Homeادبڪٿاهو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه!

هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه!

اصغر سومرو
اصغر سومرو
اصغر سومرو ھڪ نامور نوجوان ليکڪ آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ تعليم، سماج ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ توڙي حڪومتي پاليسين تي لاڀائتا مضمون ۽ بلاگ لکندو رھي ٿو.

”هو منھنجيءٓ دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“ ڪيڏو ڪرب، ڪيڏو ڏک ۽ ڪيڏي بيوسي ڀريل آهي، هن هڪڙي جملي ۾! شايد ان جي سموري اذيت اهو ئي ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنھن ڪنھن کي دل سان چاهيو هجي، پر حالتن، سماج يا زماني کيس ان محبت کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ نه ڏنو هجي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هي جملو ڪنھن عورت ڪھڙي مشھور شخص لاءِ چيو هو؟

هي ڪا عام عاشقيءَ جي ڪھاڻي ناهي. هي فلسطين جي انقلابي شاعر محمود درويش جي محبت جي ڪھاڻي آهي؛ اها محبت جيڪا هڪ اسرائيلي يھودي ڇوڪري تمر بن اَمي سان ٿي هئي ۽ جنھن جو پاڇو سڄي عمر سندس شاعريءَ تي رهيو.

فرانس جي مشھور اخبار ’لي موند‘ (Le Monde) ۾ 16 آگسٽ 2026ع تي شايع ٿيل هڪ انتھائي دلچسپ مضمون هن وسريل محبت جي ڪھاڻيءَ کي ٻيھر سامهون آندو آهي. مضمون جو عنوان ئي ڪھاڻيءَ جو الميو پنھنجي اندر سمائي ٿو: ”فلسطيني شاعر ۽ اسرائيلي رقاصا جي ناممڪن محبت.“

هيءَ اها ئي تمر بن اَمي هئي، جنھن کي محمود درويش پنھنجي مشھور نظم ”ريتا ۽ بندوق“ ۾ ”ريتا“ جي نالي سان امر ڪري ڇڏيو.

درويش پاڻ 1996ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ واضح ڪيو هو ته ”ريتا“ ڪا خيالي عورت نه هئي. اها هڪ حقيقي عورت هئي، ــ هڪ اسرائيلي يھودي ڇوڪري. سندس اصل نالو تمر بن اَمي هو.

۽ هتان کان شروع ٿئي ٿي هڪ اهڙي محبت جي ڪھاڻي، جنھن ۾ ٻن انسانن جي وچ ۾ پھرين محبت هئي، پر پوءِ آهستي آهستي قوم، سياست، جنگ ۽ بندوق اچي بيٺا.

1963ع ۾ حيفا ڀرسان شفا عمرو ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي هڪ گڏجاڻي ٿي رهي هئي. ان وقت 22 ورهين جو محمود درويش اتي پنھنجي شاعري پڙهي رهيو هو. سندس شاعريءَ کان پوءِ ڊانسرن جو هڪ گروپ اسٽيج تي آيو. انهن مان هڪ نوجوان ڇوڪري اهڙي هئي، جنھن کان درويش جون اکيون هَٽي نه سگهيون.

اها هئي تمر بن اَمي.

درويش 22 سالن جو هو ۽ تمر صرف 16 سالن جي.

تمر حيفا ۾ ڄائي نپني هئي. سندس والدين يورپ مان اچي فلسطين ۾ آباد ٿيا هئا ۽ ڪميونسٽ خيالن سان وابسته هئا. درويش ۽ تمر جون ملاقاتون وڌنديون ويون. پوءِ خط لکجڻ شروع ٿيا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ محبت جنم ورتو.

درويش تمر کي خط عبراني ٻوليءَ ۾ لکندو هو. اها ساڳي ٻولي هئي، جنھن ۾ اسرائيلي پوليس وارو ساڻس ڳالهائيندو هو ۽ عدالت ۾ کيس سزا ٻڌائي ويندي هئي؛ پر اها ئي ٻولي هن لاءِ ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا جو دروازو به هئي.

محبت لاءِ شايد ٻوليءَ جون سرحدون نه هونديون آهن.

پر سماج جون سرحدون هونديون آهن.

