Homeادبيادگيريوناستنبول ئي منھنجو مقدر آھي (اورحان پامڪ)

استنبول ئي منھنجو مقدر آھي (اورحان پامڪ)

مون ڪڏهن بہ استنبول نہ ڇڏيو آھي. ۽ نہ وري مون اُهي گهر، اُهي گهٽيون، يا وري پنھنجي ننڍپڻ جا پاڙا ڇڏيا آھن. جيتوڻيڪ آئون وقت بہ وقت استنبول جي مختلف علائقن ۾ رهيو آهيان، پر پنجاهہ سالن کان پوءِ آئون وري انهن ئي ‘پاموڪ اپارٽمينٽس’ ۾ آھيان، جتي منھنجيون پھرين تصويرون ڪڍيون ويون هيون ۽ جتي، منھنجي ماءُ مون کي پھريون ڀيرو پنھنجي ٻانھن ۾ کڻي دنيا ڏيکاري هئي.
اسان هڪڙي اهڙي دور ۾ رهون ٿا جيڪو عالمي طور تي ڌرتي ڇڏيندڙ ۽ لڏيندڙ تخليقڪارن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن منھنجي لاءِ اهو ٻڌائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي تہ آئون نہ رڳو ساڳي شھر، پر ساڳي ئي عمارت ۾ ڇو رهيو پيو آهيان. منھنجي ماءُ جو ڳڻتيءَ ڀريو آواز مون کي ياد ايندو آھي، “تون ڪجهہ وقت لاءِ استنبول کان ٻاهر ڇو نٿو نڪرين؟ تون پنھنجو ماحول بدلائڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ ڪجهہ سير سفر ڪر…”
ڪانرڊ، نابوڪوف، نائپال اهڙا اديب آهن جيڪي ٻولين، ثقافتن، ملڪن، کنڊن، بلڪہ تھذيبن جي وچ ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آھن. انهن جي تخيل کي جلاوطنيءَ مان اھڙي سگهه ملي جيڪا ڌرتي ۾ پاڙون ھئڻ مان نہ، پر بي پاڙي هئڻ مان حاصل ٿيندي آھي. پر، منھنجي تخيل جي گھرج آهي تہ آئون ساڳي شھر، ساڳي گهٽي ۽ ساڳي گهر ۾ رهان ۽ ساڳيو ئي منظر ڏسان. استنبول جو مقدر ئي منھنجو مقدر آهي. آئون پنھنجي شھر سان انھيءَ ڪري جڙيل آهيان ڇو تہ آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان، سو منھنجي شھر جي ڪري آھيان.
فرانسيسي ناول نگار گستائو فلابرٽ، منھنجي ڄم کان 102 سال اڳ استنبول آيو هو. ھُو هتان جي مختلف قسمن جي ماڻهن سان ڀريل گهٽين ۽ ڀرپور زندگيءَ کان تمام گهڻو اتساھڪ ٿيو هو. پنھنجي هڪڙي خط ۾ ھُن اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ هڪ صديءَ کان پوءِ هيءُ شھر دنيا جو گاديءَ جو هنڌ هوندو. پر ٿيو اُنهيءَ جي بلڪل ابتڙ. عثماني سلطنت جي خاتمي کان پوءِ، دنيا تقريبن وساري ڇڏيو تہ استنبول جو ڪو وجود بہ آهي. جنهن شھر ۾ آئون پيدا ٿيس، اهو اُنهيءَ وقت پنھنجي ٻن هزار سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب، بدحال ۽ اڪيلو هو. منھنجي لاءِ اُھو هميشہ پراڻن کنڊرن ۽ زوال پذير سلطنت جي اداسيءَ وارو شھر رهيو آهي. مون پنھنجي پوري زندگي يا تہ استنبول جي اُنهيءَ اداسيءَ سان جهيڙيندي گذاري آهي يا وري ٻين شھر واسين وانگي انهي اداسيءَ کي پنھنجو ڪري ورتو آهي.
زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو، پاڻ کي سڃاڻڻ جي خواھش اسان کي پنھنجي جنم جي حالتن تي سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي. اسان ڀلا دنيا جي اُنهيءَ مخصوص ڪنڊ ۾، ۽ اُنهيءَ خاص تاريخ تي ئي ڇو پيدا ٿياسين؟ جنم کان مليل اسان جا خاندان، زندگيءَ جي ڪُڻي ۾ اسان جي حصي ۾ آيل اسان جا ملڪ ۽ شھر، اسان کان محبت جي گهُر ڪن ٿا ۽ اسان بہ دل سان انهن سان محبت بہ ڪيون ٿا. پر ڇا اسان اڃان ڪنھن بھتر زندگيءَ جا حقدار هئاسين؟ آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ آئون ڪيترو بدقسمت هئس جو هڪ اهڙي پراڻي ۽ غريب شھر ۾ پيدا ٿيس، جيڪو هڪ تباهہ ٿيل سلطنت جي ڦلھيارن هيٺان دٻجي ويو هو. پر منهنجي اندر جو هڪ آواز هميشہ اصرار ڪندو آهي تہ اصل ۾ اهو ئي منھنجو ڀاڳ ھو. جيڪڏهن ڳالهہ پئسي ڏوڪڙن جي آهي، تہ آئون پاڻ کي يقينن ڀاڳوارو چئي سگهان ٿو تہ آئون هڪ آسودي گهر ۾ ان وقت پيدا ٿيس، جڏهن شھر پنجنجي زوال جي آخري حد تي هو. جيتوڻيڪ ڪجهہ ماڻهو اُنهيءَ جي ابتڙ سمجھن ٿا. بنا ڪُرڪڻ جي پنھنجي جنم جي شھر کي مون ائين ئي قبول ڪري ورتو آهي جيئن مون پنھنجي جسم ۽ جنس کي قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منھنجي خواهش هئي تہ آئون وڌيڪ سھڻو ھجان ھا يا اڃا بہ معصوميت سان پاڻ کان پڇندو آهيان تہ وڌيڪ ڀلو نہ ھجي ھا جيڪڏهن آئون عورت ٿي پيدا ٿيان ها… منھنجو شھر، منھنجي وجود جيان ئي منھنجو مقدر آهي، ۽ اُنهيءَ تي بحث ڪرڻ اجايو.
آئون ستين جون 1952 تي آڌي رات جو ‘موڊا’ جي هڪ ننڍڙي خانگي اسپتال ۾ پيدا ٿيس. مون کي ٻڌايو ويو تہ انھيءَ رات اسپتال جا ڪاريڊور ماٺا هئا، ۽ ائين ئي دنيا بہ پر امن هئي. منھنجي جنم کان ٻہ ڏينھن اڳ اسٽرامبوليني جي ٻرندڙ جبل مان اوچتو نڪرندڙ باهہ ۽ رک کان سواءِ، لڳي ٿو تہ اسان جي ڌرتيءَ تي ٻي ڪا خاص اٿل پٿل نہ ٿي هئي. اخبارون غير اھم خبرن سان ڀريل هيون. ڪجهہ خبرون ڪوريا ۾ وڙهندڙ ترڪي جي فوجين بابت هيون تہ ڪجهہ آمريڪين پاران ڦھلايل اُهي افواهہ هئا تہ م اتر ڪوريا شايد حياتياتي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو ھو. منھنجي پيدائش کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ، منھنجي ماءُ هڪ مقامي خبر ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهي هئي. ٻہ ڏينھن اڳ، قونيہ اسٽوڊنٽ سينٽر جي نگرانن ۽ “بھادر” رهواسين هڪ خطرناڪ نقاب پوش ڏوھاري کي، هڪ گهر جي وھنجڻ جاءِ جي دريءَ مان اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو هو. ھُنن گهٽين ۾ سندس پيڇو ڪيو ۽ کيس ڪاٺ جي گودام تائين وٺي ويا، جتي پوليس کي گارگند ڪرڻ کان پوءِ، اُنهيءَ ڏوهاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. سيڌو وڪڻندڙ هڪ دڪاندار سندس لاش جي سڃاڻپ لانگا نالي هڪ اهڙي ڏوھاريءٓ طور ڪئي، جنھن هڪ سال اڳ ڏينھن ڏٺي سندس دڪان ۾ گهڙي بندوق جي زور تي کيس ڦُريو هو.
منھنجي ماءُ جڏهن اُنهيءَ واقعي بابت خبرون پڙهي رهي هئي، تڏهن هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن سالن کان پوءِ ھُن مون کي پشيماني ۽ بيزاريءَ مان ائين ئي ٻڌايو هو. منھنجو پيءُ مونکي اسپتال پھچائڻ کان پوءِ ڳڻتيءَ ۾ ھو، ۽ جڏهن منھنجي ماءُ جي ويم واري حالت ۾ ڪا بھتري نہ آئي، تہ ھُو دوستن سان ملڻ هليو ويو هو. ويم واري ڪمري ۾ ساڻس رڳو منھنجي ماسي هئي، جيڪا اڌ رات جو اسپتال جي باغ جي ڀت ٽپي اندر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. منھنجي ماءُ جڏهن پھريون ڀيرو مون تي نظر وڌي، تہ کيس آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٻرو ۽ نازڪ لڳو هوس.
ھتي اھو آئون ٻڌائيندو ھلان تہ ترڪي ٻوليءَ ۾ اسان وٽ هڪ خاص زمان هوندو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌل ڳالهہ ۽ پنھنجي اکين سان ڏٺل واقعي جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اسان زمان جو اھو صيغو تڏھن استعمال ڪندا آهيون جڏهن اسان خواب، پرين جون ڪھاڻيون يا اهڙا ماضيءَ جا واقعا بيان ڪندا آهيون جن جا اسان پاڻ شاھد نہ هوندا آهيون. پنھنجي زندگيءَ جي شروعاتي تجربن کي ياد ڪرڻ وقت پڻ اھو هڪ ڪارائتو فرق رکڻو آهي. اسان جا پينگها، اسان جون ٻارن واريون گاڏيون، اسان جا پھريان قدم اهو سڀ ڪجهہ اسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جو ٻڌايل هوندو آهي. اسان پنھنجي باري ۾ اُهي قصا ائين ئي پوري توجهہ سان ٻڌندا آهيون ڄڻ ڪنھن ٻئي فرد جو دلچسپ قصو ٻڌندا ھجون. اهو احساس اھڙو ئي دلچسپ ھوندو آهي ڄڻ پاڻ کي خواب ۾ ڏسڻ. پر اسان کي اُنهيءَ جي وڏي قيمت ڀرڻي پوندي آهي. هڪ دفعي جڏهن اسان جي ذهنن ۾ پاڻ بابت اُھي ٻين جون ٻڌايل ڳالهيون نقش ٿي وينديون آھن تہ اُھي، اسان لاءِ پنھنجين سندين يادگيرين کان وڌيڪ اهم ٿي وينديون آھن. جنھن نموني اسان پنھنجي زندگيءَ بابت ٻين کان ڄاڻون ٿا، ائين ئي اسان پنھنجي شھر بابت بہ پنھنجو تصور ٻين جي ٻڌايل ڳالهين مطابق جوڙيندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن آئون پنهنجي شهر ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌل ڪھاڻين کي پنھنجو سمجهي وٺندو آهيان، تہ منھنجي دل چاهيندي آهي تہ چوان ”هڪڙو زمانو هو جڏهن آئون تصويرون ٺاهيندو هوس. مون ٻڌو آهي تہ آئون استنبول ۾ پيدا ٿيو هوس. ۽ آئون سمجهان ٿو تہ آئون ٿورو عجيب ٻار هوس. پوءِ، جڏهن آئون ٻاويھن سالن جو ٿيس، تہ لڳي ٿو ڄڻ مون بنا ڪنھن سبب جي ناول لکڻ شروع ڪري ڏنا.“ آئون چاهيان ٿو تہ پنھنجي سڄي ڪھاڻي اهڙي طرح لکان تہ ڄڻ منھنجي زندگي، ڪنھن ٻئي سان پيش آيل واقعو هجي. ڄڻ تہ اُهو ڪو خواب هجي جنھن ۾ مون کي پنھنجو آواز جهيڻو ٿيندي ۽ پنھنجي مرضيءَ کي ڪنھن طلسم جي حوالي ٿيندي محسوس ڪيو هجي. داستان جي ٻولي ڪيتري بہ خوبصورت هجي، پر مون کي اها بي اعتباري لڳندي آهي. ڇو تہ آئون اهو قبول نٿو ڪري سگهان تہ اسان جي صفا اوائلي زندگيءَ بابت اُهي قصا اسان کي پنھنجي اصل زندگيءَ لاءِ تيار ڪن ٿا جيڪا اسان جي سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون جھڙن ماڻهن لاءِ اها ٻي زندگي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي، پر اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو هن وقت توهان جي هٿ ۾ آهي. تنھنڪري، پيارا پڙهندڙو، پوري توجهہ سان پڙهو. مون کي توهان سان سچ ڳالهائڻ ڏيو، ۽ بدلي ۾ آئون توهان کان همدرديءَ جو طلبگار آهيان.
(اورحان پامڪ جي ساروڻين جي ڪتاب ”استنبول“ جي پھرئين باب مان کنيل ٽڪرو)

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا