عمر جو اھو حصو جيڪو اڪثر چاليھن سالن کان پوءِ شروع ٿيندو آهي، انسان پاڻ سان ايماندار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. سموري دنيا جي روين کي پنھنجيءَ ذات جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري، پاڻ جج به ٿيندو آهي ته وڪيل به…
چاليھن پنجيتاليھن سالن کان پوءِ اسان مان ڪيترن کي اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته زندگيءٓ جو ھڪ وڏو حصو اسان جيئا ئي نه آهيون. ذميواريون هيون، ماڻهو هئا، پنھنجن جون، دنيا جون توقعات هيون، جن ۾ پاڻ کي ڀت ۾ ڪوڪي جيان فٽ رکڻو هيو. سو ڀت ۾ لڳل ڪوڪي ۾ هڪ خالي هينگر وانگي زندگي گذاري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان انهن سڀني جي وچ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڪٿي وساري يا وڃائي ويھندا آهيون.
ڪي ماڻهو ان عمر ۾ مذهب ڏانھن وڌي ويندا آهن، ڄڻ ان ذريعي پنھنجي اندر جو خالي پڻو ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪي ٻيا، پنھنجي ٻالڪپڻي ۽ جوانيءَ کي وري جيئڻ جو خواب ڏسڻ لڳندا آهن. سندن خواھش ھوندي آھي تہ خدا کين ھڪ ٻيو موقعو ڏئي ۽ ھو وري سانڀر واري عمر کان جيئن شروع ڪن.
پر سچ اهو آهي ته نه ذميواريون ئي ختم ٿيڻ جو نالو وٺنديون آهن، نه ئي دنيا يا پنھنجا ان ڳالهه جو ڪڏھن اعتراف ڪندا آهن ته توهان ڪيڏي قرباني ڏني. ڪيترو پنھنجي حصي جا ڪم بھتر نموني ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جسماني پورهيو جتي ختم ٿيندو آهي، اتان کان ذهن تي پورهئي جي ٻيڻي ذميواري اچي ويندي آهي. تدهن به اسان کي محسوس ڪرايو ويندو آهي ته جيترو ڪرڻو هيو، اوترو نه ڪيو ويو. پر زندگي تڏھن به هلندي رهندي آهي.
وقت گذري وڃڻ کان پوءِ سمجهه ڪنھن ڪم جي نه لڳندي آهي.
اهو سوال اسان سڀني جي خيال ۾ ڪنھن نه ڪنھن رات ضرور ٻرندو آهي. جڏهن آئينو سامهون هوندو آهي ۽ چھرو پاڻ کان سوال پڇندو آهي ته “تون ڪير آهين؟ تو پاڻ لاءِ ڇا ڪيو؟” ان وقت جواب جي شڪل ۾ رڳو خاموشي هوندي آهي يا اسان پاڻ سان نظرون نه ملائڻ چاهيندا آهيون.
اسان جيڏو وقت ٻين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ لڳايو، ايترو پاڻ ڏانھن نه موٽياسون. ۽ پوءِ، جڏهن ٿورو ساهي ملندي آهي، ته اندر مان آواز اٿندو آهي: “مون کي جيئڻو آهي، مون کي پنھنجي حصي جو جيئڻو آهي.”
ڪجهه ماڻهو ان عمر ۾ واقعي جيئڻ شروع ڪندا آهن. نوان شوق ڳوليندا آهن، سفر ڪندا آهن، ڪتاب پڙهندا، خاموش خوشيون ڳوليندا آهن، پاڻ سان دوستي ڪندا يا پراڻا دوست ڳوليندا، انهن سان رابطا ڪندا، ملندا آهن. اهي خوش قسمت آهن.
ٻيا پر پڇتاءَ ۾ پڄاڻي ڪندا آهن. ڇو نه ڪيو، ڇو نه چيو، ڇو نه جيئاسون، اهي سوال بڻجي ويندا آهن، ۽ پاڻ کان پڇاڻن جي اھڙي پڇتاءَ ۾ ئي عمر گذري ويندي آهي.
البته ان سموري صورتحال کي سمجهندي به ڪي ڪردار اھڙا بہ آھن، جيڪي آخري ساھ تائين ذميوارين ۾ ئي رهندا آهن. نه انهن کي ڇڏي سگهندا آهن، نه انهن مان نڪري سگهندا آهن، نه ان ۾ پاڻ لاءِ جاءِ ٺاهي سگهندا آهن. اهي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل ماڻهو آهن. دنيا جي نظر ۾ به، ۽ پنھنجي نظر ۾ به.
پر ڇا دير گھڻي ٿي وئي آهي؟
نه.
دير تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن توهان فيصلو ڪيو ته دير ٿي وئي. زندگي جيئڻ لاءِ ڪا مخصوص عمر مقرر نه آهي. چاليھه سال تجربي جي دولت آهي. نادانيءَ جي نه. جيڪي سال گذريا، انهن مان سکيل سبق ئي اصل سرمايو آهي.
پر ان لاءِ هڪ ڳالهه ضروري آهي، ته پاڻ سان ايماندار ٿجي. اهو قبول ڪرڻ ته مون گهڻو ڪجهه انهن جي خوشيءَ لاءِ ڇڏيو، جيڪي ڪڏھن قدر ئي نه ڪري سگهيا. اهو سمجهڻ ته خود کي وساريو، اھا ڪا خوبي نه هئي، اھو هڪ نقصان هو. پنھنجي لاءِ جيئڻ جي خواهش کي هڪ خود غرضي ٻڌائي ويندي آهي ڄڻ پنهنجي زندگي ٻين جو قرض هجي، ۽ پنهنجي ذات لاء جيئڻ گناھ هجي.
پر هڪ ڳالهه ياد رکجي، تي
زندگي ٻيھر نه ملندي. نه ٻالڪپڻو واپس ايندو، نه اها جواني جيڪا جيئڻ جا خواب ڏسندي هئي. پر” اڄ ” اڃا توهان جو آهي. ان ۾ هڪ فيصلو ڪري سگهجي ٿو, پنھنجي لاءِ وقت ڪڍڻ جو، پنھنجي آواز ٻڌڻ جو، پنھنجي خوشيءَ کي ذميواري جيترو ئي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جو…
ڇو ته پڇتاءُ ڪرڻ آسان آهي، پر ذميدارين جي زنجيرن کي گهرگهلو ڪري جيئڻ لاءِ همٿ گهرجي.