تمر جو خاندان امن پسند هو، پر پنھنجي ڌيءَ لاءِ هڪ فلسطيني نوجوان کي نِياڻٓي طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. 1964ع ۾ تمر جي والدين کيس درويش کان پري رکڻ لاءِ يروشلم موڪلي ڇڏيو، جتي هوءَ ڊانس جي شعبي ۾ پڙهڻ وئي.

درويش کيس خط لکندو رهيو.

محبوبه کان پري رهڻ کيس قبول نه هو. هو يروشلم تائين پھچي ويو، پر ان وقت عرب شھرين جي اچ وڃ تي سخت پابنديون هيون ۽ سفر لاءِ اجازت نامو گهربل هو. درويش غيرقانوني طور يروشلم ويو. پر هو پنھنجي محبوبه سان ملي نه سگهيو. واپس حيفا پھچڻ تي گرفتار ٿيو، ڪيس هليو ۽ کيس ٻيھر جيل وڃڻو پيو.

۽ شايد ان ئي جدائيءَ جي دور ۾ تمر کي پنھنجي محبت جي اصل حقيقت جو احساس ٿيو.

هن بعد ۾ هڪ فلمساز کي چيو:

”هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“

بظاهر هي صرف هڪ جملو آهي ــ پر سڄي محبت جي ڪھاڻي ان ۾ سمايل آهي.

پوءِ آيو 1967ع جو سال.

ڇجن ڏينھن واري جنگ اسرائيل ۽ عرب ملڪن ۾ شروع ٿي ۽ ختم ٿيڻ تائين خطي جو سياسي نقشو ئي بدلجي چڪو هو. ۽ ان ئي دور ۾ درويش جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ اهڙو موڙ آيو، جنھن کان پوءِ محبت ۽ سياست کي هڪ ٻئي کان الڳ رکڻ ممڪن نه رهيو.

تمر بن اَمي اسرائيل ۾ لازمي فوجي سروس لاءِ اسرائيلي نيوي آرڪيسٽرا (موسيقيءَ جي سازندن، گلوڪارن ۽ فنڪارن جو سٿ) ۾ شامل ٿي وئي. هيءُ ڪو عام جنگي يونٽ نه هو؛ هن ۾ گلوڪار ۽ ڊانسر شامل هئا، جيڪي اسرائيلي فوجين ۽ فوجي پروگرامن لاءِ پرفارم ڪندا هئا.

تمر پاڻ امن پسند هئي. سندس دوستن مطابق، هوءَ فوجي سروس کان انڪار ڪرڻ چاهي پئي، پر سندس خاندان جي ڪميونسٽ سوچ ۾ رياستي ادارن جو احترام ۽ فوجي سروس ادا ڪرڻ به شامل هو. آخرڪار هوءَ فوجي سروس ۾ وئي.

۽ هتي هن محبت جي ڪھاڻيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ منظر اچي ٿو.

درويش پنھنجي محبوبه کي اسرائيلي فوجي ورديءَ ۾ ڏٺو.

جنھن ڇوڪريءَ جي خوبصورتي ۽ نرميءَ تي سندس دل موهجي وئي هئي، اها ئي عورت هاڻي ان فوجي نظام سان ڳنڍيل نظر اچي رهي هئي، جنھن کي درويش پنھنجي قوم جي قبضي ۽ جبر سان وابسته سمجهندو هو.

درويش لاءِ اهو تضاد ناقابل برداشت هو.

هن تمر کي لکيو:

”مان تو ۾ هاڻي رڳو مجرم ڏسي سگهان ٿو. مون کي تنھنجي خوبصورتي ۽ تنھنجي نرمي وسارڻي پوندي.“

هي رڳو هڪ ناراض عاشق جو جملو نه هو. هي ان ماڻهوءَ جو اندروني ٽڪراءُ هو، جنھن لاءِ محبوبه هڪ انسان به هئي ۽ ساڳئي وقت هڪ اهڙي رياست جي فوج سان وابسته به، جنھن کي هو پنھنجي قوم جي دشمن طور ڏسندو هو.

درويش بعد ۾ هن تضاد کي سمجهائيندي چيو ته تصور ڪريو، توهان جي محبوبه هڪ اهڙي فوج جي سپاهي هجي، جيڪا توهان جي قوم جي ماڻهن ۽ ڇوڪرين کي گرفتار ڪري ٿي؛ پوءِ اهو تضاد صرف دل تي اثر نه ڪندو، ضمير تي به بار بڻجي ويندو.

۽ پوءِ ڦُٽي نڪتو اهو نظم، جنھن ”ريتا“ کي عربي شاعريءَ جي هڪ لازوال ڪردار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:

”ريتا ۽ بندوق.“

هڪ طرف ريتا.

ٻئي طرف بندوق.

۽ ٻنهي جي وچ ۾ جنگ، قوميت، فوج، سرحد ۽ تاريخ.

درويش لاءِ ”ريتا“ هاڻي رڳو هڪ عورت نه رهي هئي؛ هوءَ هڪ اهڙي محبت جي علامت بڻجي وئي، جيڪا دل ۾ ته زنده رهي سگهي ٿي، پر زندگيءَ ۾ مڪمل نٿي ٿي سگهي.

شايد ”ريتا ۽ بندوق“ جو سڀ کان وڏو استعارو به اهو ئي آهي:

ريتا محبت آهي؛ بندوق اها سياست آهي، جيڪا ٻن عاشقن جي وچ ۾ اچي بيھي ٿي.

وقت ٻنهي کي الڳ الڳ رستن تي وٺي ويو. محمود درويش فلسطين جو هڪ وڏو شاعر بڻجي ويو، جلاوطنيون ڏٺائين ۽ فلسطيني قومي جدوجھد جي اهم آواز طور سامهون آيو. تمر هڪ نامور ڊانسر ۽ ڪوريوگرافر بڻجي وئي.

پر ريتا درويش جي شاعريءَ مان ڪڏهن به مڪمل طور غائب نه ٿي.

1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسرائيل ۾ درويش خلاف سخت سياسي مھم هلي رهي هئي ۽ کيس نفرت جو شاعر قرار ڏيڻ واري ڪوشش ڪئي پئي وئي، تڏهن تمر پنھنجي خاموشي ٽوڙي ٽيليويزن تي ٻڌايو ته هوءَ ڪڏهن هن فلسطيني شاعر سان محبت ڪندي هئي.

۽ پوءِ هن هڪ ٻيو يادگار جملو چيو:

”هو نفرت جو ماڻهو نه آهي؛ هو محبت جو ماڻهو آهي.“

جنھن عورت سان درويش محبت ڪئي هئي، ان کي هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ”ريتا“ جي نالي سان يادگار بڻائي ڇڏيو هو. اها ئي عورت پوءِ سندس دفاع لاءِ ان وقت سامهون آئي، جڏهن اسرائيل ۾ درويش کي نفرت جو شاعر ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون.

زندگيءَ ٻنهي کي هڪ ڀيرو ٻيھر ملائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ڪيترن سالن کان پوءِ ٻنهي جي ملاقات پيرس ۾ ٿي، پر اها ملاقات مختصر رهي. وقت گهڻو گذري چڪو هو، زندگي ٻنهي کي مختلف رستن تي وٺي وئي هئي.

درويش 2008ع ۾ فوت ٿيو. تمر سندس جنازي تي نه پھچي سگهي. ڪجهه سالن کان پوءِ هوءَ رام الله وئي ۽ درويش جي قبر تي حاضري ڏني. سندس ڪتاب سندس زندگيءَ جو حصو رهيا.

۽ پوءِ 25 فيبروري 2026ع تي تمر بن اَمي به برلن ۾ 79 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي ــ پنھنجي ان پھرين محبت کان 18 سال پوءِ، جيڪا سندس زندگيءَ ۾ نه اچي سگهي، پر سندس دل مان ڪڏهن نڪري نه سگهي.

شايد دنيا جي هزارين محبت ڪھاڻين مان ڪجهه اهڙيون هونديون آهن، جن جو حسن انهن جي ڪامياب انجام ۾ نه، پر انهن جي نامڪمل رهجي وڃڻ ۾ هوندو آهي.

تمر جو اهو جملو وري ذهن ۾ گونجي ٿو:

”هو منھنجي دل ۾ هو، پر منھنجي زندگيءَ ۾ نه.“

۽ محمود درويش ان نامڪمل محبت کي هڪ نظم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو:

ريتا ۽ بندوق.

محمود ۽ ريتا جي سچي محبت هئي؛ پر ٻنهي جي وچ ۾ وطن، قوم ۽ تاريخ اچي بيٺا. هن ڪھاڻيءَ جو الميو اهو ئي آهي ته محبت ٻنهي جي دلين ۾ آخر تائين زنده رهي، پر زندگيءَ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا