Homeادببلاگڪاوڙ کي دٻائي جيئندڙ ڇوڪري

ڪاوڙ کي دٻائي جيئندڙ ڇوڪري

ھوءَ تھجد وقت لکندي آهي!

جڏهن هوءَ سوچڻ جھڙي ٿي، تڏهن ڊپ اڳ ۾ ئي اندر اچي ويٺو هئس. مهمان وانگر نه، مالڪ وانگر، مڪمل حاوي ٿيل.

ياد ناهي ڪڏهن آيو. بس هوءَ رانديڪن کان اڳ، کلڻ کان اڳ، ان ڳالهه کان اڳ جنھن کي “ٻالڪپڻ ” چوندا آهن، جيڪو هلڪو هجڻ گهرجي ها….پر ڀاري ھيو.
ٻيا ٻار گهٽيءَ ۾ راند ڪندا هئا. هوءَ ڏسندي رهندي ھئي، پاڻ کيڏندي نه هئي. ڇو ته
سٺيون ڇوڪريون ٻاهر کيڏڻ نه وينديون آهن.

ٻيا ٻار بي اختيار وڏي پر اعتماد آواز سان کلندا هئا، هڪ ٻئي کي سڏيندا هئا، بس خوشيءَ خاطر شور ڪندا هئا. پر هن جلدي سمجهي ورتو ته سندس کلڻ جو آواز هڪ حد کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. سندس خواهشن جي ماپ هجڻ گهرجي. “نه” لفظ ھن جي لغت ۾ ئي شامل نه ڪيو ويو هيو.

ھن صرف “ها” چوڻ سکي هئي. ان لاءِ نه ته ڪنھن اکر نه سيکاريا ھيس، پر ان لاءِ ته جڏهن به هوءَ سوچيندي هئي، ٻڌندي هئي ته وڏن کي انڪار ڪرن بي ادبي آهي، ائين هن پنھنجيءَ سوچ پنھنجي خيالن مان “نه” لفظ ڪڍي ميساري ڇڏيو. پر ڪا ڀاري شيءِ ان کي واپس ڌڪيندي هئي. لحاظ، مروت، ادب، وڏن جو احترام…ھن اھو ڪجهه سکيو ھو. ڄمڻ سان خاموشي ۽ نوڙت جي اخلاقيات تي ئي هلڻ سکيو ڪيائين. اڳ ئي رستو طع ٿيل اها ڇوڪري جھڙو روبوٽ هجي.
توهان چونڊ نه ٿا ڪريو، اهو بس توهان ٿي ويندا آهيو.

هوءَ سٺي ڌيءُ هئي.
سٺين ڌيئن جون سھيليون نه هونديون آهن.
سٺيون نياڻيون ڊائجسٽ نه پڙهنديون آهن.
سٺيون نياڻيون ٽيليويزن تي ڊراما نه ڏسنديون آهن، نه وري ڪنھن ڳالھ تي ٽھڪ ڏئي زور سان کلنديون آهن.
سٺيون ڌيئون وڏن سان اکيون ملائي نه ڳالهائينديون آهن. وڏا هميشه صحيح هوندا اهن، انهن پيدا ڪيو هوندو آهي، انهن جو ئي ڌيئن تي لق هوندو آهي. اهي پنهنجن فيصلن، پنهنجين انائن تي ڌيئن جي قرباني ڪري ڇڏيندا آهن. بنا پنھنجي ضمير تي ڪو بوجهه رکندي. ڇو ته هو پيدا ڪندڙ يا پاليندڙ آهن، ته انهن جو ئي انهن ڌيئن، ڀينرن تي حق هوندو آهي. جيئارڻ، چيچلائن، سکيو رکڻ يا مارڻ.

هوءَ اهڙا ڪيترا ئي خيال پنھنجي ذهن ۾ آڻيندي، گم ٿيڻ ۾ تمام ماهر ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڳوڙهن جو سمنڊ اٿلي پوندو هئس ته ڪڏهن خاموش ٽھڪ ڏيندي هئي.
وڏن وٽ لٺ ۽ چٺ وارو معاملو هوندو آهي. ايئن دوکي ۾ رکندا آھن جيئن هو فيصلو نه ڪري سگهي ته هن سان ظلم، زيادتي، نا انصافي ٿيندي آهي يا هوءَ ناشڪري آهي.
بھرحال، هن کي گهر جي چوديواري اندر آزادي به هئي.
هوءَ سائيڪل هلائيندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن پينٽ ۽ شرٽ پائيندي هئي. بس کيس ايتري ئي آزادي ميسر ھئي
هوءَ هڪ وڏي شھر جي آرامده گهر جي لاڏلي ڌيءَ هئي ۽ انهيءَ تضاد ۾ ساهه کڻندي هئي.
هوءَ لکندي هئي. جڏهن ڏينھن تمام ڳرا لڳندا هئا، ننڊ مان اُٿي لکندي هئي، اڌ رات جو اونداه ۾ پين سان پني تي اندازي سان لکندي هئي. خيالن کي قيد ڪرن چاهيندي هئي. جيئن صبح جو وسري نه وڃي. جيڪو گذريو، جيڪو ڏکيو لڳو، جيڪو چئي نه سگهي ۽ چوڻ به چاهي.
ٽي وي تي ٻارن جو سنڌي موسيقيءَ جو پروگرام نشر ٿيندو هيو، جيڪو هوءَ شوق سان هلڪي آواز ۾ ٻڌندي هئي. جڏهن سندس والد گهر ۾ نه هوندو هيو. ان پروگرام ۾ خط لکيا هيا…. ايئن هڪ ڏينھن اوچتو هن پنھنجا لفظ، ان پروگرام ۾ ٻڌا….
چنڊ ماما وڻندو آهين، ڏاڍو سٺو لڳندو آهين….. هوءَ ايڏو خوش ٿي، جيڏو عيد تي به خوش نه ٿي هوندي.

هن پنھنجي پيءُ کي نه ٻڌايو. سٺيون ڌيئون اهڙا ڪم نه ڪنديون آهن، ۽ اها ڳالهه هن اڳ ۾ ئي سکي ورتي هئي. سو هن اهو فخر اڪيلي، سيني اندر، پاڻ سان رکيو.
هوءَ ننڍي ٻار هئي. پر هن اڳ ۾ ئي سکي ورتو هو ته خوشي خاموشيءَ سان، اڪيلي، پنھنجي اندر جي ڪنھن خانگي ڪمري ۾ ملهائجي.
ڪو نه ٻڌائيندو آهي ته ڊپ ۽ لحاظ ۾ نڪتل ٻار ڇا ڪندو آهي.
ٻارخاموشيءَ سان مري ويندو آهي.
ڪو اعلان نه ٿيندو آهي. والدين کي خبر نه پوندي آهي. گهر هلندو رهندو آهي. ماني پچندي آهي. پڙهائي ٿيندي آهي. ٻار مسڪرائيندو آهي.پر ان مسڪرائڻ ۾ ننڍپڻ کان ڏيکاءُ سکي ويندو آهي.
پر ڪا شيءِ دفن ٿي ويندي آهي، خاموشيءَ سان، بنا ڪنھن رسم جي، سندس سيني جي اڱڻ ۾. بنا ڪفن جي. سندس پاڻ تي اعتماد. سندس فطري سمجهه. اهو بي لغام، بي خوف حصو جيڪو چوندو آھي تہ مان به آهيان. منھنجو وجود به آهي.
اهو حصو زمين ۾ هليو ويندو آهي. ۽ قبر تي ڪو نشان نه هوندو آهي، سو ماتم ڪرڻ به ڪير نه ايندو آهي.
بس جيڪڏهن ڪجهه ايندو آهي ته اهو غصو ۽ ڪاوڙ هوندي آھي.

ان وقت هن ان کي غصو نه سڏيو، بس ڄاتائين ته ڪا شيءِ اندر ۾ گهر ٺاهي رهي هئي، جنھن کي دٻائڻ به سکڻو آهي. هوءَ هر هفتي ڀاري، ڳرو سامان گھليندي هئي. ڪمري جي ترتيب بدلائيندي ھئي. گول گول گهمندي، الماڙي، صوفا سيٽ، پلنگ، ڊريسنگ ٽيبل، ٽيليويزن، ننڍڙا نازڪ هٿ ٿڪجي ويندا هئا، پر دماغ آرام نه ڪندو هئس. فرج صاف ڪندي، رڌڻي جي ڪنڊ ڪنڊ صاف ڪندي رهندي هئي. رڌ پچاءَ ۾ ماهر ٿر وئي ننڍڙي عمر ۾.
مهمان ايندا هئا ته تعريف ڪندا هئا، نياڻي هجي ته اهڙي سمورو گهر سنڀاليو اٿس پڙهائي سان گڏ. پر انهن کي خبر نه هئي ته خوف مان پيدا ٿيل غصو سندس هٿن مان ڳالهائيندو هو. ڇاڪاڻ تہ وات کي خاموشي سيکاري وئي هئي.
هڪ ڏينھن سٺي ڌيءُ شايد ڊپ جي وفاداري مان آزاد ٿئي ۽ خاموش غصي کي اعتماد سان مات ڏئي سگهي…
پر هوءَ اڄ به اڌ رات جو تھجد وقت جاڳي لکندي آهي، پنھنجو ڊپ، پنھنجي اڪيلائي، پنھنجو غصو….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا