن چانورن سان گوشت کائڻ جو رواج عام آھي. اليڪسيندر ان تي دلچسپ ڳالهھ ڪئي ته صنعتي انقلاب ۽ بيڪرين کان اڳ صدين کان وٺي وٽن سال جو گهڻو وقت سخت ٿَڌِ ۽ ٻَني ٻارو نه ھئڻ سبب ماڻهو يا ته رڳو گوشت کائيندا هيا يا وري ان سان گڏ ٽانڊي تي پڪل ٻَٽالو کائيندا ھئا. مان جرمني ۾ گهڻو گهميو ۽ رهيو آهيان. گمرسباخ اڪيڊمي ۾ اسانجو ھڪ جرمن استاد چوندو ھو تاريخ ۾ يورپ کي ٻَٽالن بچايو آھي جو ڏُڪارن ۾ اُھا واحد خوراڪ ھئي جيڪا ماڻهو پنھنجن گهرن جي آڳُرن ۾ پوکيندا ۽ پيدا ڪندا هيا. سترهين کان اُڻويھين صدين تائين يورپ ۾ خوراڪ جي ڪري آبادي ۾ واڌ کي “ٻَٽالوُ انقلاب” سڏيو ويندو آھي. سال جو گهڻو وقت ٿَڌِ ۽ ٻين ماحولياتي سببن جي ڪري يورپ جي ماڻهن اسان ايشيائي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ قديم ۽ وچولي دورن کان صنعتي انقلاب تائين وڌيڪ بُکون، ڏُڪارَ ۽ وَبائون ڏٺيون. اسان ڊگهو وقت ماني کائيندا، ووڊڪا پيئندا ۽ انيڪ سادن موضوعن تي ڪچھري ڪندا رهياسون. ٻاھر سخت سيءُ ھو ۽ ھاسٽل جي ڊوميٽري ۾ ھنن اوپرن ماڻهن سان پنھنجائپ جي ماحول ۾ ڪچھري اسانجي شام کي بيحد حسين، يادگار ۽ لطيف بڻائي ڇڏيو ھو. ھي پورهيت ھئا، ان ڪري ڪم چور نه ھئا. ماني ۽ ڪچھري پوري ٿي ته ھنن سڀ ٿانوَ ايئن ڇڏي ڏيڻ بدران ڌوئي صاف ڪري، ساڳي پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيا.
صبح جو مان به سوير اُٿيس جو مونکي ريل ذريعي آسٽريا جي تاريخي شھر سالسبرگ وڃڻو ھو. ھي دوست به سوير اٿيا ۽ تيارين ۾ ھئا. مون جڏھن کين ٻُڌايو ته مان ھاسٽل ۽ ميونخ مان سالزبرگ وڃي رهيو آهيان ۽ ھفتي کان پوءِ ورندس ته هو اُداس ٿي ويا. ھنن چيوته مان ساڻن سندن ڳوٺ ھلان. دل ته منھنجي به چيو ٿي ته اھڙن سادن ۽ سَچن پورهيت دوستن سان سندن ڳوٺ وڃجي، پر سالزبرگ ۾ منھنجي رھائش جي بڪنگ ٿيل ھئي. اسان ھاسٽل جي ڪيفي ۾ ڪافي گڏجي پيتي. هينئر اسان جي ڪچھري گوگل ترجمي جي محتاج به نه ھئي. ھنن پولش ڳوٺاڻن پورهيتن جي اکين مان سندن دلين جو سچو قرب تجليون ڏئي رهيو ھو. اسان ھڪ ٻئي کان ڀاڪرَ پائي موڪلايو. ھاسٽل جي سامهون ئي ميونخ جي ريلوي اسٽيشن ھئي ۽ ڪجهھ ئي دير ۾ مان اسٽيشن جي پنجين نمبر پليٽ فارم تي هيس. ريلوي اسٽيشن ھونئن به ملڻ ۽ وڇڙڻ جون جايون هونديون آھن، سو مون تي به ھڪ ھلڪي اُداسيءَ جي ڪيفيت طاري ھئي، جنھن جو سبب ھنن سٻاجهن پولش پورهيتن جو قرب ۽ محبت ھئي. زندگي عجيب ابتڙ ڪيفيتن جي جدلي تعلق جو نالو آھي. ريل ھلي ۽ سالزبرگ جي گهٽين ۾ رولاڪين جو جيئن ئي خيال آيو ته داخلي ڪيفيتون ميونخ مان سالزبرگ منتقل ٿي ويون هيون ۽ منھنجيون نظرون دريءَ کان ٻاھر تيزيءَ سان بدلجندڙ منظرن ۾ کُتل هيون، پر تخيل جا پيرَ سالزبرگ ۾ موزارٽ جي گهر واري گهٽيءَ ۾ پُرڪيف رولاڪيون ڪري رهيا ھئا.
(ميونخ مان سالزبرگ ويندي، ريل جي سفر دوران لکيل ڊائري، صبح جو سوا نائين وڳي. اَٺاويھين نومبر ٻه ھزار ٻارنھن)

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا